Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sv8v14todkaodkvleg515gcs5i, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ ۾ اوچتو اڀري آيل لاقانونيت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ ۾ اوچتو اڀري آيل لاقانونيت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سنڌ ۾ اوچتو اڀري آيل لاقانونيت

سنڌ ڪجهه سالن کان لاقانونيت جي بلا کان ڪنهن حد تائين پاڻ ڇڏائي سک جو ساهه کڻڻ شروع ڪري رهي هئي ته وري گهڻ رخي بدامني سنڌ کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.هلڪين ڦلڪين چورين چڪارين کان وٺي ڦر, اغوا جي وارداتن ،ذاتي جهيڙن ۾ حملن،قتل ۽ قبائلي تڪرارن جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن،ڄڻ ته هر قسم جي ڏوهارين جو ڪنهن پٽو ڇوڙي ڇڏيو هجي ۽ اهي بنا خوف جي ڪارروايون ڪرڻ ۾ آزاد هجن،پهرين انهن وارداتن جون خبرون رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيون پوءِ بدامني وڌڻ جو سرڪاري توڙي انتظامي سطح تي اعتراف ٿيڻ شروع ٿيو هاڻي حالت اها ٿي آهي جو شهرن ۾ ماڻهو هڙتال ڪري بدامني خلاف روڊن تي نڪري رهيا آهن.ڄڻ صورتحال سنڌ ۾ وري انهي ساڳئي پاسي وڃي رهي آهي جڏهن تقريبن سنڌ جي هر شهر ۾ امن لاءِ احتجاج ٿيندا هيا،پوءِ پاڙن ۾ چوڪيداري سسٽم ٺهيو ،ڳوٺن ۾ ماڻهو واري تي مورچابند ٿي ويهندا هيا ۽ روڊ رستا شام کان پوءِ سنسان ٿيندا هيا ۽ پبلڪ ٽرانپسورٽ جو پوليس ڪانوءِ کانسواءِ هلڻ مشڪل هوندو هو يا ڪير اهو خطرو کڻڻ ئي نه چاهيندو هو.
سنڌ ۾ ڪجهه وقت اڳ تائين روڊن تي هٿياربندن جي حڪمراني هوندي هئي ۽ شهرن ۾ دهشتگردن ماڻهن جي حياتين سان کيڏندا هيا،اسٽريٽ ڪرائيم ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ نه هو ،موبائيل ڦر عام ڳالهه ٿي وئي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي اهو ٻڌائي رهيو هو ته اغوا کان وٺي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌارو ٿيو آهي ته ان وقت ئي حڪومت ۽ انتظاميا کي تحرڪ وٺي ان جي سببن تي ويچاري ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها پر لڳي ٿو اجلاس ۾ بريفنگ ڏيڻ ۽ وٺڻ کانپوءِ انتظاميا ۽ حڪومت ڪن تي پٽڪو رکي سمهي پئي هئي جنهن ڪري انهي بدامني کي روڪڻ يا ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ نظر نه پيا اچن يا ڪو نتيجو نظر نه ٿو اچي، ڇو ته اجلاس کي تقريبن ٻه هفتا گذرڻ کانپوءِ به لاقانونيت جي هر شڪل جي وارداتن ۾ واڌ ئي نظر اچي رهي آهي اهي ڀنگ لاءِ اغوا هجن،برادري جهيڙن ۾ ٿيندڙ قتل ،جهيڙا جهٽا،ڦر چوري جون وارداتون يا اسٽريٽ ڪرائيم يا ٻيا ڏوهه هجن.ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ بدامني خلاف شايد ئي ڪا هڙتال ٿي هجي پر ٻه ڏينهن اڳ وارهه شهر ۾ بنا ڪنهن سياسي يا سماجي ڌرين جي سڏ جي،واپارين ۽ شهرين پاڻمرادوشٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪري ڌرڻو هڻي ڄڻ حڪومت ۽ انتظاميا کي ڌونڌاڙيو آهي ته اکيون پٽيو ۽ ڪن کڙا ڪيو صورتحال خراب ٿي رهي آهي. اهو حال ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڏي پئماني تي احتجاج جو اظهار هو. ماضي ۾ سڄي سنڌ اهڙن احتجاجن جو نمونو هوندي هئي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر مان هڙتال ۽ ڌرڻن جون خبرون رپورٽ ٿينديون هيون پوءِ شهرين مجبور ٿي شهري ايڪشن ڪميٽيون به ٺاهيون،جنهن کانپوءِ وڏين ڪوششن ۽ انتظامي فيصلن سبب سنڌ انهي بدامني جي باهه مان نڪتي هئي ۽ هڪڙي پرامن ماحول طرف سفر شروع ڪيو هو پر لڳي ٿو وري سنڌ کي انهي بدامني طرف ڌڪڻ جو ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو، اتفاق ٿي سگهي ٿو پر جنهن نموني هر قسم جي لاقانونيت پکڙجڻ لڳي آهي انهي تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته اها واقعي اتفاقي بدامني آهي يا ڪي عنصر ڄاڻي واڻي سنڌ جي امن کي تباهه ڪرڻ لاءِ سڀني قسمن جي ڏوهن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن .اهي عنصر ڪير ٿي سگهن ٿا،اهي عنصر علائقن جا بااثر به ٿي سگهن ٿا اهي پوليس ۾ به ٿي سگهن ٿا، ته اهي ڏوهاري ٽولا به ٿي سگهن ٿا جيڪي ڪجهه وقت اڳ امن لاءِ ورتل ڪوششن کان پوءِ کنيل قدمن سبب پاسيرا ٿي ويا هئا،يا پوليس فورس اندر موجود ڪاريون رڍون به ٿي سگهن ٿيون جن جو وقت بوقت مختلف وارداتن دوران ذڪر ٿيندو رهندو آهي .تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته انهن سڀني شين ۽ ڪردارن تي نه رڳو نظر رکڻ جي ضرورت آهي پر وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جي به ضرورت آهي جيئن وڌندڙ بدامني کي روڪي سگهجي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *