تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ ھيءَ عيد ڪيئن ملھائيندي؟

ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آ ته ڏکن کي فلائيٽ موڊ ( موبائل جو ھڪ آپشن، جنھن ۾ موبائل آن ته ھوندي آ، پر ڪو رابطو ناهي ٿي سگھندو) ھڻي ڇڏجي، جيئن اسان خوشين وارا ڏينهن آرام سان سيليبريٽ ڪري سگھون. 
پر اسين ھڪ اھڙي ديس  ۾ رھون ٿا، جتي خوشين مٿان ڏک، بک ۽ بيروزگاري سدائين حاوي هوندي آ، ان ڪري اسانجي حصي جون خوشيون اسان تائين پهچڻ کان اڳي ئي فنا ٿي وينديون آھن، يعني ڏک اسانجي خوشين جو اڳ جھليو بيٺو هوندو آ، ان ڪري اسين سگريٽ کان به تڪڙا سڙندا آھيون، ۽ ان سڙڻ واري موسم ۾ عيد جو اچڻ يقينن اسانجي دل ۽ دماغ کي تسلي ضرور ڏيندو ته خوشيون ڀلي عارضي ئي ھجن، پر اسانجي ٻسن ٻسن اڱڻن تي ضرور اچن. 
آڱرين تي ڳڻن جيترن ڪلاڪن جي وٿيءَ تي عيد آھي، اسانجون عيدون به عجيب عيدون ھونديون آھن، عيد ڏهاڙي تي ته ڪاروڪاريءَ جون ڪاتيون دڙڪندڙ دلين لاءِ اڀيون ھونديون آھن، خصيص انائن ۾ ڦاٿل برادريون ھن ڏھاڙي تي به ھڪ ٻئي جون سسيون لاهڻ لاءِ پريشان گھمنديون آھن، دهشتگردي جي خطري سبب ديس جا اڌ کان وڌيڪ عيد گاھه فوج توڙي پوليس جي جوانن سان ڀريل ھوندا آھن، 
پر ھيءَ عيد وري ڪورونا جي خوف وارن ڏهاڙن ۾ اسان وٽ آئي آھي، ٻن مھينن جي عرصي کان وڌيڪ ساري دنيا جيان اسان پڻ ڪورونا جي وبا واري جنگ ۾ ھارايل سپاهين جيان ٿي ويا آھيون، ھن جنگ ۾ ٻيو ڪنھن جو نقصان ٿيو ھجي يا نه ٿيو پر غريب طبقو پيڙھجي ويو. 
ڪورونا وارن ڏهاڙن ۾ مون ڪجھه سماجي اڳواڻ دوستن سان گڏجي ڪم ڪيو، ڪم ڪرڻ دوران مون ھڪ اھڙو خاندان به ڏٺو جنھن جو ڪکائون گھر ھڪ برگر فيمليءَ جي عاليشان بنگلي ڀرسان اڏيل ھيو پر برگر فئمليءَ کي اھو پتو ئي نه پئجي سگھيو ته اسانجي بنگلي جي ڀت سان جيڪو لاڏائو گھر آھي، ان گھر جي چلھه نه ٻرڻ جوسبب ڪھڙو آھي. 
ڪالھه ھڪ ڪچهريءَ ۾ اسانجي نامور ڪهاڻيڪار دوست ابراهيم کرل ھڪ سوال اٿاريو ته اوھان عيد ڪيئن ڪندئو؟ آئون ان سوال ۾ ٿورڙي ترميم ڪندي اھو ساڳيو ئي سوال مون جڏهن سوشل ميڊيا تي اٿاريو ته سنڌ هيءَ عيد ڪيئن ڪندي؟ ته ان سوال جي موٽ ۾ ساڃاھه وند طبقي جيڪي جواب ڏنا، سي جواب مونکي ته روئارڻ لاءِ ڪافي ئي ھئا، پر انهن جوابن، انھن نوابن جي منھن تي ڪا چرپر ئي نه آندي، جن نوابن کي اسانجو ھي ديس ٺيڪي ۾ مليل آھي. 
سنڌ هيءَ عيد ڪيئن ڪندي؟ جي سوال ۾ مونکي ان باڪس ۾ ھڪ ڪراچي جي ھڪ سماجي اڳواڻ خاتون صاحبه ڪجھه اهڙيون ڳالھيون شيئر ڪيون جو منھنجي مٿي کي چڪر اچي ويا ته اسانجي سنڌ ۾، اسانجا سنڌي ماڻهون ڪيڏي نه لاچاريءَ واري زندگي گذاري رھيا آھن، يعني ھن سماج جو گھڻو طبقو لاچاريءَ واري زندگي ئي گذاري رهيو آ، ۽ اھڙي لاچاريءَ واري زندگيءَ ۾ مرندا آھن اسان جا خواب…. خوابن جي مرڻ واري ڳالھه تي نامور شاعر ڊرامه رائيٽر ايوب گل جي نظم جون ڪجھه سٽون ٿيون ياد اچن: 
“پوءِ جڏهن آئون وڏو ٿيس
امان ھڪ پراڻي صندوق مان
مونکي پنهنجي خوابن جي لسٽ ڪڍي ڏني 
جن مان سڀ کان پھرين خواب ۾ مونکي
بادشاھ جي چوٿون نمبر ڌيءَ کي ديوَ کان آزاد ڪرائڻو ھو
۽ تيستائين بادشاھتن جو زمانو ختم ٿي چڪو ھو
پر اسانجي وطن  مان اڃ جو دور اڃا پورو نه ٿيو ھو. ”
منھنجي خيال ۾ پياري ايوب گل جي نظم جون ھي سٽون “سنڌ ھيءَ عيد ڪيئن ڪندي؟ ” واري سوال جي جواب ۾ ھڪ مضبوط جواب جيان ٺهڪي اچن ٿيون ، ۽ ايوب گل ڪنھن اڃ جي ڳالھه ڪئي آ، ان ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي آئون ته اھو به چوندس ته اسين پاڻيءَ ھوندي اڃارا مري ويندا آھيون، ۽ اھا اسانجي اڃ ئي اسانکان عيدن جون خوشيون کسي وٺڻ ۾ اڳڀري ھوندي آ، ڇو ته عيد اڃارا وجود ملهائي ئي ناھن سگھندا، ۽ عيد جو تعلق ته خوشين سان ئي ھوندو آ، افسوس اسان جون خوشيون اسانجي اڃ جي درياءَ حوالي آھن، ان ڪري منھنجو سوال “سنڌ ھيءَ عيد ڪيئن ڪندي؟ ” اتي جو اتي ئي آھي…. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *