تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي جو سوال ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي

الائي ڇو مونکي ريٽائرڊ ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي، شايد انڪري جو انهن وٽ ڪتابي يا افسانوي ڳالهين بدران تڪيل توريل ۽ عملي ڳالهيون هونديون آهن جيڪي انهن پنهنجي پروفيشنل زندگي دوران ڏٺيون يا ٻڌيون هونديون آهن.انڪري ڪڏهن ڪڏهن وقت ڪڍي سيڙجي انهن ماڻهن سان وڃي ملندو آهيان جيڪي زندگيون جون سموريون حسرتون، حرص ۽ عياشيون پوريون ڪري هاڻي پير قبر ۾ ڪري صرف ان گهڙي جو انتظار ڪندا آهن ته ڪهڙي مهل پکي پرواز ٿي ويندو ۽ حويليءَ ۾ نه هل رهندو.اهڙي ئي ڪچهري تازو هڪ ان ريٽائرڊ سياستدان سان سندس ان اداس بنگلي اندر ٿي جتي ڪنهن زماني ۾ پروٽوڪول جون سيٽيون هونديون هيون پر هاڻي سندس سڏ تي پوڙهو پٽيوالو به ڪرڪي ڪرڪي اندر اچي ٿو.سندس جوان پٽن ان سياستدان جو اهو خانداني بورچي به ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪو سندس فرمائشي طعام تيار ڪندو هو.بيوفا اولاد جي اهڙي رويي جي باوجود هو اخبارون روزانو پڙهندو آهي ۽ اخباري ڪالم ئي اسانجي ان ملاقات جو سبب بڻيا.سندس ملازم ٻڌايو ته صاحب صبح جو ۽ شام جو ڪجهه ڪلاڪ ٻاهر نڪرندو آهي نه ته پنهنجي ڪمري اندر اڪيلو ئي ويٺو هوندو آهي.منهنجو صبح جو سويل اٿڻ مشڪل سو طئه اهو ٿيو ته شام جو هلي ڪچهري ڪبي.شام ويلي پنهنجي اداس اڱڻ تي هو پکين کي ويٺو داڻو چڳائي رهيو هو ته ساڻس ملاقات ٿي.ڪچهري ڪندي ڪندي کيس مون ميار ڏني ته توهانجي پراڻي پارٽي جو هاڻوڪو رئيس سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي رهيو آهي.بحريا ٽائون واري کي هزارين ايڪڙ زمين ڏيڻ بعد هاڻي وري سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ وفاق حوالي ڪيا اٿس ته هن تمام ڌيمي لهجي ۾ رئيس وڏي جو پسنديده جملو ورجايو ته “اس طرح تو هوتا هي اس طرح ڪي ڪامون مين ”پر مون سندس ڌيمي ۽ لائيٽ موڊ کي ان وقت چيڙائي وڌو جڏهن کيس رکائي سان دليل ڏنم ته سائين سنڌ پنهنجي ڌرتي پنهنجو وطن آهي ڪو ڪم ناهي جو “اس طرح تو هوتا هوجائي.”
مون کيس ٻڌايو ته سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي قبضي خاطر وفاق پاران آئي لينڊ اٿارٽي به ٺاهي وئي آهي.جنهن جا سمورا اختيار وفاق حوالي هوندا.وفاق ئي انهن شهرن جي مالي ۽ انتظامي اختيارن کي ڏسندو مقامي مهاڻا ته ڇڏيو مقامي سنڌ حڪومت کي به هاڻي انهن ٻيٽن مٿان ڪو اختيار نه هوندو.تنهنڪري رئيس جي راڄ ۾ اسان جي پيرن هيٺان زمين کسڪندي پئي وڃي ۽ رئيس آهي جو وتي ٿو شعر پڙهندو.هن منهنجي ڳالهين دوران پنهنجي ٿڪل نوڪر کي هٿ جي اشاري سان چانهن آڻڻ جو چيو۽ مونکان آهستي پڇيائين ته ان ۾ سنڌ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه آهي.مون ان مهل ئي کيس چيو ته توهان به وزير مشير گورنر رهيا آهيو توهان اهو نٿا سمجهو ته ان معاملي تي سنڌ حڪومت خاموش آهي. ان آرڊيننس جي سنڌ حڪومت ايتري مخالفت نه ڪئي آهي جيتري هو پنهنجي ڪمدارن جي گرفتاري تي ڪندا آهن.منهنجي ڳالهه ٻڌي ڄڻ هن اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ پاليل ڪبوترن طرف داڻو اڇلائيندي چوڻ لڳو ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي.؟ اها ڳالهه چوڻ مهل سندس منهن ٻئي طرف پکين ڏانهن هيو تنهنڪري سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مون زور سان چيو جي سر.. ته هن ساڳئي ڌيمي لهجي ۾ وراڻيو ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي بابا..جيڪو به حڪمران ٿيندو ان کي اهڙا ڪم ڪرڻا پوندا.هن مثال ڏيندي سنڌ جي هڪ اڳوڻي سنڌي گورنر جو نالو کنيو ۽ چيائين ڪڏهن انکان پڇيو اٿو ته سنڌ جي زمين ڊي ايڇ اي وارن کي ٻه هزار روپيا ايڪڙ سبسڊي تي ڪيئن ڏني هئائين. اها زمين سنڌ جي سمنڊ کان کسي نئون فيز ٺاهيو ويو جتي هاڻي صرف هڪ بلنگي جو پلاٽ ڪروڙن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.مونکي سندس معلومات تي ڪو شڪ نه هيو تنهنڪري خاموشي سان سندس ڳالهه ٻڌڻ لڳس.هن چيو ته ڏسو بابا اڳي زرعي زمينون مالي فائدن جو واحد سهارو هونديون هيون ان زماني ۾ توهان جي هاڻوڪن حڪمرانن جي ابن ڏاڏن جيڪي ان وقت توهان جي ابن ڏاڏان مٿان حڪمران هئا انهن اهي زرعي زمينون سستي اگهه ۾ ته ڇا مفت ۾ ڌارين کي وڪرو ڪيون يا نه..هن ساهه پٽيندي چيو اهي جيڪي بئراج سيٽلمينٽ وغيره جون اسڪيمون آيون ته انهن ۾ ڪيترن ڌارين کي زمينون مليون جيڪي ڳوٺن جا ڳوٺ اڏي اچي ويهي رهيا.شهرن ۾ هندن جون ڇڏيل ملڪيتون ڪليمن ۾ انهن جي ابن ڏاڏن طرف ويون جيڪي هاڻي چون ٿا اسانکي سنڌين سان گڏ ناهي رهڻو ۽ زرعي زمينون الاٽ ٿيون انهن کي جيڪي هتان جا نه هئا.اهڙي ڦرلٽ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه ٿي پر توهان جي ڀوتارن توهانجي حڪمرانن ماضي ۾ ايئن ڪيو يا نه..جهوني ۽ ريٽائرڊ سياستدان جي اهڙي سوال تي نه وارو جواب ته سجهي نه پيو تنهنڪري چيم ها سائين بلڪل..هن کلي پنهنجي سامهون رکيل ٽيبل تي پير ڊگهيريندي چيو پوءِ سويل جو چيم ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته تون مڃين نه پيو…
مون سندس ڳالهين جو رد ڪڍڻ لاءِ چيو اها توهان جي ڳالهه درست آهي ماضي ۾ ايئن ٿيو آهي پر هاڻي ته سياسي شعور جو زمانو آهي ماڻهو سجاڳ آهن اهڙي انڌير کي ڪيئن قبول ڪندا ته سنڌ جا ٻيٽ کسي وفاق کڻي وڃي ۽ ڌرتي ڌڻي خاموش لڳا پيا هجن. هن پنهنجي اڇي مٿي تي باقي بچيل ڪجهه وارن تي هٿ ڦيريندي چيو يار تون ته ڪو ڦڏئي آهين..جهڙو ٻڌو تهڙو ڏٺو…هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو اڙي بابلا سنڌ جي ماضي واري سستي نيلامي کي ڇڏ هاڻي وري ڪهڙي مهانگي نيلامي پئي ٿئي.بحريا واري ملڪ رياض کي توهانجي رئيس ڪهڙي اربين روپين ۾ زمين ڏني.ان جي ڏنڊ ۾ وري ڊي ايڇ اي وارن کي ڪهڙي مهانگي زمين وڪرو ڪيائين.انهن مان واندو ٿيو ته ايئرفورس وارن کي ڪهڙي حساب ۾ سموري ونڊ ڪاريڊور واري زمين وڪرو ڪيائين.هن پنهنجي ڳالهه کي توڙ تائين پهچائيندي چيو حڪمراني دوران ماڻهو مختلف پاسن کان بليڪ ميل ٿيندو ايندو آهي ۽ کيس مجبوري تحت ڪي اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن جن کي نان پاپولر فيصلو چيو ويندو آهي.سو توهان واري رئيس جو ٻيٽن وارو به لڳي ٿو نان پاپولر فيصلو ٿي ويو آهي.ريٽائرڊ سياستدان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي مونکي لڳو ته هاڻي شايد کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي تنهنڪري مون کيس چيو پر اهو فيصلو نه وٺڻ گهرجي ته هن وڏي تدبر سان چيو هر انسان جي اها فطرت هوندي آهي ته هو پنهنجي وات جو گرهه ڪڍي ڪنهن کي ڪونه ڏيندو آهي ڀلي اهو گرهه ڪنهن ٻئي جي ملڪيت هجي تنهنڪري جيستائين ماڻهو نه اٿندا اهو فيصلو واپس ڪيئن ٿيندو. ريٽائرڊ سياستدان جون ڳالهيون ٻڌي مان سوچ ۾ پئجي ويس ته سنڌ جي حڪمران ڀوتار ڪلاس لاءِ ته اها واقعي ڪا وڏي ڳالهه نه هجي ۽ سندن ابن ڏاڏن جي روايت جيان اها به عام ڳالهه هجي نئين ڳالهه نه هجي پر ان عام سنڌي ماڻهو لاءِ اها عام ڳالهه ناهي ڇو ته سندس پيرن هيٺان زمين کسڪندي پئي وڃي ۽ هاڻي کيس اٿي پنهنجي ڌرتي مٿان مالڪي جي دعوا ڪرڻي پوندي ورنه هميشه هميشه لاءِ پنهنجي وطن جي مالڪي تان هٿ ڌوئي ويهندو.پر ڇا سنڌ ۾ ڪو سياسي تحرڪ اهڙو باقي بچايو ويو آهي جو اٿي ڪو نعرو هڻي سگهي اٿي ڪو جهنڊو کڻي وفاقي قبضي خلاف ڀرپور عوامي احتجاج ڪري سگهي.؟ اهو سوال منهنجي يا ريٽائرڊ سياستدان جي نه پر توهان سڀني جي جواب ڏيڻ جو آهي…

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *