تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

سنڌ کي پنهنجي ساڃاهه جي اٿارٽي ٺاهڻي پوندي

ٻيٽ سنڌ جا آهن يا وفاق جا آهن ٻنهي صورت ۾ ترقي ٿيڻ گرجي، ٻنهي جي اتفاق سان اهو ٿيڻ کپي جنهن کي خوشحالي ڪوٺي سگهجي ۽ 21هين صديءَ جي سنڌ ڪوٺي سگهجي. ابتدا اتان ته اتان ئي سهي، سنڌ ترقي ڪري ان جا شهر آبادي ٿين، مسڪينيءَ کي مستقل نه رهڻ کپي، ماضيءَ واري ڳالهه مستقبل ۾ نه رهڻ گھرجي. غربت ۾ گھڻو گذاريوسين، غربت کي ابن ڏاڏن جي نشانيءَ طور برقرار نه رهڻ گھرجي. سڃائيءَ کي وڏن جي ورثي طور سانڍڻ نه گھرجي.
ترقيءَ سان اتفاق آهي پر ملڪيت ۽ مالڪيءَ وارو نبيرو ٿيڻ گهرجي، جنهن جو جيترو آئيني طور حصو آهي اهو ان جو تسليم ڪري ان کي انهيءَ حساب سان ترقي ۾ حصو وٺڻ گھرجي، سنڌ جي ترقي به ملڪ جي ترقي آهي، وفاق جي ترقي به صوبي جي ترقي آهي، سڀئي وحدت جا حصا آهن، صوبا ملڪ جي مڙني وسيلن جا مالڪ آهن، دائرا انتظامي آهي، ذميواريون ورهايل آهن پر غم ۽ خوشيون گڏيل آهن، اسين ملڪ ۾ آهيون، ملڪ اسان سان آهي. انصاف هئڻ گھرجي، هر ڪنهن جو حق تسليم ٿيڻ گھرجي، ٿوري به گڙٻڙ گھمسان ڪري سگھي ٿي، ناانصافي اهڙو نقصان ڪري سگھي ٿي جو هن ملڪ جا وڏا به پورا نه پون. ٻه ڀائر ٽيون ليکو هوندو آهي، جيڪي ليکو ڪري سگھن ٿا ضرور ڪن، رشتا به ڪنهن حساب سان هوندا آهن، اهي حساب ٿيڻ کپن، يڪجهتي جي نالي تي ليکي کي ليڪ نه اچڻ گھرجي، اڳ ۾ جيڪي ناحق ۽ ناانصافيون ٿيون آهن تنهن کان پوءِ ته اکيون کليون ئي رهڻ کپن، اعتبار ايڏا آسان به نه ٿيڻ گھرجن جو هر پاڪيءَ وارو مٿو ڪوڙي وڃي. تجربي لاءِ جيڪي دوکا کائي سگھجن ٿا سنڌ ان کان وڌيڪ کاڌا آهن، قومي ڌارا جي سفر تي، رستي ۾ ڪنهن پٿر تي اهو ته لکيل هجي ته بيوقوفيءَ جي حد ختم، هتان هوش جي حد شروع ٿئي ٿي. پنهنجن اهڙن تي به اعتبار پورو ٿي وڃڻ کپي جن گھرا گھاوَ ڏنا آهن. ڌارين جي دوکن ۾ اچڻ جو به انت ٿيڻ گھرجي، سوچ کان وٺي سمجھه تائين، يقين کان وٺي اعتماد تائين عقل جو استعمال ٿيڻ گھرجي، قوم جو شعور فيصلا ڪري، عوام جو ضمير آزاد ٿيڻ کپي، هاڻي ڪنهن جي شهيد جي قرض هيٺ نه رهڻ گھرجي هاڻي ووٽ کي آزاد ٿيڻ گھرجي.سنڌ جي سياسي نمائندگي صحيح نٿي ٿئي تڏهن ڪو ون يونٽ آ، ته ڪڏهن گورنر راڄ، ته ڪڏهن ايمرجنسي يا ڪائي پهرين آڪٽوبر ۽ 12 مئي آهي. خود جمهوريت به تڏهن بي فائدي ۽ بي قائدي آهي. ڪڏهن ٻٽو بلدياتي نظام آهي، ڪڏهن پنهنجا شهر اوپرا آهن، تڏهن ڪراچي ۽ سمنڊ ۽ ان جا ٻيٽ کسجڻ جھڙا آهن. حقيقي مالڪي هجي ها ته سنڌ کان اهي صوبو نه گھرن ها جيڪي بکيا پيٽ هن صوبي پاليا، جن کي پناهه هن ڌرتيءَ تي ملي، هنن کي منڍ ۾ ئي سڃاڻڻ گھرجي ها، هنن کي مٿي تي ئي ايڏو نه چاڙهجي ها جو اڄ کائڻ ٿا اچن. هو جيڪي ڪالهه بنا مئنڊيٽ جي سنڌ جي اقتدار ۾ شريڪ ڪيا ويا، اڄ سنڌ جي خلاف هر سازش جو حصو آهن. ڪي سازشون هنن جون آهن، ڪي هنن جي فائدي لاءِ ڪيون پيون وڃن. نادان اسان جا نمائندا نه ٿين ها ته اڄ سنڌ ڇو اهڙا ڏينهن ڏسي ها.
اسان کي ڪراچي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن جي ترقيءَ جي حمايت به ڪرڻي آهي ته ساڳئي وقت سازشن کي به سمجھڻو ۽ انهن سان وڙهڻو به آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي حمايت ڪرڻي آهي پر ان شرط تي ڪرڻي آهي ته ٻين شهرن کي ڪراچيءَ جي اڌ جيتري ترقي ملڻ گھرجي. اضافي ترقيءَ کي اتي جھلي هاڻي بنيادي ترقي جي ضرورت تي زور ڏيڻو آهي، سنڌ هڪ آهي اهو ئي هاڻي برابري جي بنياد تي ثابت ڪرڻو آهي. ڪراچي مورڙي جو شهر آهي پر مورڙي جا ڪي ڀائر به آهن انهن جا به شهر آهن انهن کي به مٿي اچڻو آهي. جھڙا شهر ٻيٽن تي ٺاهڻ جو ارادو آهي اهڙو ٻين شهرن کي بنائڻ جو ارادو درڪار آهي. نوان ڀلي بين الاقوامي ٺهن پر ان کان اڳ ۾ جيڪي آهن اهي ته قومي ٿي سگھن.ترقيءَ کي حقيقي ٿيڻ کپي، اهو اسان لاءِ ڏٽو نه ٿيڻ کپي، شرٽ تي ٽاءِ پوءِ هڻڻ گھرجي، اول پوري طرح پائڻ گھرجي. ڪراچيءَ کي ماٽيلا ڀائر تڏهن ڀر ۾ بيهاري ڏنا وڃن جڏهن ان جي سڳن ڀائرن کي بنيادي سهولتن سان جيئڻ جھڙو بڻايو وڃي. سنڌي ماڻهو سادا ڪيترو به هجن پر ايترو سمجھن ٿا ته ٻيٽن تي ٻه شهر اڏي ڪراچيءَ کي صوبي جيتري سائيز وارو پيو بڻايو وڃي. ڀر ۾ اهي شهر ۽ هيڏي حيدرآباد تائين والار ڪري وچ وارو خال ڀرڻ جي ڪوشش آهي. بحريه ٽائون انهيءَ خال ڀرڻ جو پهريون قدم هو، هي ٻيون قدم کڻڻ جي ڪوشش هوندي. ڪراچي کي حيدرآباد سان ڳنڍي ۽ ڪينجھر کان ملندڙ پاڻي وارو سارو علائقو هڪ ڪري الڳ صوبو بڻائڻ واري سازش جي بوءِ ٿي اچي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ ان کان سواءِ ٻي اسڪيم ئي نٿي لڳي.
سنڌ جي اها بدقسمتي آهي ته انهيءَ سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ان وٽ سياسي نمائندگي ڪانهي، جيڪا نمائندگي آهي ان جي حصي هئڻ جا اطلاع آهن، پهريون خاموش ۽ تنقيد کان پوءِ رسمي مخالفت سان ڇا ٿيندو، ڪيس ڪمزور ئي رهندو، سنڌ جي سول سوسائٽي ڇا ڪري سگھندي، اهي سڀ سياسي شعور جي ڪميءَ جا نقصان آهن، جذباتي ٿي ووٽ ڏيڻ جا نقصان ايئن ٿيندا آهن. هي سياسي عشق جون آڏيون آهن، هي شهيدن جا قرض لاهڻ جا نتيجا آهن. اهڙن لاڙن سان سنڌ اڃان الائي ڪٿي پهچندي، ڪڏهن به قوم ٿي نه سوچيو آهي، قومي شعور سان ووٽ نه ڪيو آهي، تڏهن ئي ته اهڙا ڏچا ڳچيءَ ۾ آهن!وقت اچي ويو آهي ته سنڌ پنهنجي ساڃاهه جي اٿارٽي ٺاهي، جيڪا سنڌ جي خلاف سمورين سازشن سان وڙهي. سنڌ جي ساڃاهه کي اول پنهنجي جملي جذبي سان وڙهڻو آهي، جيڪو جڏهن تڏهن نادانن کي مٿي تي چاڙهي ويهاري ٿو. ان کان سواءِ عوام ۾ پهريون وجود جو شعور پيدا ڪرڻو آهي پوءِ ان ووٽ جي اهميت سمجھائڻي آهي، جنهن سان وسيلن سميت وجود بچائبو آهي.، ان کان سواءِ انيڪ جهالتن سان جھيڙو ڪرڻو آهي، سنڌ جاڏهون ڪاڏهون خطرن ۾ آهي، سنڌ هڪ داخلي جهالتن ۾ وٺجي وئي آهي، ٻيو ٻاهرين خطرن ۾ آهي، سنڌ جي حڪومت صرف حڪومت ٿي ڪري، حڪومت ڪندي جيڪي خرچ ٿيندا آهن اهي ڇڪي ٿي ڪري، پر جيڪي حفاظتون ٿينديون آهن اهي نٿي ڪري. اهڙو ڪجھه به نٿي ڪري جنهن کي سنڌ جي نمائندگي چئجي.
ڏنگي ۽ ڀنڊار سنڌ جا ٻيٽ آهن، انهن جي اهڙي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ترقيءَ جي مخالفت نه ٿئي، بلڪه ترقيءَ جي حمايت ٿئي، ٻيٽن جي مالڪي ترقيءَ جي مالڪي ثابت ٿئي. ترقي ضرور ٿئي پراها ترقي مالڪن جي نمائندگي سان ٿئي. اعتماد سان ٿئي، سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ سان نه ٿئي، چون ٿا ته سنڌ حڪومت NOC ڏنو آهي، اين او سي جو ڇا مطلب؟ اين او سي ٻين کي ڏبو آهي، جڏهن ته هتي مالڪيءَ بنياد تي ترقي ۾ حصيدار بڻجڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ملڪيت سنڌ جي آهي ته ترقي سنڌ پاڻ ڪري، جيڪڏهن ملڪيت گڏيل آهي ته ترقي جو عمل به گڏيل طور ٿيڻ گھرجي. ان معاملي تي نه ٿڌو ٿيڻ جي ضرورت آهي نه ڪوسو ٿيڻ جي ضرورت آهي، هڪ اصولي، قانوني ۽ آئيني موقف ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي ساڃاهه جي ڪا اٿارٽي ٺهڻ گھرجي جيڪا انهيءَ معاملي کي هينڊل ڪري، اهو ڪم پ پ حڪومت کان نه ٿيندو. صرف ضمير ۽ سنڌ جي ساڃاهه ئي لالچ، دٻاءَ ۽ مصلحتن کان مٿي ٿي ڪم ڪري سگھي ٿي. مون کي پڪ آهي ته سنڌ جي ساڃاهه سنڌين کي جذبات ۾ نه نچائيندي بلڪه سندن نمائندگي ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *