تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعليٰ هائوس جا نظرانداز ٿيل حڪم

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايترا بااثر ڪامورا ويٺل آهن جيڪي وزيراعليٰ هائوس جي هدايتن کي به هوا ۾ اڏائي ڇڏين ٿا، تازو وزيراعليٰ هائوس پاران گريڊ 17هين کان گريڊ 19هين تائين جي 878 آفيسرن کان تفصيل گھرايا ويا هئا. وزيراعليٰ هائوس پاران سروسز کاتي معرفت ڪامورن جي گھرايل تفصيلن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته ڄاڻايل آفيسر ن جا سندن ڀرتي جي تاريخ، سروس دوران ٿيل مقررين ۽ ڀرتين کان پوءِ ماڻيل ترقين جا سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، اهڙي طرح اهو رڪارڊ به گھريو ويو هو ته جن آفيسرن تي مختلف کاتن ۾ نوڪرين دوران جيڪي به مٿن ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا ۽ جيڪي مٿن الزام لڳا آهن انهن جا تفصيل اماڻيا وڃن. وزيراعليٰ هائوس جي اهڙي حڪمن تي رڳو 622 ڪامورن پاران عمل ڪندي تفصيل سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتن جي حوالي ڪيا ويا ۽ 256 آفيسرن پاران حڪمن تي عمل ئي ناهي ڪيو ويو،
جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت پاران لاڳيتو انهن آفيسرن کي هدايتون به ڪيون پيون وڃن پر ان باوجود اهڙين هدايتن تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي ته ڪامورن تي سفارشن تحت ترقيون ماڻڻ جون شڪايتون اچڻ کان پوءِئي وزيراعليٰ هائوس جي اختيارين پاران ڪامورن جو اهڙو رڪارڊ گھرايو ويو هو، جن ۾ 17هين گريڊ جي 469 ڪامورن کان تفصيل گهرايا ويا جن مان رڳو 342ڪامورن تفصيل ڏنا۽ 127 ڪامورن پاران تفصيل جمع ناهن ڪرايا ويا، گريڊ 18 جي 257 آفيسرن کان تفصيل گهرايا ويا هئا جن مان 176 آفيسرن تفصيل ڏنا آهن ۽ 81 آفيسرن تفصيل ئي ناهن ڏنا. اهڙي طرح گريڊ 19 جي 257 آفيسرن کان گهرايل تفصيلن جي نتيجي ۾ صرف 104 ڪامورن پاران تفصيل جمع ڪرايا ويا ۽ 48 ڪامورن اعليٰ هدايتن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين جا آفيسر هن وقت مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسر، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي سيڪريٽري، سينيئر سيڪشن آفيسر ايڊيشنل سيڪريٽري سميت اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻين اهم عهدن تي ويٺل آهن. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ڪجهه آفيسرن جو تعلق سنڌ پوليس سان به آهي جيڪي هن وقت ايس پي ۽ ايس ايس پيز جي عهدن تي ويٺل آهن. سروسز کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪامورن جا تفصيل روزانو جي بنياد تي اچي رهيا آهن، اختيارين چيو آهي ته ڪامورن جا تفصيل وزيراعليٰ هائوس وارن گھرايا آهن، جنهن بعد سندن تفصيل گڏ ڪيون پيا. جيڪي تفصيل مليا آهن اهي سهيڙي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪافي ڪامورا اهڙا آهن جن تي ماضي جي اعليٰ اختيارين پاران خاص مهربان ٿيندي کين گھرجون پوريون ڪرڻ بنا ئي مٿين گريڊن تي عهدن سان نوازي ڇڏيو هو ۽ جيڪي ڪامورا اهڙين ترقين سبب متاثر ٿيا اهي خاموش ويهڻ بجاءِ تحرڪ ۾ اچي ويا ۽ انهن چيف سيڪريٽري کان ويندي وزيراعليٰ هائوس تائين جا در کڙڪايا ۽ پاڻ سان ٿيل ناجائزين تي خاموشي سان احتجاج ڪندا رهيا هئا. ذريعن موجب اهڙي احتجاجن کان پوءِ ئي وزيراعليٰ هائوس پاران ڪامورن جي ڊگھي فهرست تيار ڪري انهن آفيسرن جا سمورا تفصيل گھرايا ويا آهن.
وزيراعليٰ هائوس جي هدايتن باوجود عمل نه ڪندڙ ڪامورن کي سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران نوٽيس وٺندي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته جلد تفصيل اماڻيا وڃن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروايون ڪيون وينديون! سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي آفيسر وزيراعليٰ هائوس جي حڪمن تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن اهي چيف سيڪريٽري جي اهڙي چتاءُ کي ڪهڙي طرح سنجيده وٺندا؟ ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪامورا اعليٰ حڪمن کي به نظرانداز ڪن پيا اهي عام ڪامورا نه هوندا، انهن تي به ڪو اهڙو وڏو هٿ هوندو جيڪو کين “آٿت” ڏئي پيو ۽ هو خاموش ويٺل آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي رٽ بحال ڪرڻ لاءِ ڪامورن کي اهو مڃرائڻو پوندو ته ڪامورن کان وڌيڪ طاقتور وقت جي حڪومت آهي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل بااثر ڪامورا اڃان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندا ۽ پوءِ حڪومت سان به ايئن ئي ڪندا جيئن عوام سان پيش اچن ٿا.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪامورن پاران جيڪو پنهنجي ماتحت آفيسرن سان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ان جو به معيار ٻٽو نه هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ ٻيو معاملو اهو سامهون آيو آهي ته سنڌ حڪومت جي اهم کاتي سروسز ۾ ڪم ڪندڙ 36 سيڪشن آفيسرن کي ماهوار ملندڙ پئٽرول به بند ڪيو ويو آهي، ڪافي کاتن ۾ اهو به ٿئي پيو ته جيڪي آفيسر ڪنوينس الائونس وٺن ٿا ته انهن کي پئٽرول به ماهوار بنياد تي مهيا ڪيو ويندو آهي پر سروسز کاتي جي انهن آفيسرن جو به پئٽرول بند ڪيو ويو آهي جيڪي ڪنوينس الائونس کان به محروم آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *