Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_l1ur7la5fgcv5g91243fln0see, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ ۾ آخر نصاب ۾ بهتري ڇو نه ٿي اچي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ ۾ آخر نصاب ۾ بهتري ڇو نه ٿي اچي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سنڌ ۾ آخر نصاب ۾ بهتري ڇو نه ٿي اچي؟

سنڌ ۾ نصاب جي تبديلي جي حوالي سان ڳالهه ڳڻائڻ شروع ڪبي ته اها لڳ ڀڳ هر دور ۾ ٿيندي نظر ايندي ۽ وري ان تي عمل جي ڳالهه ڪبي ته نظر اهو ايندو ته جيڪا ڳالهه پنڌرنهن ويهه سال اڳ ۾ ٿي هئي عمل وري ان تي ٿيندي نظر ايندو. ايئن ڏهاڪن جا ڏهاڪا گذري ويندا ۽ نصاب هر وقت پراڻو ئي هوندو. دنيا ۾ ميٿ، فزڪس، طب، ڪيمسٽري سميت سائنس جي مضمونن ۾ الائي ڇا ڇا نه تبديل ڪري پڙهايو ويندو آهي پر سنڌ ۾ ته تاريخ، سماجي اڀياس جهڙا آرٽ جا مضمون به ساڳيا پراڻا پڙهائجن ٿا ۽ ٻيو ته ٺهيو مادري ٻولين واري مواد ۾ ڪا نواڻ ۽ جدت نه ٿي آندي وڃي. لڳ ڀڳ هر حڪومت ۾ پر نصاب ۾ تبديلي ۽ جدت جا اعلان به ٿيندا رهيا. ڪڏهن عمل به ٿيو ته اهڙو جو ڪو فرق محسوس نه ٿيو. آخري ڀيرو ايڪويهين صديءَ ۾ به 2006ع ۾ نصاب ۾ تبديلي لاءِ نصابي پاليسي آئي پر ان تي عمل لاءِ 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي وچ تي اچڻو پيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ ڪراچي 12 نومبر 2019 تي سنڌ ۾ نصاب جي حوالي سان هڪ تفصيلي فيصلو ڏنو، جنهن ۾ سنڌ اندر فوري نصاب ۾ تبديلي آڻي اهو نصاب 2020ع تائين لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڪورٽ حڪم ڏنو نئون نصاب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لازمي طور ڇپرائي ۽ 2020ع واري تعليمي سال ۾ اهو پڙهائڻ به شروع ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڪورٽ واضع هدايتون به جاري ڪيون ۽ ڊيٽ لائين به ڏيئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ ترت ئي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي اهڙي حڪم تي سنڌ جي تعليمي نصاب ۽ امتحاني سرشتي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اعلى سطحي ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ان اعلى سطحي ڪاميٽي جو سربراهه سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر نثار احمد صديقي بڻايو ويو هو، تڏهن نثار احمد صديقي حيات هئا. جڏهن ته ڪاميٽي ۾ ميمبرن طور سنڌ جي تعليمي بورڊن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص جي چيئرمين کي ميمبر بڻايو ويو جڏهن ته سنڌ جي ڪريڪيولم جي ڊائريڪٽر تڏهن ناهيد شاهه دراني هئي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرن، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ۽ سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن کي به ميمبر مقرر ڪيو ويو هو. ان اعلى سطحي ڪاميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو ته اها ٽن مهينن ۾ نصابي پاليسي تحت ئي نئون نصاب جوڙي ۽ انهي کي اهو به چيو ويو ته لاڳاپيل ماڻهن کان مشورا حاصل ڪري سگهي ٿي. ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها ڏنل مدت ۾ سفارشون مڪمل ڪرڻ بعد سرڪار جي عملدرآمد ڪندڙ شعبن حوالي ڪندي جيڪي ترت انهن سفارشن آڌار نئون نصاب ڇپرائي لاڳو ڪندا.
ڪورٽ سڳوري توڙي چيف سيڪريٽري پاران ڪورٽ جي ڏنل هدايتن تحت ان ڪاميٽي کي نصاب ۾ تبديلين سان گڏ سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ به سفارشون جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو. اهو چيو ويو هو ته ان لاءِ جيڪي اهم قدم کڻڻا هجن ته اهي به کنيا وڃن. ان حوالي سان ڪورٽ سڳوري فيصلي ۾ به ڄاڻايو هو ۽ هدايتون ڏنيون هيون ته سنڌ ۾ امتحانن لاءِ وڏا وڏا سينٽر ٺاهيا وڃن، انهن سينٽرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن جيئن سينٽرن کي پوري ريت مانيٽر ڪري سگهجي. ان تفصيلي فيصلي ۾ امتحان وٺڻ جي حوالي سان به چيو ويو ته اهڙا جديد ۽ نوان طريقا تجويز ڪيا وڃن جيئن شاگردن جا اهنج گهٽجن. نه رڳو اهو پر تعليمي بورڊز ۾ پيپرن جي چڪاس واري عمل کي به شفاف بڻائڻ بابت ان ڪاميٽي کي تجويزون جوڙڻ جو ٽاسڪ مليو.
نصاب، امتحان ۽ امتحاني پيپرن جي چڪاس جهڙن ٽنهي مرحلن کي جديد انداز ۾ بڻائڻ لاءِ ان ڪاميٽي شروع ۾ ڪم ڪيو، پر اڳتي هلي خبر ناهي ته اهو ڪم ڪهڙي کوهه ۾ وڃي پيو. ڪاميٽي جو سربراهه ۽ مشهور تعليمدان نثار احمد صديقي به مئي 2020ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي ويو. بعد ۾ معلوم ٿيو ته ان ڪاميٽي مان ٻيون به ڪاميٽيون نڪري آيون ۽ اهي الڳ الڳ ڪم ڪن پيون. مٿان وري وفاقي سرڪار پاران هڪجهڙي نصاب لاڳو ڪرڻ لاءِ ڌار ڪم شروع ٿيو ۽ ايئن سنڌ ۾ نصاب جي تبديلي وارو پراڻو طرز جديد دور ۾ به جيئن جو تيئن پيو هلي. ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ سرڪار لاءِ نصاب جي سرشتي ۾ بهتري آڻڻ ڪو مسئلو ناهي رهيو، پر نيتن ۾ ڪا ڍرائي آهي جو 2010ع کانپوءِ تڪڙيون وکون کڻڻ بجاءِ وفاق کان اختيار هيٺ اچي وڃڻ باوجود سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي معيار ته بهتر نه ڪري سگهي پر حڪومتThe Sindh School Education Standards and Curriculum Act 2014 آڻڻ ۾ به وڏو وقت لڳايو، اهو 2015ع ۾ منظور ٿيو. مٿان وري ان ايڪٽ پٽاندڙ ڪامورڪي طريقي سبب سنڌ ڪريڪيوليم ڪائونسل به ڍڳو پير پيران ڪري ٺهي. نه رڳو اهو پر نصاب بعد ٻيون پاليسيون به ڪم ٽپايو بنيادن تي ٺاهيون ويون ۽ عمل لاءِ وري به ٻين مسئلن جيان ڪورٽ جو ئي فيصلو سامهون آيو، جنهن تي به عمل نه ٿي سگهيو. عمل ته مادري ٻولي کي لاڳو ڪرڻ واري قانون تي به ناهي ٿي سگهيو. جيڪي درسي ڪتاب ڇپجي اچن ٿا انهن جو معيار به بهتر نه ٿي سگهيو آهي. هر ڀيري نوان تجربا سامهون اچن ٿا. نصاب بابت گڏجاڻيون، ڪاميٽيون لاڳو ڪرڻ جا اعلان پيا ڌڙا ڌڙ ٿيندا پر سنجيدا ۽ عملي ڪم نظر ئي نه ايندو. جڏهن ته اهو ڪم سڀ کان بنيادي ۽ تڪڙن بنيادن تي لاڳپيل ماهرن وسيلي عمل هيٺ آڻڻ جو گهرجائو آهي. ٻيو ته ٺهيو سرڪار وٽ سوين تجويزون ۽ پاليسي پيپرس پيل آهن پر ڳالهه وري به عمل واري نيت جي بيهي ٿي. ”سنڌ نصاب ڪائونسل“ يا ڪريڪيوليم ونگ ميٽنگن کانسواءِ ڇا پئي ڪري ۽ ڪورٽ جي حڪمن جو ڇا ٿيو، ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي ۽ مٿان نئون تعليمي سال ڪورونا جي ڪري اڳ ئي متاثر ٿيل آهي ۽ وري نصاب وارو ڪم به ان بهاني سان رليل هجڻ جو جواز ٺهي مليو اٿن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *