Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_stvtm3nbs64v2088ablud2kmnr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ مٿان نئون ون يونٽ لاڳو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ مٿان نئون ون يونٽ لاڳو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

سنڌ مٿان نئون ون يونٽ لاڳو

سنڌ جي ماڻهن کي مبارڪون ڏجن يا مٿي ۾ مٽي وجهي ماتم ڪجي سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل عوامي حڪومت آخر ڪار صوبي جي انتظامي اختيارين جي ڪنڌ ۾ وفاقي ڦاهو وجهي موٽي آئي. اهو اسلام آباد جنهن هميشه صوبائي خودمختياري کي ڪوڙڪين ۾ قيد ڪرڻ جي خواهش تان هٿ ناهي کنيو ان اسلام آباد آخر ڪار هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ مشاورتي ڪميٽي جي نالي ۾ صوبائي خودمختياري جي ڪنڌ ۾ رسو وجهي اسد عمر جي آفيس آڏو ٻڌي ڇڏيو. سياسي بيان ٿيندا، اسان سنڌ تان هٿ ناهي کنيو،ڪراچي سنڌ جي دل آهي، صوبي جا ايگزيڪٽو اختيار اسان وٽ آهن، ڪير به صوبائي خودمتياري تي حملو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ڪو به سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي نه ٿو ڏسي سگهي وغيره وغيره
هاڻ ڪجهه ڏينهن تائين ٻڌڻ ۾ ايندا کوڙ وضاحتن جا اسٽيج سجايا ويندا ڊگهيون پريس ڪانفرنسون ٿينديون، ٽوئيٽر ٽرينڊ هلندا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد هي سڄو ماحول ٿڌو ٿي ويندو، سرڪاري دفترن جي رڪارڊ ۾ اهو پنو رهجي ويندو جنهن تي سنڌ جي چونڊيل سرڪار صحيح ڪري آئي آهي ۽ اهو پنو سنڌ جي تقسيم ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ جڙندڙ دستاويز جو اهم حصو بڻجي ويندو. جڏهن بابر اعواڻ کي سنڌ مٿان نازل ڪري پيپلز پارٽي جي صوبائي سرڪار گورنر هائوس ۾ ڪاري ٻاٽ اونداهي ۾ ٻٽي نظام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو تڏهن سنڌ جي عاشقن توا کڻي وزيرن جي درن وٽ ٽنگڻ وقت چيو هو ته سنڌ کي ورهائڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. ان وقت سنڌي ماڻهن جي شديد احتجاج تي پ پ سرڪار ٻٽي نظام وارو اهو فيصلو واپس ورتو هو پر هن وقت عبدالله شاهه جو پٽ وڏو وزير مراد شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ مٿان قبضي جا اختيار پليٽ ۾ وجهي پنهنجي هٿن سان اسلام آباد پهچائي آيا آهن. عجيب بدقسمتي آهي سنڌ جي ماروي جو لقب ماڻيندڙ هن شهر ڪراچي تي شروع کان وٺي ڳجهن وارا لامارا رهندا آيا آهن اهي سنڌي ماڻهو ئي آهن جن مختلف وقتن تي شديد احتجاج ڪري سنڌ جي دشمنن جي ڪراچي مٿان قبضي جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو آهي پر ڇا ڪجي جڏهن پنهنجا ئي ويري ٿين!.
پاڪستان ۾ 73ع جو آئين موجود آهي آئين ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ اختيارن جي ورهاست واضع لکيل آهي سوئي ڌاڳي کان وٺي ناڻي جي ورهاست تائين، پاڻي جي ڦڙي کان وٺي سمورا اختيار ڪيئن ورهائجن وفاق ۽ صوبن جو ان ۾ ڇا حصو هجي ان بابت چٽي تشريح ٿيل آهي.جيڪڏهن ڪٿي صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ اختيارن تان ڪو ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته ان جي نبيري لاءِ به سي سي آءِ، ايڪنڪ سميت کوڙ آئيني پليٽ فارم موجود آهن جتي ويهي حل ڪري سگهجي ٿو انهن ادارن جي موجودگي ۾ ڪهڙي ضرورت آهي ڪنهن اهڙي ڪميٽي جي جيڪا آئين کي اورانگهي. پ پ هڪڙي تجربيڪار سياسي جماعت آهي ملڪ جا وڏا آئيني ماهر هن پارٽي جي مرڪزي ادارن ۾ ويٺل آهن ايترا آئيني ماهر پاڪستان جي ڪنهن به سياست جماعت جي مرڪزي ادارن ۾ موجود ناهن ڇا اهي سڀ ٻار آهن ڇا انهن کي خبر ناهي هن ڪميٽي جوڙڻ لاءِ جيڪي دليل ڏنا پيا وڃن، جيڪي پير کوڙي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهي سڀ اختيار آئين ۾ صوبائي حڪومت کي مليل آهن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ به ادارا موجود آهن پوءِ ڇو گونر هائوس اندر چپ چاپ ويهي سنڌ جي دل ڪراچي بابت فيصلا ٿين ٿا ۽ هتي سنڌ ۾ ڪراچي جي تقسيم خلاف مظاهرن جو سڏ ڏئي اسلام آباد ۾ ڪراچي پليٽ ۾ وجهي وفاق حوالي ڪئي ٿي وڃي.
سنڌ جي قانوندان يوسف لغاري ٻه ڏنهن اڳ “پنهنجي اخبار ” ۾ لکيو هو ته هي ڪراچي ڪميٽي هڪڙو نئون ون يونٽ آهي جيڪو سنڌ مٿان لاڳو ڪيو ويو آهي. ظاهري طور ڀلي اهي اعلان ڪيا وڃن ته هي ڪميٽي صرف ترقياتي ڪمن بابت صوبي ۽ وفاق وچ ۾ صلاح مشورن تائين محدود هوندي پر لک جو سوال اهو بڻجي ٿو ته ڇا اهڙن صلاح مشورن لاءِ آئيني فورم موجود ناهن جو توهان هڪڙي غير آئيني ڪميٽي جوڙي آهي اگر پيپلز پارٽي سياسي بنيادن تي پ پ ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ تي ٻڌل ڪا ڪميٽي جوڙي ها ته ان ڪميٽي تي اعتراض به نه هجي ها ڇو جو سياسي پارٽين کي اهو جمهوري حق مليل آهي ته هو پاڻ اتحاد ڪري سگهن ٿيون پر ڪنهن چونڊيل جمهوري صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ وفاقي مداخلت سنئون سڌو آئيني لتاڙ آهي ۽ اها به هڪ شهر تائين محدود هجي ته وڌيڪ خطرناڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي.ظاهري طور جيئن مون مٿي لکيو آهي ته هن ڪميٽي بابت اهو چيو پيو وڃي ته اها صرف ترقياتي ڪمن کي ڏسندي پر انهن جي پٺيان جيڪا خطرناڪ ڪهاڻي لڪيل آهي اها هي آهي ته وفاقي سرڪار مستقبل ۾ گوادر ۽ ڪراچي لاءِ هڪڙي اٿارٽي ٺاهڻ لاءِ وڃي رهي آهي جنهن اٿارٽي کي سي پيڪ اٿارٽي ليڊ ڪندي ۽ ان اٿارٽي تحت ڪراچي ۽ گوادر جا اختيار صوبائي حڪومتن وٽ نه هوندا اهي ٻئي شهر ظاهري طور نالي ماتر صوبن جي حدن ۾ ته هوندا پر انهن جا انتظامي اختيار سي پيڪ اٿارٽي وٽ هوندا.انڪري ڪراچي عملي طور سنڌ کان الڳ ٿي ويندي ۽ صرف ظاهري طور سنڌ جي نقشي اندر هوندي.
آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڀلي دل سان سنڌ مٿان هن قسم جي انتظامي حملي کي قبول نه ڪيو هجي پر نيب جي ذريعي پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ اڳواڻن جي ڪرپشن جا روز ڪارا چٺا پڌرا ٿي رهيا آهن انهن هن ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري ۽ سياسي پارٽي کي اڄ ان اسٽيج تي آڻي بيهاري آهي جو اها پنهنجي شهر کي وفاق حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي. شروع ۾ پ پ وزيرن اهو ٻڌايو ته هن ڪميٽي جو چيئرمين وڏو وزير هوندو پر اسد عمرپنهنجي بريفنگ ۾واضع ڪيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه چيئرمين نه هوندو جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته اهي مسئلا جيڪي ڪراچي جي ميونسپل ڪارپوريشن ويهي حل ڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ سنڌ گڏجي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪڏهن ڪراچي جو صفائي وارو عملو ڪم نه ٿو ڪري جيڪڏهن ڪراچي جي گهٽين جو ڪچرو گٽر نالن ۾ پوي ٿو اگر ڪراچي جي نالن جي صفائي نه ٿي ٿئي ته ان ۾ سنڌ جي تاريخي وطن جو ڪهڙو ڏوهه جو ان مٿان اڻ سڌي ريت ون يونٽ مڙهيو وڃي. هن ڪميٽي جا هن وقت تائين جيڪي ڪم سامهون آيا آهن اهي سڀ ڪم ڪراچي جي ميونسپل ادارن جا ڪم آهن.
جڳ جهان کي خبر آهي ته ڪراچي جي ميونسپل ادارن تي 30 سالن کان ڪنهن جو راڄ رهيو آهي ٿيڻ ايئن کپندو هو ته ڪراچي جي ميونسپل ادارن جي ان ڪوتاهي تي وفاق ڪا ڪميشن جوڙي ذميوارن کي سخت سزائون ڏئي ها پر افسوس سان ڪراچي جي ميونسپل ادارن تي قابض مافيائن جون سزائون به سنڌ کي ڏنيون ويون آهن. هي هڪڙو تاريخي ڏوهه آهي جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ڪاري دور طور لکيو ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *