تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ پوليس ڇا پئي سوچي؟؟

ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ آيل مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جتي ملڪي سياست ۾ نئون بحث ڇيڙيو هو، اتي سندس مزار قائد تي حاضري دوران ساڻس گڏ موجود ۽ مزار قائد ۾ ووٽ کي عزت ڏيڻ جا نعرا هڻندڙ سندس مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف ڪراچي پوليس جي داخل ڪيل ڪيس ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري نه رڳو سياسي ميدان ۾ پر ملڪي ادارن جي وچ ۾ پڻ تضاد پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف مزار قائد جي بيحرمتي ڪرڻ واري ڪيس جو فريادي پاڻ هڪ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيل ڪيس ۾ روپوش ڏوهاري هو، پر هن جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس جي انهي ۾ نااهلي چئجي يا وري ڪو مٿان دٻاءُ هو جو ڏوهاري جيڪو پاڻ ٿاڻي تي لنگهي آيو ۽ پوليس کيس گرفتار نه ڪيو، خير ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر تي سنڌ پوليس جي داخل ڪيل ڪيس پي ڊي ايم جي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي وئي هئي اها ته ناڪام ٿي وئي پر انهي سڄي عمل ۾ جيڪو ادارن جو ڪردار هو اهو صفا وائکو ٿي ويو، پي ڊي ايم جي پريس ڪانفرنس ۾ آءِ جي سنڌ کي يرغمال بنائڻ بابت ڏنل بيان کي ڪنهن حد تائين سياسي بيان سمجهيو پئي ويو، جنهن کانپوءِ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير به هڪڙي پريس ڪانفرنس ڪئي پر هن آءِ جي کي يرغمال بنائڻ واري معاملي تي نه ڳالهايو ۽ نيٺ سنڌ جي آءِ جي شايد پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪندي موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو،
ان ڏس ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جنهن ڏينهن آءِ جي سنڌ کي مبينا طور ادارن پاران يرغمال بڻايو ويو هو، انهي معاملي تي آءِ جي سنڌ سميت سينيئر پوليس آفيسرن جي پاڻ ۾ هڪ ويهڪ به ٿي هئي ۽ انهن نه رڳو وفاقي ادارن پر سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل تي خاموشي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو،
اهو ئي سبب جو هو ڪالهه شام جو سپاهي کان وٺي آءِ جي سنڌ تائين پوليس آفيسرن احتجاجن موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ درخواستون اماڻي ڇڏيون هيون، جڏهن ته هڪ ايڊيشنل آءِ جي عمران راشد جيڪا ٻن مهينن جي موڪل جي درخواست ڏني هئي انهي ۾ هن واضع لکيو ته سينئر پوليس آفيسرن جي تذليل سبب دلبرداشته ٿي هو موڪل تي وڃڻ چاهي ٿو، اهڙي صورتحال کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي آخر خاموشي ٽوڙي ڇڏي،
هن سڌو سنئون وفاقي ادارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ جي سنڌ جي گهر ۾ گهڙي کيس ايئن رات جو کنڀي وڃڻ واري معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي، گذريل ٻن ڏينهن کان ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي ماٺ ويٺل پ پ قيادت پهريون ڀيرو منظر عام تي اچي صفا سڌي ڳالهه ڪري ڇڏي ته سنڌ حڪومت کي بيوس بڻايو پيو وڃي،
بلاول ڀٽو هڪ سياسي ليڊر آهي، هن جي سياست جو پنهنجو انداز هوندو، پر سنڌ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو عوام جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل پوليس جي آءِ جي کي اهڙي ريت بيوس ڏٺو ويو، کيس يرغمال بڻايو ويو، مرضي جا فيصلا ورتا ويا ۽ هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو، اهڙي بيوسي ۽ تذليل کي محسوس ڪندي جڏهن آءِ جي سنڌ پاڻ ڪالهه موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ساڻس گڏ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ان کانپوءِ تقريبن سڄي سنڌ جي ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ڪانسٽيبل تائين ڪيترائي اهلڪار پنهنجي موڪل جون درخواستون پنهنجي آفيسرن کي اماڻي چڪا هئا،
ان قسم جو رد عمل نه رڳو سنڌ سرڪار پر انهن ادارن لاءِ به هڪ وڏو چتاءُ آهي ته جيڪي ادارا ڪنهن سياسي ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين ٿا انهن جيڪڏهن آءِ جي کي به ايئن ئي يرغمال بڻايو ته خير جهڙي ڳالهه آهي پر هاڻي ايئن ناهي، پوليس جي انهي يڪجهتي واري عمل اهو ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ بيوسي جي عالم ۾ به احتجاج ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان منهنجي هڪ سينيئر پوليس عملدار سان ڪالهه جڏهن ڳالهه ٿي هن ٻڌايو ته پوليس جتيوڻيڪ هميشه دٻاءُ ۾ رهي ئي ڪم ڪندي، نه رڳو وفاقي ادارا پر سنڌ سرڪار جا حڪومتي پارٽي سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندا ۽ وڏيرا به پوليس کي ايئن ئي استعمال ڪندا رهندا، پنهنجي مقصدن ۽ مفادن جي لاءِ سدائين پوليس کي ئي استعمال ڪيو ويندو آهي پر جهڙي ريت رات جي اونداهي ۾ آءِ جي سنڌ جي گهر ۾ ٻئي اداري جا ماڻهو داخل ٿيا ۽ اهلڪار ڪجهه نه ڪري سگهيا، وري آءِ جي کي جتي وٺي ويا اتي به کيس يرغمال بڻايو ويو ته اها تذليل جي انتها آهي، ايئن ڪڏهن به ڪنهن وڏيري يا چونڊيل نمائندي جي همت ناهي ٿي، جيتوڻيڪ اهي بدليون ڪرائيندا آهن، ڏند چڪ ٿيندي رهندي آهي،
گارگند به ٿي هوندي، پر آءِ جي کي ايئن يرغمال بڻائڻ جو اسان ته ڪڏهن سوچيو ئي ناهي، هاڻي جڏهن اسين هٿياربند فورس هوندي به بي هٿيار هجون ۽ اسان جو سربراهه يرغمال بڻيل هجي ته پوءِ اسانکي نوڪري ڪرڻ جو ڪو حق به ناهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اهڙي عمل تي فوري طور اسان جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪئي وئي ته هاڻي اسين پوليس وردي پهريل اهلڪاري توڙي آفيسر سماجي لحاظ کان پنهنجي عزت وڃائي چڪا آهيون، نوڪري ڪرڻ مجبوري ٿي پئي آهي، انهي ڪري اسين نوڪري ڪريون ٿا، باقي آءِ جي سنڌ واري واقعي پوليس جي ڪرنگهي جي هڏي ڀڃي ڇڏي آهي، هوڏانهن سنڌ سرڪار جي هڪ آفيسر سان جڏهن رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته آءِ جي سميت ڪنهن به پوليس آفيسر جي موڪل منظور ڪئي ويندي، باقي جهڙي ريت آءِ جي سنڌ سان جٺ ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت پوليس سميت سمورن کاتن جا آفيسر هاڻي ته خوف ۾ ورتل آهيون، پوليس سميت سنڌ سرڪار جي ماتحت مقرر ٿيل آفيسرن ۾ ان قسم جي خوف کانپوءِ هاڻي ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار سنڌ ۾ مقرر ٿيل سمورن وفاقي ادارن جي آفيسرن کي اهو احساس ڏياري ته اهي سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي مرضي سان رهندڙ آهن ۽ سنڌ ۾ رهندي به اهي سنڌ حڪومت جي آفيسرن سان ان قسم جي جٺ ڪندا ته سنڌ سرڪار اختيارن جو استعمال ڪندي، کين سنڌ بدر ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *