تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌ ۽ سرداري جهان

سردارين سنڌ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. عوام کي جيترو ان بوا بيوس ڪيو آهي ايترو ته وبا به ناهي وچڙندي. خلق کي ايترو جسماني بيمارين نقصان نه ڏنو هوندو جيترو جاگيرداريءَ جوڳ ڏنو آهي. ماڻهو وڏيرن وٽ واڙيا پيا آهن، ڳوٺ، ديهون ۽ ڪيٽيون وڏا قيد خانا بڻيل آهن، علائقن جا علائقا اوپن جيل آهن، ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان قيدي آهن. اهو ذهن انهن زنجيرن کي قبول ڪري ٿو جيڪو ابن ڏاڏن کان نه پڙهيو نه ڪڙهيو، هن نسل در نسل اهو ٻڌو ته “وڏيرو اسان جو ابو آهي، ٻچن جو مالڪ آهي”، اهو مالڪ پوءِ جانورن جيان وهائي يا رهائي سندس مرضي آهي. اهڙي اسان جي ٻهراڙيءَ واري سنڌ آهي.
سياست اسان جا اقتداري اختيار رکي ٿي ۽ جاگيرداري اسان جا جسماني حق ۽ واسطا رکي ٿي. وڏيرو هيٺ راڄ ڀاڳ جو مالڪ مٿي ان سياست جو مالڪ جيڪا حڪومت وٺي جيڪو ڊاهي جيڪو ٺاهي! اسين ابن ڏاڏن کان انهن جي ابن ڏاڏن جا به قرضي، وڏا وڏن جا اڳواڻ، ننڍا ننڍن جا ليڊر!! هنن جا وڏا مري وڃن ته پنهنجن ننڍن کي ليڊر نامزد ڪري وڃن، اسان جا وڏا مري وڃن ته انهن جي فرمانبرداري جي پارت ڪري پوءِ مرن، تعليم جو نظام به لوڪل، چار درجا پڙهي ڪري به پڙهيل پوري جو پورو غلام، سڀ ڪنهن جو انهيءَ سسٽم کي سلام جيڪو جاگيرداري جو نگهبان!!
غريب جو پٽ ڪيڏو به پڙهي پر ڳوٺ ۾ وڏيري جو ئي وهيٽ، وڏيري جو پٽ ڀلي ولايت ۾ پڙهي اچي پر ڳوٺ ۾ اهو ئي وڏيرو ۽ وڏيرڪا سندس ڪم! حليو تبديل هوندو حالت اها ئي هوندي، وڌ ۾ وڌ تبديلي اها هوندي ته لٺ سريو ٿي ويندي ليڪن استعمال اهو ئي هوندو. سنڌ اڄ به انهيءَ سطح تي آهي جيئن انگريزن جي اچڻ کان اڳ هئي، فرق فقط ايترو آهي ته وڏيرا اڳي جانور وڌيڪ وڙهائيندا ها هاڻي ماڻهو وڌيڪ ٿا وڙهائن!
انهيءَ جاگيرداري کي اسان جي باشعور طبقي طرفان ڪو چئلينج ڪونهي. تعليم جي طرفان ان جهالت کي ڪو خطرو ناهي، علم ان سان ڪڏهن به نٿو اچائي، ڇو جو اهو پاڻ نالي ۾ ٿو سڏائي ۽ پرائمري کان وٺي اعليٰ سطح تائين جهالت جي حد پهتل آهي، ان جي اڃان اڳتي منزل آهي، ترقي فقط جهالت جي آهي، ان حالت جي آهي جيڪا پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي هڪ جهڙي آهي. علم ۽ تهذيب وارن ملڪن جون خبرون ته پهچن ٿيون جيڪي اسين پڙهي شيئر ڪري وري به شريڪ انهيءَ شغل ۾ رهون ٿا جيڪو سمجهه واري جي شرمائڻ لاءِ ڪافي آهي.
اسان جي معاشري ۾ برائي ايتري ته ويڪري ٿي چڪي آهي جو ساديون صورتون به ان جون آهن ته ماڊرن شڪليون به ان جون آهن. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو برائيءَ جي ماڊرن شڪل جو طرفدار ٿي پاڻ کي باشعور ٿو سمجهي. انهيءَ جا ٻه مثال تازو سامهون آيا آهن. اتر سنڌ جي ٻن جاگيردارين ۽ سردارين جي حوالي سان پڳ جي معاملي تي ٻه تنازعا سامهون آيا آهن. گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ قبيلي کان ٻاهر رشتن ڪرڻ تي سردارين جي عزيزن بغاوت ڪئي آهي. ايئن ڪرڻ کي هنن پنهنجي قبيلائي عزت تي حرف اچڻ سمجهيو آهي. ان تي هنن کي سرداري پڳ جو لائق نٿو سمجهيو وڃي، هڪ سردار جي عزيز تي پنهنجي راڄ جي ڪن ماڻهن کي ڪٺو ڪري پاڻ کي پڳ پارائي ڇڏي، جڏهن ته ٻئي سرداري جي عزيز پاران به اهڙي ڪوشش ٿي رهي آهي. انهن جو خيال آهي ته سرداري ۽ پڳ قبيلي جي امانت آهي، جن سردارن قبيلي کان ٻاهر رشتا ڪيا آهن تن جي مٿي تان اها پڳ ڪري پئي آهي، هاڻي اسان کي اها پڳ پنهنجي مٿي تي رکي ان جي حفاظت ڪرڻي آهي.
اسان جو پڙهيل لکيل طبقو هڪ انهيءَ قسم جي بغاوت جي ڀر کڻي بيٺو آهي ته ٻيو طبقو وري موجود سرداري ۽ اڳ وارن پڳدارن جي انهيءَ بنياد تي حمايت ڪري رهيو آهي ته انهن سردارن قبيلي کان ٻاهر رشتا ڪري ٺيڪ ڪيو آهي، هنن خانن هڪ فرسوده رسم کي ٽوڙيو آهي جڏهن ٻنهي قسم جي حمايتين اڳيان اهو سوال رکڻ جي ضرورت آهي ته جن “فرسوده رسم” کي ٽوڙيو آهي تن به پنهنجي سرداري ۽ جاگيرداري مفاد جي پورائي ڪئي آهي ۽ جن بغاوت ڪئي آهي تن به جاگيرداري انا جو استعمال ڪيو آهي، ٻنهي صورتن ۾ جهالت آهي، ٻنهي حالتن م سرداري برقرار رهي ٿي، هڪڙو ڇڏي ۽ ٻيو ٻڌي پر پڳ ته اها ئي وڏيري جي مٿي تي رهي ٿي، هي ٿئي يا هو رهي جاگيردار ته رهندو ۽ رهندي اها ئي روش جيڪا جنم جنم کان جهالت جي امين ۽ پاسدار آهي.فرق ڪهڙو پوندو ۽ بهتر ڇا ٿيندو؟
هڪ پڳ تي حقداري جي دعويٰ سان ٻه مٿان اڳيان اچن ٿا ته ڪنهن هڪ جي حمايت توڙي مخالفت اصل ۾ پڳ جي ئي حمايت هوندي جيڪا هر صورت ۾ جائز ڪونهي. جيڪو به ٻڌي پر جڏهن اها پڳ ٻڌي ٿو ته راڄن جي پڳ رولي ٿو، سرداري هر صورت ۾ عام ماڻهو جي زندگي کي جانورن جهڙو ٿي بڻائي. قبيلي جي ساري عزت ان پڳ تي اچي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ قبيلي جي سمورن ماڻهن جا اختيار ان پڳدار وٽ اچي سرينڊر ٿا ٿين. پوءِ جيڪو ڪري پڳدار ڪري، هڪ شخص هزارن تي ڀاري آهي، لکين ماڻهو گڏجي ڪري به ان شخص جو مٽ نٿا رهن جنهن جي مٿي تي اها پڳ هجي ٿي. هو هنن جي ووٽن جو به پوءِ مالڪ آهي ته سندن عزتن جو به مالڪ ۽ ننگن جو به مالڪ، ٻين لفظن ۾ راڄ سارو ڍور ڍڳا آهن ۽ هو سندن ڌنار!
جڏهن ته ضرورت جهالت جي هر صورت جي مخالفت بلڪه مهاڏو اٽڪائڻ جي آهي. اسان جي انهيءَ تعليم جو فائدو ئي ڪهڙو جيڪا جهالت جي ڪنهن نه ڪنهن صورت جي حمايت ضرور ٿي ڪري، جهالت کي سمجهڻ بنا جهالت جي مخالفت نٿي ٿي سگهي. جهالت جي مخالفت ته بظاهر هاڻ جاهل به ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو اها ايتري بدنام ٿي وئي آهي جو ان جي مخالفت هڪ فيشن بڻجي ويو آهي. مخالفت جي نالي تي جهالت کي ئي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جا سوين مثال آهن، هڪ جو مون ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري تعليم کان وڌيڪ شعور جي ضورت آهي. توهان ڏسو ته هاڻ وڏيرو تعليم جو کليو مخالف نه رهيو آهي، رسمي تعليم تي هو خود زور ٿو ڏئي، اصل مخالف هو شعور جو آهي، جتي هڪ اڌ ماڻهو شعور وارا ڏسي ٿو انهن کي تنگ ڪري ٿو، آخرڪار انهن کي مارائي به ڇڏي ٿو، اهڙي قسم جي وارتا انور شيخ جي ناول “اڻ سڃاتل” ۾ پڙهي سگهجي ٿي.
آخر ۾ هڪڙي شڪايت اها به ڪريان نام نهاد دانشور ميڊيا تي ان حوالي سان تنقيد ٿا ڪن ته اها سرداري پڳ وارن اشوز تي ڊسڪس ڇو ٿي ڪري، هنن جو خيال آهي ته اهو گند ته موجود رهي پر ان تي ڳالهايو نه وڃي. هو يار نٿا سمجهن ته ميڊيا سماج جو عڪس ۽ آئينو آهي، جهڙو سماج هوندو تهڙو عڪس ڏيکاريو ويندو. خبر کي لڪائي نٿو سگهجي ان تي ڳالهائي ان کي وائکو ضرور ڪرڻ گهرجي. ميڊيا تي ڳالهائي ان برائي تي تنقيد ئي ٿئي پئي، حمايت واري ڳالهه ته ميڊيا تي نظر نه آئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *