تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ يونيورسٽي اڃان ڪيترو ڀوڳيندي !؟

سنڌ يونيورسٽي سدائين خبرن ۽ اسڪينڊلز هيٺ رهي آهي ،اهو اتفاق چئجي يا سازش ته اها يونيورسٽي هڪڙي بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش مس ٿي ڪري ته وري ٻيو ڪو بحران،اسڪينڊل انهي جي ڳچي ۾ پئجي وڃي ٿو.جڏهن تعليم ۽ خاص ڪري اعليٰ تعليم ڏينهون ڏينهن مهانگي ٿيندي عام غريب شاگرد کان پري ٿيندي پئي وڃي اتي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جهڙيون ٻيون پبلڪ سيڪٽر جون يونيورسٽيون انهن جي اعليٰ تعليم پرائڻ جي خوابن کي پورو ڪرڻ جي آخري اميد هونديون آهن جڏهن انهن غريب شاگردن جي نالي يا انهن جي پڙهائي لاءِ سرڪاري پئسن ۾ به کاٽ لڳن ۽ انهن جو الزام انهي يونيورسٽي جي واڳ ڌڻي يا هلائيندڙ تي اچي ته سنڌ جي مستقبل جي ان کان وڌيڪ ٻي تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
سنڌ يونيورسٽي جي اها ڪرپشن ڪهاڻي ڪيترن سالن کان اداري کان وٺي ميڊيا ۽ سماجي حلقن جي بحث هيٺ رهي آهي،ڪڏهن اينٽي ڪرپشن جي جاچ جي حوالي سان خبرون آڏو اينديون رهيون آهن ته ڪڏهن انهن الزامن تحت وي سي کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪرڻ جا وڏي وزير جا آڊر جاري ٿيندا رهيا آهن ته ڪڏهن وي سي انهن حڪمن کي عدالت ذريعي چئلينج ڪري اسٽي وٺي پنهنجي ڪرسي تي ويٺو رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو جيڪو انهي بحران ۾ نقصان ٿيو ان جي ڪنهن به پرواهه نه ڪئي.اينٽي ڪرپشن جي انهي جاچ تحت آخرڪار وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ وي سي سميت 68 ڄڻن تي 70 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي باقاعده ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ آفيسر ۽ استاد به شامل آهن.جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٽيم سنڌ يونيورسٽي اندر ڇاپا هڻي هڪ استاد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڪنهن به سماج ۽ معاشري ۾ تعليمي ادارن جو تقدس ئي سڀني کان مٿانهون هوندو آهي جڏهن ان جي سربراهه تي ڪرپشن جا الزام لڳن ۽ يونيورسٽي جي سربراهه،آفيسرن ۽ استادن جي گرفتارين لاءِ اهلڪار ان اداري جو تقدس لتاڙين ته مستقبل جي معمارن کي ان مان ڪهڙو سبق ملندو. جيڪڏهن اهو ڪيس صحيح آهي ته به اها يونيورسٽي سان زيادتي ٿي آهي ته ان جي سربراهي ۽ انتظام اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو جن شاگردن جي مستقبل کي به پنهنجي پئسي جي حرص جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪڏهن اهو ڪيس غلط داخل ٿيو آهي ته به اها يوينورسٽي سان زيادتي آهي ته ان جي سربراهه ۽ استادن جهڙي پيشي جي پٺيان ايئن اهلڪار ڇڏيا ويا ڄڻ اهي ڪي عادي ڏوهاري هجن، ٻنهي صورتن ۾ نقصان انهن شاگردن ۽ يونيورسٽي جو ٿيو آهي.70 ڪروڙ رپين جي رقم ڪا معمولي ناهي پبلڪ يونيورسٽي هوندي شاگردن جون فيس ساليانو بنيادن تي ايتريون وڌايون وڃن جو ڪيترا شاگرد پنهنجي تعليم اڌ تي ڇڏڻ ۾ مجبور ٿين،جڏهن شاگردن کي هاسٽلن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملي سگهي ،جڏهن شاگرد ميس ۾ اهڙي ماني کائن جيڪا ڪنهن به ريت انسانن جي کائڻ لائق يا صحت جي اصولن تي پوري نه لهي ۽ ڪجهه ماڻهو انهي يوينورسٽي جي ڪروڙين رپين سان اها حالت ڪن ته اها انهي يونيورسٽي سان زيادتي آهي جنهن کي سڄي سنڌ مادر علمي سڏي ٿي جتي هزارين نوجوانن جي ذريعي لکين ماڻهن جا خواب ساڀيان لاءِ سڪي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته هاڻي سنڌ يونيورسٽي کي بخش ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ يوينورسٽي اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڀوڳي ڄڪي آهي. انهي مادر علمي سنڌ يونيرسٽي جو وقار بحال ٿيڻ گهرجي،شاگردن کي اهڙي معيار جي تعليم ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن جيڪي ڪو به مهذب ۽ سڌريل معاشرو پنهنجي مستقبل کي ڏئي سگهي ٿو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *