تازا ترين
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي اک

سرجيس تان سور وارو قصو آهي ،هر نئين سج نوان سور سنڌجي حصي ۾ ايندا رهن ٿا هڪڙن جو اڃان ڪو درمان ئي نه ٿو ٿئي ته ٻيا سرجيو اچيو جهول ۾ پون ٿا. پهرين اهو پئي مامرو هليو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا سانباها پيا ٿين ته مٿان وري ڪراچي ڪميٽي ٺهي وئي. اڃان انهي ڪراچي ڪميٽي جي غير آئيني ۽ قانوني هجڻ تي هاءِ گهوڙا هلي رهي آهي ته اڄ وري هڪڙو تير اچي سنڌ جي سيني ۾ لڳو آهي ته ”سنڌ جا ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڊار وفاق جي نظر ۾ آهن اتي نون شهرن جي اڏوات لاءِ رٿائون سوچيون پيون وڃن.“ هي پهريون ڀيرو ڪونهي جو سنڌ کان ان جي زمين ۽ وسيلا کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هجي. پاڪستان ٺهڻ جي ڏينهن کان وٺي ڪراچي کي سنڌ کان کسي وفاق جو حصو بڻايو ويو، وري ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي قومي شناخت ۽ تاريخي تشخص کي مليا ميٽ ڪيو ويو. ون يونٽ ختم ٿيو ته 73ع جي آئين جي شڪل ۾ سنڌ جي زمين ۽ وسيلن جي مالڪي جو حق قانوني طور کسي وفاق جي حوالي ڪيو ويو، ڪڏهن پاڻي تي ڌاڙو، ڪڏهن معدني وسيلن تي، ڪڏهن تيل ۽ گئس تي ته ڪڏهن ناڻي تي! هميشه سنڌ سان اهو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو جيڪو برطانيا راڄ جي بيٺڪي دور ۾ ڪيو ويندو هو.
سنڌ جي اسيمبلي ۽ سرڪار توڙي سنڌ جا چونڊيل نمائندا اسلام آباد جي ايوانن ۾ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ کان ايئن قاصر آهن جيئن ڪا مسڪين بيوهه پنهنجي حق وٺڻ کان بي وس ۽ لاچار هجي. هي ملڪ هڪ آئين ۽ قانون تحت عوام ۽ رياست جي وچ ۾ قائم ڪيل معاهدي تحت هلي رهيو آهي. انهي آئين جي شقن ۾ اهو شامل آهي ته وفاق اندر وفاقي وحدتن جي حيثيت ڪهڙي آهي. انهي جا وسيلا زمين ۽ اختيار ڪنهن جا آهن ۽ انهي جو ورهاست يا استعمال جو طريقيڪار ڪهڙو آهي، پر خبر ناهي ڇو هميشه ڪي ڌريون آئين کان بالاتر ٿي ڪري ڪي اهڙا قدم کڻڻ تي بضد هجن ٿيون جنهن سان وفاق جي شڪل ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي ۽قومي وحدتن ۽ وفاق جي وچ ۾ عدم اعتماد وڌندو وڃي ٿو.
جڏهن اها خواهش پئي ڏيکاري وئي ته ڪراچي جي اندر بلدياتي ادارا ۽ سنڌ سرڪار صفائي يا مينهن جي پاڻي جي نيڪاسي جو نظام صحيح طرح ڪونه سنڀالي سگهيا آهن تنهن ڪري وفاق کي انهي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي، انهي تي سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي اڪثر گهڻ گهرين اهو خدشو ظاهر پئي ڪيو ته معاملو ڪراچي جي مينهن جي پاڻي جي نيڪال يا نالن جي صفائي ۽ انهي تي قبضن جو ڪونهي، پر اها ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش آهي. ڪراچي جي هڪ مخصوص ٽولي جي اها شروع کان وٺي ڪوشش رهي آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ جڏهن به ڪا اهڙي انتظامي معاملن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته اهو مخصوص ٽولو چاهي ڪهڙي به جماعت ۾ ويٺو هجي انهي طرفان اهو مطالبو اچڻ شروع ٿي ويندو آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهيو وڃي. هن ڀيري به هڪ وڊيو نظر مان گذري جيڪا گهڻو ڪري 14 آگسٽ جي ڪنهن تقريب جي آهي انهي ۾ ڪراچي جو ميئر به بيٺل آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان وڊيو ٺاهيندي اهو چئي رهيو آهي ته ”مهاجر صوبو هر حال ۾ هاڻي ٺهي رهندو” .
هڪ پاسي انهي ٽولي جي اها خواهش هجي ٻئي پاسي وفاق جي طرفان سنڌ ۾ آئين کان بالاتر ڪميٽيون جوڙي بنا ڪنهن قائدي قانون جي ڪجهه جماعتن کي انهي ۾ نمائندگي ڏئي انهي تي عمل ڪرايو ويندو هجي ته انهي مان اهو انومان يا خدشو سنڌ جي انهن گهڻ گهرين جو جائز آهي جيڪي سمجهن ٿا ته انهي ڪميٽي سان سنڌ اندر انتظامي طور وفاق کي شراڪت داري ڪرائي سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد رکيو پيو وڃي. سنڌ جي اڪثريت جماعتن ۽ دانشورن گڏجي جڏهن اهو خدشو ڏيکاريو آهي ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر ٻٽي بلدياتي نظام جهڙو قدم کڻي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيو نآهن ته انهي ۾ ڪو به وڌاءَ يا غلط بياني نٿي لڳي. سنڌ جي پي پي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر خبر ناهي ڪهڙين مصلحتن سبب سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جو بنياد رکڻ طرف وڌي رهي آهي .2010ع ۾ به اها ئي پي پي سرڪار هئي جنهن سنڌ اسيمبلي مان سنڌ اندر ٻٽي بلدياتي نظام وارو ايڪٽ پاس ڪرايو هو، جنهن جي عوامي ردعمل جي نتيجي ۾ اهو کين واپس به وٺڻو پئجي ويو هو. سو اهو نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو پي پي جي سنڌ سرڪار سنڌ جي ورهاڱي جو سبب نه بڻجندي يا انهن جي هوندي سنڌ کي نڪي لهر نه ڪي لوڏو، پر انهن جي هوندي ئي سنڌ جو سودو ٿي سگهي ٿو سنڌ جي ماڻهن کي هوشيار رهڻ گهرجي اها پي پي جي سنڌ سرڪار مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو به هڻندي ۽ سنڌ جا وسيلا زمين سڀ نيلام به ڪري ايندي.
هڪ پاسي اهو ڪراچي جي انتظامي اختيارن جي ورڇ يا ورهاڱي جو مامرو آهي ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پنهنجي اک وڌي آهي. ارباب رحيم جي دور حڪومت ۾ به اهڙي ڪوشش ٿي هئي انهي وقت به وفاق اهي ٻيٽ ڪنهن ٻاهرين ڪمپني کي وڪڻڻ ٿي چاهيا جنهن کي سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه شڪست ڏني. اڄ پي پي جي حڪمراني ۾ وري اهو سُر نئين انداز سان آلاپجڻ شروع ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جي انهن ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي جي دعويٰ ڪري يا ڪراچي کي انتظامي طور الڳ ڪري انهي بعد انهن ٻيٽن تي پنهنجي دعوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهي ڪري سنڌ جي ماڻهن کي انهي تي به اکيون کولڻ گهرجن. هي ٻيٽ سنڌو درياهه جي لٽ سان سمنڊ جي پيٽ ۾ ٺهيا آهن ۽ اقوام متحده جي عالمي قانون جي مطابق انهن تي حق ۽ واسطا سنڌ جا آهن. انهي تي ڪنهن به اڏاوت يا شهر جي رٿا جا اختيار پڻ سنڌ جا آهن. جيڪڏهن وفاق وٽ سنڌ جي انهن ٻيٽن جي ترقي لاءِ ڪا رٿا آهي به ته اها سنڌ جي مرضي ۽ منشا سان اڳتي وڌائي سگهجي ٿي. سنڌ ترقي جي مخالف يقينن ڪونهي، پر ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تان انهي جي مالڪي جو حق کسيو ويندو ته اهو يقينن سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو. بلڪل اها سوچ ڪارائتي ٿي سگهي ٿي ته جيڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن کي ترقي وٺرائي اتي جديد قسم جي رهائشي اسڪيمن جي رٿا ڪئي وڃي ته انهي سان سنڌ جي ترقي ٿي سگهي ٿي، پر اها رٿا سنڌ جي مالڪي ۽ اختيارن جي هيٺ هجڻ گهرجي. انهي سان گڏوگڏ صدين کان انهن ٻيٽن تي ڪجهه آباديون آهن انهن جي حقن کي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ماهيگيرن جو انهي رٿا ۾ شامل هجڻ لازم هجي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي ماهيگيرن ۽ انهن ٻيٽن تي آباد نسلن جي مڪمل تباهي ڪئي وڃي! پر انهي سڀ ڪجهه سوچڻ کان پهرين سنڌ حڪومت کي پنهنجو موقف چٽو رکڻ گهرجي ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪراچي ڪميٽي وانگر هڪ طرف هاءِ گهوڙا به ڪئي وڃي وري ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ويهي ڪميٽي به جوڙي اچن ۽ پوءِ وري سنڌ جي ماڻهن کي نعرا هڻي بيوقوف بڻائين ته سنڌ ماءُ آهي !! سنڌ جي ماڻهن کي نه رڳو ٻاهرين قوتن جي سازشن تي نظر رکڻي پوندي، پر پنهنجي گهر جي چونڊيل چوڪيدارن تي به نگاهه سخت رکڻي پوندي ته ڪٿي اهي نه سنڌ جي اختيارن جو ۽ زمين جو سودو اچن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *