Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_rdj8fus2jorg6jv3k7tjgp25ec, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ ٺهيل آرڊيننس ۽ اٿارٽي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ ٺهيل آرڊيننس ۽ اٿارٽي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ ٺهيل آرڊيننس ۽ اٿارٽي

تازو ميريٽائيم افيئرس (سامونڊي معاملن)واري وفاقي وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اشتهار جاري ڪيو. ان ئي ويب سائيٽ تي پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جو صدارتي آرڊيننس به موجود آهي. اهو آرڊينس 2 سيپٽمبر تي گزيٽ جو حصو بنيو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته صدارتي آرڊيننس جاري ٿيندو آهي ته ان جو ميڊيا ۾ لازمي طور ذڪر ٿيندو آهي. پر اها اچرج جي ڳالهه آهي ته ايترو عرصو اڳ جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس تي سنڌ سرڪار به اڻ ڄاڻ يا ماٺ رهي ميڊيا ۾ ڪا خبر نه آئي. صدارتي آرڊيننس جو ڪنهن صوبائي حڪومت کي پتو نه هجي. اهو ممڪن نه ٿو لڳي. ان معاملي تي ماٺ رهڻ کي سواءِ رضامندي جي ٻيو ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.
گذريل مهيني دوران صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪراچي جي سيٺين سيڙپڪارن سان سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي گڏجاڻيون ڪندا رهيا. سنڌ جا ماڻهو اهو سوال ڪندا رهيا ته هي صاحبان ڪهڙي طرح انهن ٻيٽن بابت گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن. جن تي وفاق کي ڪو آئيني اختيار ئي حاصل ناهي، هي آرڊيننس سامهون اچڻ کان پوءِ پئو پيو ته ان جي پٺيان ها ڪاغذي ڪارروائي ٿي چڪي هئي. جيڪا عوام اڳيان پڌري ئي نه ڪئي وئي هئي.
ان صدارتي آرڊيننس کي پاڪستان آئلينڊز ڊولمينٽ اٿارٽي جي قيام وارو حڪمنامو قرار ڏنو ويو آهي .
آرڊيننس جي لاڳو ٿيڻ وارن علائقن کي شيڊول ون ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ ڄاڻايو ويو آهي. البته اها ڳالهه سچي آهي ته اهي ٻيٽ وفاق جي حوالي ٿي ويا ته پوءِ هوريان هوريان سموري ساحلي پٽي وفاق والاري وٺندي، ان عمل جو غلط بنياد هي آرڊيننس آهي.
آرڊيننس ۾ پاڻي جي حدن لاءِ Territorial waters and Maritime zones act 1976 جو حوالو ڏنو ويو آهي ان ايڪٽ ۾ ٽيريٽوريل واٽرس جي حد زمين جي مٿاڇري کان سمنڊ اندر 12 ناٽيڪل ميلن (هڪ ناٽيڪل ميل = 1.8 ڪلو ميٽر) تائين ڄاڻايل آهي،ياد رهي ته پاڪستان جي اونهي سمنڊ واري ماهيگيري جي 2018ع واري پاليسي هيٺ 12 ناٽيڪل ميلن تائين صوبائي حڪومتن جي حد آهي. اهو ذڪر ان پاليسي جي فشنگ زونس واري ڀاڱي ۾ آهي، مزي جي ڳالهه تي اها پاليسي به ميريٽائيم افيئرز واري وزارت پاران جاري ڪيل آهي. ٻين لفظن ۾ ان آرڊيننس کي لاڳو ڪرڻ واريون حدون صوبي جي انتظام هيٺ آهن. ٻيٽن بابت اٿارٽي واري آرڊيننس جي باب ٻيٽن (صحفو5) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان اٿارٽي جي مکيه آفيس ڪراچي ۾هوندي. ٽئين باب ۾ ڄاڻايو آهي ته وزير اعظم ان اٿارٽي جو سرپرست هوندو. ان اٿارٽي کي هلائڻ لاءِ پنجن کان يارنهن ميمبرن تي ٻڌل پاليسي بورڊ به جوڙيو ويندو. ان بورڊ جي سرواڻي چيئرمين ڪندو. جنهن کي پنجن سالن لاءِ مقرر ڪو ويندو.
ان اٿارٽي جي ڪمن ڪارين بابت ڄاڻايل اختيارن ۾ هيٺيان نڪتا غور سان پڙهڻ جهڙا آهن.
1.هي اٿارٽي زمين کي نيلام ڪرڻ، ليز تي ڏيڻ لاءِ طريقي ڪار جوڙيندي.
2.هي اٿارٽي زمين جي مالڪي، ليز جي اختيارن، گروي رکڻ لائسنس ۽ قبضي ڏيڻ بابت رڪارڊ رکندي.
3.هي اٿارٽي زمين جي منتقلي يا مالڪي جي دوران سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز به اوڳاڙيندي.
4.اهو ادارو عمارتن ۽ عوامي سهولتن وارن ماڳن جي سارسنڀال بابت ڪنٽرول رکندو.
اڳتي هلي ان اٿارٽي جي اختيارن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته اها اٿارٽي گڏيل راضپي هيٺ ڪنهن مقامي حڪومت يا ڪنهن اداري کي ڪي ڪم سونپي سگهي ٿي. ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته اها اٿارٽي ڪراچي جي مقامي حڪومت سان ڪي معاهدا ڪري ان جو به انهن ٻيٽن جي معاملي ۾ ڪو ڪردار پيدا ڪري سگهي ٿي. اڳتي هلي اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اها اٿارٽي پنهنجي اختيار هيٺ مليل جائيداد(ٻيٽن جي زمين) کي ليز تي ڏيڻ ،وڪڻڻ، مٽاسٽا ڪرڻ ، مسواڙ تي ڏيڻ يا گروي رکڻ جا به اختيار رکي ٿي.
باب ٽئين جي شق 47 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اٿارٽي کيس مليل زمين کي پاڻ رکي، ليز تي ڏئي، وڪڻي مٽا سٽا ڪري يا مسواڙ تي ڏئي سگهي ٿي.
سڀ کان اهم شق 49 آهي، جنهن ۾ هن آرڊيننس ۾ ڏنل اختيار کان سواءِ ڪنهن به عدالت يا اداري کي هن آرڊيننس هيٺ ڪيل ڪنهن به ڪم يا شي جي قانوني حيثيت بابت پڇاڻي جو اختيار نه هوندو.
ان شق مان اندازو ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي کي مڪمل آئيني تحفظ ڏئي ايتري قدر محفوظ بنائڻ گهري ٿي جو ڪا عدالت به ان بابت پڇاڻي جو حق نه رکندي هجي.
ان آرڊيننس جا مٿي ڄاڻايل نڪتا پڙهي هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
اها زمين جيڪا آئين جي آرٽيڪل 172 هيٺ صوبي جي ملڪيت آهي، ان مٿان آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي وفاق پاران هڪ انتهائي با اختيار ادارو قائم ڪيو ويو آهي جيڪو ان زمين / ٻيٽن جي اڇي ڪاري جو مالڪ هوندو.
ان اٿارٽي کي مليل اختيارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها ان پاليسي بورڊ اڳيان ذميوار هوندي جنهن جو سرپرست وزيراعظم هوندو ۽ صوبي جي حڪومت کي ان تي ڪو به اختيار نه هوندو، اهڙي طرح صوبو پنهنجي ئي زمين مٿان بي اختيار هوندو.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪهڙي طرح وفاقي حڪومت اهڙو حڪمنامو صدر پاڪستان کان جاري ڪرائي ٿي سگهي جيڪو ڪنهن صوبي جي آئيني اختيارن کي اورانگهيندو هجي.
ٻي اهم ڳالهه سنڌ جي صوبائي حڪومت جو پراسرار ڪردار آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سڄو سارو مهينو اڳ جاري ٿيل اهو آرڊيننس سنڌ سرڪار کان ڳجهو رهيو. انهن ٻيٽن بابت سنڌ سرڪار وڏي واڪي دعوائون ڪندي رهي ته هي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ سنڌ ڪڏهن به انهن تان هٿ نه کڻندي، البته هن آرڊيننس بابت سنڌ سرڪار جو ڪو به موقف اڃان تائين عوام اڳيان نه آيو آهي، سنڌ جي عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت ڪهڙي به پارٽيءَ جي هجي، سنڌ جي عوام وسيلن ۽ آئيني حقن جو تحفظ ان جي ذميواري آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان صدارتي آرڊيننس بابت ڄاڻي واڻي ماٺ اختيار ڪئي آهي ته پوءِ ان کي وفاقي حڪومت جي ان غير آئيني عمل جو سهڪاري سمجهيو ويندو، هي آرڊيننس، ان ۾ ڄاڻايل اٿارٽي ۽ اها سموري رٿا ٻيو ڪجهه نه پر سنڌ جي زمين تي آئين جي اوٽ ۾ لڳندڙ ڌاڙو آهي ۽ سنڌ واسي ان کي ڪنهن به صورت ۾ درگذر نه ڪندا، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون آئيني طور سنڌ جي عوام اڳيان ان بابت جواب ڏيڻ جون پابند آهن.
سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي پارٽي مفادن ۽ لاڳاپن کان مٿانهون ٿي پنهنجي اڳواڻن جي غلط فيصلن کي سامهون رکي سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هڪ ڀيرو سنڌ جي انهن ٻن ٻيٽن تي ان آرڊيننس هيٺ قبضو ٿي ويو ته پوءِ سنڌ جي ساحلي پٽي سنڌ واسين جي هٿن مان نڪري ويندي، هن ملڪ ۾ ته پاڻيءَ وارو ٺاهه موجود هوندي به پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ بين الاوزارتي ٺاهه کي بنياد بنايو ويندو آهي. هي صدارتي آرڊيننس وفاق جي صوبائي حدن اندر زمين ( ۽ ان ۾ موجود وسيلن ) تي قبضي کي جائز قرار ڏئي ٿو، جيڪو عمل صوبي جي آئيني حقن جي سرعام لتاڙ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *