Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_q66e6ucjn7el1kc6u5psunrbl0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ ۾ هاءِ ويز تي هوٽلون ۽ پمپ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ ۾ هاءِ ويز تي هوٽلون ۽ پمپ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

سنڌ ۾ هاءِ ويز تي هوٽلون ۽ پمپ

سائنسي ميدان ۾ ترقي ڪرڻ سان انساني ضرورت جي پوراءُ لاءِ انيڪ شيون ٺهڻ شروع ٿيون جيئن ٿڌڪار پيدا ڪندڙ مشينون ، سفر ڪندڙ مشينري، نياپو پهچائيندڙ اوزار ۽ دوائون وغيره ٺاهيندڙ فيڪٽريون ڪاميابي سان ڪاروبار ڪري رهيون آهن انهن شين جي دنيا تي وڌندڙ طلب کي منهن ڏيڻ لاءِ ساڳين ڪمپنين پنهنجا ڪارخانا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لڳايا آهن. جيئن ته هر ڪاروبار جو بنيادي مقصد نفعو ڪمائڻ هوندو آهي انهي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هي ڪمپنيون به پنهنجا ڪارخانا انهن ملڪن ۾ لڳائڻ کي اهميت ڏينديون آهن جتي سستا مزدور ملي سگھن يا ڪچو مال جنهن مان سامان تيار ٿئي ٿو سستو ملي يا وري ٿوري خرچ ۾ تيار ٿيل مال ڀر وارن ملڪن جي مارڪيٽ ۾ پهچائي سگھجي. مٿئين عمل کي غير ملڪي سيڙپڪاري به چئبو آهي هن عمل جي خاص ڪري غريب ملڪن کي گھڻي ضرورت هوندي آهي هڪ ته جتي انسان آهي اتي ضرورتون به آهن ماڻهن کي سامان جي استعمال کان روڪي ڪين سگھبو، هاڻي جيڪڏهن هر شيءَ ٻاهرين دنيا مان گھرائبي ته غير ملڪي ادائيگي جو مسئلو سامهون اچي ٿو ٻيو ته غريب ملڪن جي عوام ۾ ايڏو شعور يا ماليات ڪين آهي جو ضرورت جي سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا پاڻ لڳائين، ٽيون ته واپار به هڪ عجيب ڪرت آهي هر ملڪ جا اڪثر شهري سڌو يا اڻ سڌو پنهنجو روزگار واپار ڪري حاصل ڪندا آهن. ڪڏهن ويچاريو اٿو ته سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙا، ريلون، روڊ تي ڊوڙندڙ ٽرڪون، گڏهه گاڏا، حمالي، دوڪانن تي بيٺل ملازم ۽ دوڪاندار سڀني جي روزي انهي واپاري عمل سان سلهاڙيل آهي ان کان سواءِ بينڪون ٽپال گھر فون جو نظام به هن عمل جو حصو آهي.
غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ هڪ نه محسوس ٿيندڙ پر اهم ڳالهه هي هوندي آهي ته ڇا ان ملڪ جي حڪومت غير ملڪي ڪمپنين کي ملڪ اندر اڪيلي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿيون يا پنهنجي ملڪ جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي به لازمي طور انهن غير ملڪي ڪمپنين ۾ حصي داري ڏين ٿيون. ها ته ڪجهه غريب ملڪن جون سجاڳ حڪومتون پنهنجي واپارين کي انهن غير ملڪي ڪمپنين ۾ ضرور حصيدار ڪرائينديون آهن. ڪراچي هن وقت ملڪ جو وڏو واپاري مرڪز آهي ڇو ته هتي وڏي انگ ۾ ڪارخانا ۽ سامونڊي بندر هجڻ ڪري ڏيهي پر ڏيهي واپار ٿئي ٿو. پوري ملڪ کان ماڻهو هن شهر ۾ اچي پنهنجي لاءِ گذران ڳولين ٿا ۽ ايئن مهراڻ هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي، انڊس هاءِ وي سامان ۽ ماڻهو کڻندڙ گاڏين سان ڀريا پيا وهن، ماڻهن جي ايتري اچ وڃ ڏسي ٻهراڙي کان ماڻهن روڊن تي اچي هوٽلون ۽ پئٽرول پمپ کوليا ڪجهه وقت ته مالڪ ڪم ڪار پاڻ سنڀالين پر نيٺ خبر پوي ته هوٽل ۽ پمپ ٺيڪي تي هليو ويو ڇا ڏسون ته پورو عملو به اوڏانهن جو پيو ڪم ڪري. ڏاڍي حيرت ٿي ته اسان ۾ ايتري به عقلمندي ڪانهي جو هڪڙو پئٽرول پمپ يا هوٽل هلائي سگھون، بحرحال ڪافي جاين تي بحث ڪرڻ کان پوءِ هڪ ئي ڳالهه سامهون آئي ته ٻين صوبن کان هيڏانهن ايندڙ ماڻهو ايترا ته منظم آهن جو جيستائين ڪنهن هوٽل يا پمپ تي پنهنجي علائقي جي نالي جو بورڊ لڳل نٿا ڏسن ٻئي هنڌ بيهڻ لاءِ تيار ئي نه آهن هل بلي ايڏي ٻڌي! ايڏي ٻڌي جو حل هي آهي ته سنڌ ۾ هاءِ ويز تي ٺهيل پمپ ۽ هوٽل مالڪ به ٻڌي ڪن تنظيم ٺاهين ۽ پهريان بيان ڪيل عالمي ڪمپنين ۾ ڀائيواري / حصيداري واري سوچ هيٺ ٻين صوبن جي سيڙپڪارن کي مڪمل ٺيڪو ڏيڻ کان ڀائيواري ڏين ته جيئن سنڌ جو ماڻهو به انهن هوٽلن تي منشي بورچي ۽ مزدور چوڪيدار طور ڪمائي ڪري سگھي . ڀلا مڪمل ٺيڪي تي وڃڻ کان پوءِ به انهن هوٽلن تي کير ،سبزي، اٽو، گوشت ۽ پاڻي به ته هتان جوئي استعمال ٿو ٿئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *