تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

سنڌ کي قومي چئلينج ۽ سرداري جهالت

سنڌ تاريخ جي بدترين بحرانن جي نازڪ دور مان گذري رهي آهي جنهن ۾ سياسي بحران، سماجي بحران ۽ جاگرافي مسئلن سان گڏوگڏ وسيلن جي ڀيل شامل آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي بدترين حالتن ۾ سنڌ جو قومي سوال تمام گھڻي مونجھاري ۽ تضادن جي ور چڙهندو وڃي ٿو اهڙين حالتن مان جڏهن ڪا قوم گذرندي هجي ته انهيءَ جي بقا لاءِ لازمي آهي ته هو سڀ کان پهريان پنهنجي قومي سلامتي جي سوال تي تمام سنجيدگيءَ سان غور ۽ فڪر ڪري ۽ انهن تضادن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي تضاد قومي وحدت ۾ نفاق پيدا ڪن ٿا. قومي وحدت ۾ اختلاف پيدا ڪندڙ تضاد سياسي تضاد ناهن هوندا ڇو ته سياسي تضاد الڳ الڳ نظرياتي رخن ۾ هجڻ جي باوجود قومي وحدت جي لاءِ ايترو چئلينج ٿيل ناهن هوندا ۽ نه وري عقيدتي تضاد ( ڪجھه ٽڪرائن کان سواءِ) ايترا هاڃيڪار هوندا آهن. قومي وحدت کي وڌيڪ نقصان اهي جهالتون ڏين ٿيون جيڪي جهالتون سماج جي وڏن حصن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري شديد ٽڪرائن ۾ آڻي شخصي مفادن جي پوراءُ ڪرڻ جي لاءِ ماضيءَ جي دقيانوسي ۽ نقصان ڏيندڙ روايتن کي طاقتور ڪندي عوام تي مسلط ڪيون وڃن ٿيون جيئن سنڌ ۾ ڪجھه عرصي کان قبائلي ۽ سرداري اصطلاحن جو ورجاءُ تمام گھڻو ڪيو ٿو وڃي نه رڳو اهو ورجاءُ ڪيو ٿو وڃي پر انهيءَ کي تسليم ڪرائڻ يا مڃرائڻ لاءِ عمل به ڪيا ويا آهن ۽ ٿي رهيا آهن انهيءَ سمورن قبائلي ۽ سرداري روين کي مسلط ڪرڻ لاءِ پوري طاقت سان رياست جي مشينري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
اسان کي هي ٿوري دير جي لاءِ ٺيڪ طرح سان ياد ڪرڻ گھرجي ته سنڌ ۾ ان تضاد کي پوري شدت سان ايم آر ڊي جي سياسي تحريڪ کان پوءِ اڀاريو ويو جنهن ۾ برادرين جي نالي تي راڄوڻا فورس ٺاهيا ويا هئا جن ننڍن ننڍن برادريءَ جي جھيڙن کي وڌائي شديد خونريزي پيدا ڪئي هئي. پوري سنڌ ۽ خاص ڪري اتر سنڌ جو سڄو بيلٽ انهن جھيڙن جي زد ۾ اچي ويو هو ۽ هن وقت تائين اهي جھيڙا هڪ منظم صورت اختيار ڪري وڌي رهيا آهن سنڌ جا ڪيترا علائقا ان جھيڙن جي نالي تي ورهائجي نو گو ايريا بڻجي ويا آهن هڪ جھيڙو نام نهاد سرداري جرڳن ڪرڻ سان عارضي ختم مس ٿئي ٿو ته ٻيو شروع ٿو ٿي وڃي جرڳن يا فيصلن جي ٿيڻ باوجود هڪڙو به اهڙو فيصلاتي امن ( فيصلي ڪرڻ کان پوءِ امن جي دعويٰ ڪندڙ جيڪي چوندا آهن ته ڌريون کير کنڊ ٿي ويون) قائم ٿي نه سگھيو آهي هر جرڳي ۽ فيصلي کان پوءِ ڪجھه عرصي گذرڻ تي وري جهيڙو شروع ٿو ٿئي ۽ وري علائقا خون ريزي ۽ نوگو ايريا ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اتر سنڌ کان سواءِ ضيا آمريت جي ڏنل تحفي يعني عوامي نفاق جي پاليسيءَ ڪراچيءَ ۾ امن ڪندي تعصبي ۽ لساني تضادن کي اڀاري ايم ڪيو ايم جي ڌارا کي مضبوط ڪيو ويو ته ٻئي طرف پنجابي پختون اتحاد جا گروھه ٺاهي پوري ڪراچيءَ کي برباد ڪيو ويو جيڪا بربادي هن وقت تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلندي پئي اچي پاڻ هيءُ الزام نٿا لڳايون پر ضياءَ دور جي 1985ع جي غير جماعتي اليڪشن کان پوءِ سنڌ جو چيف منسٽر سيد غوث علي شاھه ٿيو هو تنهن صاف لفظن ۾ اعتراف ڪندي هڪ چينل اينڪر سان هيءُ تسليم ڪيو هو ته مون کي ضياءَ الحق پابند ڪيو هو ته ڪراچيءَ مان جماعت اسلاميءَ جو خاتمو ڪري ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪيو ۽ ان جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي تعصبي جھيڙا ڪرايا ويا. غوث علي شاھ سچ ته ڳالهايو پر پوري ڪهاڻي شايد هن کان رهجي وئي ڪراچيءَ ۾ خاتمو جماعت اسلامي جو سياسي طور تي ڪرڻو هجڻ جو مقصد وڌ کان وڌ اهو هيو ته پوري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي وحدت کي ٽڪر ٽڪر ڪجي جو اڄ سنڌ پنهنجي سياسي وحدانيت جي سوال تي تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺي آهي ۽ جيڪا به ڀيل ٿئي پئي اها بيخوفيءَ سان نظر پئي اچي.
انهيءَ کان پهريان سنڌ سازش جي انهيءَ ڌڪ کي برداشت ڪندي 1988ع جي اليڪشن ۾ ڀرپور وحدانيت جو مثال قائم ڪندي پ پ پ کي عوامي طاقت سان ووٽ ڏيندي پيرن ، وڏيرن ، سردارن کي تاريخي شڪست ڏني هئي عوام جي ان جرئت جو اظهار اسٽيبلشمينٽ کان ته برداشت نه ٿيو پر پ پ پ جي لاءِ به ڳورو هيو جو انهيءَ کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پ پ پ جي پوري تنظيم کي وڏيرن جي غلاميءَ ۾ ڏيندي اهو فيصلو ڪيو هو ته “ پ پ پ جو صدر اهو ماڻهو ٿيندو جنهن وٽ بنگلو ۽ گاڏي پنهنجي هوندي………” محترمه هن فيصلي ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن رڳو هيءُ فيصلو ڪري ها ته ضلعي جا پارٽي ٽڪيٽ هولڊر گڏيل فنڊ ڪري ضلعيءَ هيڊ ڪوارٽر ۾ پارٽي آفيس جي لاءِ پارٽيءَ جي نالي تي جاءِ خريد ڪندا پر اهو نه ڪيو ويو پارٽي فنڊ ڪاڏي ويو ڪهڙي واڳون جي وات چڙهيو ان جي ڪا به خبر ناهي ۽ نه هن وقت تائين ڪنهن اهو سوال پارٽيءَ ۾ اٿاريو آهي ته ڪروڙن جو فنڊ ڪاڏي ويو. خير اهو سوال اٿارڻ اسان جي سماجي ۽ سياسي اخلاقيات ۾ شامل آهي پر اصل معاملو سنڌ جي سياسي وحدانيت جو آهي جنهن کي پ پ پ برباد ڪري وڏيرن جي بنگلن ۾ قيد ڪري ڇڏيو. اڄ سنڌ ان ويڳاڻپ جو شڪار ٿي سردارن ، وڏيرن ۽ پيرن جي دٻاءَ ۾ اچي چڪي آهي هاڻي سنڌ جي اندر جنهن طرف ڏسو ڪيترائي توهان کي پينافليڪس سرڪاري جاين تي لڳل نظر ايندا جن تي هر برادري جا اڪثر وڏيرا پٽڪا پائي سرداريءَ جا خودرو اعزاز پنهنجو پاڻ کي ڏنل نظر اچن پيا. اسان کي هيءُ به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سنڌ جي اندر ڪڏهن به قبائلي معاشرو ناهي رهيو ڇو ته قبائي معاشري جي جوڙجڪ مختلف ٿيندي آهي جنهن جو پهريون اصول هيءُ هوندو آهي ته هڪ چڱي خاصي جاگرافيءَ تي وسيلن ۽ زمينن جي ملڪيت قبيلي جي نالي مخصوص هوندي آهي ۽ ان قبيلي جا گڏيل معاشي مفاد هجڻ ڪري انهن ۾ سرداري نظام هجڻ لازمي ٿئي ٿو اهو بنيادي اصول سماجي ارتقا ۾ يورپ کان هلندي آفريڪا ۽ ايشيا جي چڱي خاصي ملڪن ۾ ڦهليل هيو پر هنڌ ۽ سنڌ ۾ قبائلي نظام نه اچي سگھيو، ها ان جي جاءِ تي برادري ۽ پنچائتي نظام رهندو اچي ٿو سنڌ ۾ ذات ۽ برادريءَ کي قبيلي جو نالو ڏنو ويو توڙي جو قبائلي وضاحتي اصولن ۾ سنڌ جون برادريون نٿيون اچن پر اهو برادريءَ جو نالو استعمال ڪندي پٺاڻن ۽ بلوچن جي سياسي ۽ سماجي اثر ڪري برادريءَ جي چڱن مڙسن سرداري اعزاز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي برادريءَ کي پهريان قبيلو سڏيو پر هاڻي انهيءَ کي “ قوم” سڏي رهيا آهن. برادريءَ کي قوم سڏڻ وارو لفظ اسان جا ڪيترائي پڙهيا لکيا ماڻهو استعمال ڪن ٿا. اهو قوم جو لفظ برادرين جا ڀوتار جيڪي اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيل آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ جيڪي ايم پي اي ۽ ايم اين اي آهن اهي به وڏي فخر سان استعمال ڪندي ٿڪجن نٿا. سنڌ کي جيترو خطرو ڌارين جي آبادڪاري ۽ معاشي ڦرلٽ مان آهي انهيءَ کان وڌيڪ خوفناڪ خطرو قومي وحدانيت ۾ نفاق پيدا ڪندڙن مان آهي ، مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته اهو داخلي تضاد سنڌ جي وجود کي ڪينسر جي بيماريءِ جيان لڳل آهي هيءُ باشعور ۽ سو لائزيڊ قوم جيڪا پنج هزار سالن کان وڌيڪ تهذيب جي تاريخ رکي ٿي انهيءَ کي اها سرداري جهالت تهذيب جي ارتقا کان ڪٽي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي.
مان جاهل لفظ يا جهالت جو لفظ استعمال ڪرڻ کان ڪيٻائيندو هوس پر پوءِ تاريخ جي ارتقا پڙهڻ سان ۽ وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان مان ان نتيجي تي پهتس ته جهالت فرد جي اندر تڏهن پيدا ٿي ٿئي يا هن ۾ موجود آهي جڏهن هو پنهنجي ذاتي مفادن جي ڀيٽ ۾ اجتماعي مفاد ، انساني اخلاق ۽ برابريءَ جي حيثيت کان خالي هجي ٿو ۽ گڏوگڏ هو قومي مفادن جي پرواھه نٿو ڪري انهيءَ جي پرک سادي انداز ۾ هيءَ آهي ته هو سڀ ڪجھه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي باوجود سمجھڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي اهڙو فرد مڪمل طور تي جهالت جي زمري ۾ اچي ٿو پر جي پاڻ اڃان به هيءَ وضاحت ڪيون ته سماج جي ارتقا ۾ جيڪي شيون ۽ نظريا مدي خارج ٿين ٿا ڇو ته اهي فائدي جي بجاءِ نقصان ٿا ڏين ۽ انهن کي قائم رکڻ وارا يا ان ارتقا جي اصولن کي نه مڃڻ وارا عقل مند نٿا ٿي سگھن. پورو يورپ جڏهن قبائلي ۽ سرداري نظامن ۾ قيد هيو ته بدترين ۽ وحشي صورت يورپ جي نظر ٿي آئي اهي ئي سردار عرب دنيا جي اندر پنهنجي وڇوٽين کي ۽ تضادن کي وڌائي عرب قوم جي وحدانيت کي برباد ڪيو هو. بلڪل اهڙيءَ طرح افغانستان جي خانه جنگي جو بنياد قبيلائي مفادن ۽ سرداري جهالتن تي بيٺل آهي ۽ اڄ به عربن جي مڊل ايسٽ ۾ قبائليت کي ۽ سرداريت کي سامراجي قوتون پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿيون اهڙيءَ طرح اڄ سنڌ جي اندر به اهائي صورتحال آهي جو نام نهاد سرداريءَ جي نالي تي ۽ قبيلائيت جي نالن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪري سنڌ جي وحدانيت کي برباد ڪري آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ جيستائين ان جهالت جي قيد مان آزاد نه ٿيندي ان وقت تائين سنڌ جي قومي وحدانيت قائم ٿي نه سگھندي. جيستائين سنڌ جي وحدانيت قائم نٿي ٿئي تيستائين سنڌ جو ۽ سنڌي قوم جو مستقبل سواليا نشان رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *