تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سنڌ جي 2017ع واري آدمشماري جا انگ اکر

سنڌ جي اڄ کان 22 سال اڳ، 1998ع جي آدمشماري ٽي ڪروڙ 4 لک 39 هزار 893 هئي، جيڪا 2017ع جي آدمشماري ۾ 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 ڄاڻائي وئي آهي. يعني 20 سالن ۾ سنڌ جي آدمشماري ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک 46 هزار 158 ماڻهن جو اضافو ٿيو.
اهڙيءَ طرح 1998ع ۾ ڪراچي ڊويزن جنهن جي ڪل آبادي 98 لک 56 هزار 318 هئي، اها تازي آدمشماري ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 ٿي آهي. 20 سالن ۾ ڪراچي ۾ 61 لک 95 هزار 203 ماڻهن جو اضافو ٿيو.
20 سالن کان پوءِ ظاهر ڪيل آدمشماري جي ڊويزن، ضلعي ۽ تعلقي وار انگن اکرن جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن. اهي دلچسپ به آهن ته وڌيڪ سوچڻ تي به مجبور ڪن ٿا. جيتوڻيڪ اڃان تائين هر شهر جي آبادي ۽ خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه توڙي لاڙڪاڻي ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جا انگ اکر ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
سنڌ ۾ واحد شهر ڪراچي آهي جنهن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو شهر حيدرآباد آهي، جنهن جي ٽن تعلقن جي آبادي 17 لک 32 هزار 6 سو 93 آهي. حيدرآباد سنڌ جو هڪ ئي اهڙو شهر آهي. جنهن جي آبادي ڏهه لک يا ان کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پنج لک آبادي رکندڙ تعلقن ۾ حيدرآباد جو شهر وارو تعلقو جنهن جي آباد سڀ کان وڌ ۾ وڌ 7 لک 55 هزار 290 آهي. ٻئي نمبر تي لاڙڪاڻو تعلقو جنهن جي آبادي 7 لک 38 هزار 69 آهي، مٿين آبادي سموري تعلقي جي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جون ويهه يونين ڪاميٽيون آهن جيڪي ميئر جي چونڊ ڪن ٿيون،ان کان سواءِ لاڙڪاڻي تعلقي جي شهر واري آبادي کانسواءِ 13 يونين ڪائونسلون ٻيون به آهن. ٽيون نمبر وڏو تعلقو لطيف آباد (حيدرآباد) جنهن جي آبادي 6 لک 72 هزار 504 آهي. جيڪو سمورو پڻ شهري آبادي تي مشتمل آهي. چوٿون نمبر وڏو تعلقو عمر ڪوٽ جنهن جي آبادي 5 لک 64 هزار 394 ڄاڻائي وئي آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ شهر جي آبادي 14 وارڊن تي ميونسپل ڪاميٽي کانسواءِ سڄي تعلقي ۾ ٻه ٽائون ڪاميٽيون ڇور۽ ڍورو نارو کانسواءِ 17 يونين ڪائونسل جي آبادي به شامل آهي.پنجين نمبر تي گھوٽڪي تعلقي جي آدمشماري 5 لک 5 هزار 9سو 98 ٻڌائي وئي آهي جنهن ۾ گھوٽڪي شهر جي آبادي جيڪا 14 وارڊن تي مشتمل آهي، تعلقي جي آبادي ۾ گھوٽڪي شهر کان ٻاهر جي 14 يونين ڪائونسل جي آبادي الڳ آهي. جيتوڻيڪ سکر شهر جيڪو ٻن تعلقن تي مشتمل آهي،سکر شهر ۽ نئون سکر تعلقو، جي ٻنهي تعلقن جي گڏيل آبادي 5 لک 51 هزار 3 سو 57 ٿئي ٿي.مٿيان انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته حيدرآباد کان پوءِ لاڙڪاڻي جو ئي واحد شهر 5 لک آبادي وارو ٿي سگھي ٿو، ٻيا تعلقا پنج لک يا انهن کان وڌيڪ ته آهن پر انهن تعلقي هيڊ ڪواٽرن وارن شهرن کانسواءِ يونين ڪائونسلن جو تعداد وڌيڪ آهي.
سنڌ ۾ صرف 5 اهڙا تعلقا آهن جن جي آدمشماري 5 لک يا ان کان وڌيڪ آهي، ان ۾ به حيدرآباد شهر جا ٻه تعلقا حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد يعني ٻنهي تعلقن جي گڏيل آبادي 14 لک 27 هزار 794 ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪا قاسم آباد کانسواءِ ٿئي ٿي.
تعلقو قاسم آباد جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو ورهاڱي کانپوءِ سنڌين جو نئون اڏيل شهر آهي جتي گهٽ ۾ گهٽ گذريل 30 سالن ۾ پوري سنڌ مان وڌ ۾ وڌ ماڻهو لڏي اچي رهيا آهن، ان جي حيرت انگيز طور تي آدمشماري صرف ۽ صرف 3 لک 4 هزار 899 ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪو ظاهر ٿو ڪري ته اسان سنڌين جو پنهنجن وڏن شهرن ۾بلدياتي،صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪيترو حصو بيهي ٿو. ان جو اندازو لڳائڻ هاڻي ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئرشپ رکندڙ متحده قومي موومينٽ جي ميئر کي حيدرآباد شهر جي 78 سيڪڙو ووٽرن ۽ ڪائونسلرن جي حمايت آهي. جڏهن ته سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص شهر جا ميئر سنڌي ڳالهائيندڙ نه آهن.
حيدرآباد ضلعو جيڪو 4 تعلقن، حيدرآباد سٽي،لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد (ٽنڊوڄام) ٻهراڙيءَ تي مشتمل آهي ان جي ٽوٽل آبادي 21 لک 99 هزار 463 ٿئي ٿي.جيڪو ڪراچي کان سواءِ پوري سنڌ جو ٻيون نمبر وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي، جڏهن ته پهرين نمبر تي وڏي ۾ وڏو ضلعو خيرپور ميرس آهي جيڪو 8 تعلقن تي مشتمل آهي، جنهن جي 2017ع جي آدمشماري ۾ آبادي 24 لک 4 هزار 3 سو 34 آهي. حيدرآباد جيڪو ڪجھه سال اڳ 4 ضلعن ۾ ورهايو ويو هو. جيڪڏهن انهن چئن ضلعن جي 2017ع جي گڏيل آبادي ڏٺي وڃي ته اها 44 لک 82 هزار 927 ٿئي ٿي.
جتي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضلعو خيرپور آهي ته ننڍي ۾ ننڍو ضلعو ٽنڊو محمد خان آهي جنهن جي آدمشماري 6 لک 77 هزار 228 آهي. جتي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تعلقو حيدرآباد جو شهر وارو تعلقو آهي، اتي ننڍي ۾ ننڍو تعلقو ٺٽي ضلعي جو کارو ڇاڻ آهي، جنهن جي ڪل آبادي 10 هزار 2 سو 35 آهي دلچسپ ڳالهه اها ته 20 سال اڳ کاروڇاڻ جي 1998ع ۾ آبادي 9 هزار 9 سو 56 هئي. جنهن ۾ صرف ۽ صرف 2 سو 79 ماڻهن جو اضافو ٿيو.
جڏهن ته ٻه ٻيا تعلقا جن ۾ ڪي ٽي بندر جي آبادي 58 هزار 832 آهي ٻيو تعلقو قبو سعيد خان، ضلع قمبر شهداد ڪوٽ آهي، جنهن جي آبادي 85 هزار 9 سو 70 آهي يعني سنڌ جا صرف ٽي تعلقا اهڙا آهن جن جي آبادي هڪ لک کان به گهٽ آهي.
ڪراچي جنهن جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 ظاهرڪئي وئي آهي جنهن کي ڇهن ضلعن، 31 سب ڊويزنن ۽ 7 ڇانوڻين (ڪئنٽونمينٽ) ۾ ورهايو ويو آهي، سڀ کان گهٽ ۾ گهٽ آبادي منهوڙو ڪئنٽونمينٽ جي آهي جيڪا صرف 5 هزار 874 آهي. حيرت انگيز طور تي منهوڙو جي آباد 1998ع ۾ به 10 هزار 8 هئي.
ڪراچي جي آدمشماري جي انگن اکرن تي متحده قومي موومينٽ توڙي حڪمران پاڪستان پيپلزپارٽي کي به تحفظات آهن ته اها گهٽ ڏيکاري وئي آهي متحده قومي موومينٽ ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اها گهر ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي شهر جي آدمشماري ٻيهر ڪرائي وڃي، جنهن تي سپريم ڪورٽ پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳوقرار ڏئي ٽن ججن تي مشتمل بينچ قائم ڪئي آهي جيڪا ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪراچي شهر ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي.
عام تاثر اهو آهي ته ڪراچي شهر جي آبادي سٺ کان اسي لک گهٽ ڏيکاري وئي آهي، آدمشماري ڪرائيندڙ ادارن جو هڪڙو موقف اهو به آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهون جن جي شناختي ڪارڊن جا مستقل پتا ۽ رهائشي ضلعا ڪراچي کان ٻاهر هئا. انهن کي سندن، مستقل رهائش وارن ضلعن ۽ صوبن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. يعني ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ جي ٻين ضلعن جي رهواسين جي داخلا پڻ سندن ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ ۽ ٻين صوبن جي رهندڙن کي وري سندن صوبن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو آدمشماري جي بين الاقوامي ۽ بنيادي اصولن جي خلاف آهي. آدمشماري ۾ جيڪو جتي به رهي ٿو ۽ موجود آهي اتي ۽ ان شهر ۾ سندس ڳڻپ ڪرڻي آهي. هاڻي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڏئي ٿي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙن سڀني کي ڪراچي ۾ ئي ڳڻيو وڃي ٿو ته ٻين صوبن جا رهواسي ته ڪراچي ۾ داخل ٿي ويندا، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي به ڪراچي ۾ داخل ٿيندا پر سندن، پنهنجن ضلعن مان داخلا ختم ٿيندي ۽ کين ٻيهر ڪراچي ۾ ڳڻيو ويندو ۽ سندن پنهنجن علائقن مان نالا ڪٽيا ويندا جنهن سان ته سنڌ جي ٻين ضلعن جي آدمشماري جو انگ گھٽ ٿيندو، جنهن جو نقصان ايندڙ بلدياتي توڙي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين ۽ سيٽن جي ورڇ ٿي پڻ پوندو، جيئن 2018ع جي چونڊن ۾ صوبي وار تڪبنديون ڪيون ويون هيون، جنهن سان پنجاب جو 7 قومي اسيمبلي جون سيٽون گهٽ ڪري ٽي بلوچستان ۽ 4 خيبرپختونخوا کي ڏنيون ويون. سنڌ جي سيٽن جي ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ٻيهر تڪبندي ڪئي وئي جنهن سان ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ نواب شاهه ۽ نوشهري فيروز مان صوبائي اسيمبلي جون ٻه سيٽون، ووٽرن توڙي آبادي جو تعداد گهٽ ڄاڻائي ڪراچي ڊويزن کي ڏنيون ويون. اهڙي طرح هڪ شڪارپور ضلعي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ضلعي ۾ ووٽرن جو تعداد گهٽ هئڻ ڪري وڏي آبادي واري خيرپور ضلعي کي ڏني وئي.
جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي جي آبادي وڌي وڃڻ سان، اتان جون سيٽون وڏي تعداد ۾ وڌنديون ۽ سياسي توازن تبديل ٿيڻ جو وڏو امڪان آهي، جتي بحريا ٽائون جهڙي تڪراري منصوبي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪيو آهي، ڇا ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ طرفان ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ ان جا ڪهڙا سياسي ۽ سماجي نتيجا نڪرندا اهو سنڌ لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ سوال هوندو.
سنڌ جي تعلقي وائيز شهرن جي آدمشماري جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل 25 سالن کان تعلقي وارن شهرن جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي. تعلقي وارا شهر آبادي، توڙي گهرن جي اڏاوتن، روڊن جي تعمير جي حساب سان وڌيڪ ڦهليا آهن. شهرن جي ٻاهران تقريبن هر تعلقي جي شهر ۾ زرعي زمينن تي هائوسنگ اسڪيمون بائي پاس روڊ، انهن سان گڏ پيٽرول پمپ، هوٽلون، شهرن جي اندر گهڻ ماڙ پڪيون جڳھيون، بنگلا وڏي تعداد ۾ ٺهيا آهن. خاص طور تي 2010 ع ۽ 2011 ع جي ٻوڏن کان پوءِ ڳوٺاڻن لڏ پلاڻ ڪري ڀرپاسي وارن شهرن ۾ رهڻ کي اوليت ڏني. وڏن شهرن ڏانهن رخ نه ڪيائون. جنهن جو مثال قاسم آباد جو شهر آهي. جيڪو صرف ٽي لک آبادي تائين پهچي سگهيو آهي، جڏهن ته ٻيا وڏا شهر ميرپورخاص، نواب شاهه، دادو، خيرپور، بدين، شهدادڪوٽ، مورو۽ ٻين شهرن ۽ تعلقن جي آبادي به پنجن لکن کي به نه پهچي سگهي. جيڪو ٽرينڊ ٻڌائي ٿو ته سنڌي اڃان تائين وڏي تعداد ۾ شهرن ڏانهن منتقل نه ٿيا آهن نه ئي ان جو ويجھي مستقبل ۾ امڪان نظر ٿو اچي، انهيءَ ٽرينڊ تي وڌيڪ تحقيق ۽ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *