تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشيون ۽ ذميواري جو احساس

اڪثر اهو ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي ته ماڻهو زندگي کان نفرت ڪندا آهن، جڏهن ته زندگي عطا ڪيل اهڙو ناياب تحفو آهي، جنهن سان هر حال ۾ پيار ڪرڻ کپي. زندگي ۾ مسئلا مصيبتون، پريشانيون اڻٽر آهن، انهن سان هر حال ۾منهن ڏيڻ گهرجي پر ڪجهه خاص حالتن ۽ صورتحال ۾ انسان مايوس ٿي ويندا آهن. مثال طور تمار گهڻي ۽ ڊگهي عرصي تائين مسلسل بيمار رهڻ ڪري ماڻهو جو دوا تان به ايمان کڄي ويندو آهي ته وري دعا تان به ۽ همدردي ڪرڻ وارن ماڻهن سان به انهي جو رويو عجيب ٿي ويندو آهي جيڪي هن لاءِ ڏينهن رات پريشان هوندا آهن. تمام گهڻي ۽ ڊگهي عرصي تائين مسلسل ناڪامين ۽ مايوسين کي منهن ڏيڻ، مسئلن ۽ مصيبتن سان جهيڙيندڙ، ناهموار حالتن سان منهن ڏيڻ واري ماڻهو کي به ڪنهن جي آٿت، ڪنهن جي همدردي، ڪنهن جي دل جوئي به ٺٺول، چٿر ۽ مذاق لڳندي آهي، تنهن ڪري هن لاءِ هر ماڻهو ڄڻ ته مصنوعي همدردي جو محور لڳندو آهي.
تمام گهڻي ۽ ڊگهي عرصي تائين مسسل بيروزگار رهندڙ ماڻهو، کي مسسل ساڳين ٺلهن ۽ پاڪستاني عدالتن جي ڪورٽن وانگر تاريخ مٿان تاريخ ۽ نه ختم ٿيندڙ آسرن جي اونداهي کوهه ۾ ڪرڻ کان پوءِ، ساڳي يڪسانيت واري پاروٿي پيڙا ۽ اڻکٽ اذيتن جي اونهي کوه ۾ روز روز ٻڏڻ ۽ غوطا کائڻ ۽ اڌ مئو ٿي مرڻ ۽ سهڪڻ کان پوءِ ماڻهو ڄڻ ته جيئري ئي مري ويندو آهي، باقي جيڪو ظاهر نظر ايندو آهي اهو ته صرف بت هوندو آهي.
تمام گهڻي ۽ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي مٽن مائٽن جا ساڳيا اڍنگا، ايذائيندڙ تيرن جيان چڀندڙ ۽ چيرڻ ڦاڙڻ وارا ورتاءُ، جنهن ۾ توهان جو رتي برابر به ڏوهه يا قصور نه هجي پر توهان کي دنيا جهان جي گناهن، غلطين ۽ خطائن جو ذميوار ڪري پيش ڪرڻ ته پنهنجو پاڻ سان پاڻ ڪئي اٿس، هن ۾ اسان جو يا ٻين جو ڪهڙو ڏوهه آهي. هي اهي سمورا لفظن جا تير ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهو کي جيئري جاڳندي ماري ڇڏيندا آهن.
تمام ڊگهي ۽ گهڻي عرص تائين، ماڻهو دوستن، يارن، ۽ مٽن مائٽڻ کي آزمائڻ ۽ ساڳي مدد ۽ همدردي جي توقع رکڻ بذات خود انسان لاءِ هڪ ايذائيندڙ مرحلو هوندو آهي، ڇو ته هر انسان جي پنهنجي هڪ حد هوندي آهي. چڱاين جي، سٺاين، ۽ سچائين جي، ڇو هرو ڀرو ڪنهن کي آزمائڻ، بار بار ڪنهن کي ساڳي ڪم لاءِ چوڻ هٿ سان پنهنجي يارن دوستن کي پاڻ کان پري ڪرڻ جي برابر هوندو آهي. تنهن ڪري، ڪوشش ڪجي ته پنهجي پريشان حالتن ۾ دوستن کي تنگ ڪرڻ ۽ آزمائڻ کان احتياط ڪجي. اسان جا تمام گهڻا دوست ۽ احباب هوندا آهن، جڏهن اسان خوش آهيون، ته ائين لڳندو آهي ته سڄي دنيان خوش آهي، هر شئي حسين ۽ خوبصورت لڳندي آهي، يار دوست مٽ مائٽ اها شڪايت ڪندا آهن ته يار صفا وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچين ملين به ڪونه ٿو، اهي تاثرات هوندا آهن توهان جي زندگيءُ جي خوشگوار حالتن جا پر پرين ۽ پيارن جي پرک تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن توهان مشڪل ۾ هجو مصيبتون توهان جو پيڇو توهان جي پنهجي پاڇولي وانگر ڪن، جئين چوندا آهن، ته ڪم پوي ته ڪل پوي.
توهان ۽ اسان جي انهن سمورن دوستن جي جيڪا طويل فهرست هوندي آهي، اها ڪن مخصوص حالتن ۾ تمام گهڻي محدود ۽ مختصر ٿي ويندي آهي ۽ اهو هوندو آهي آزمائش جو دور، جنهن ۾ جڏهن ظاهر ٿي پوندا آهيون ۽ ضرورتون، مسئلا ۽ مصيبتون توهان جي مٿان تلوار جيان لڙڪنديون آهن ۽ اهي روز نون نون نالن سان توهان جي تذليل ۽ ذلتن جو باعث بڻجنديون آهن ۽ نتيجي ۾ اسان، اسان جا اهي اڻکٽ همدرد، خيرخواهه يار دوست مٽ مائٽ صرف اٽي ۾ لوڻ جيترا وڃي بچندا آهن جيڪي اسان کي سڏ ۾ سڏ ڏيندا آهن. باقي اڪثريت مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان، پاڻ کي پاسيرو ڪري ڪنڊائتا ٿي ويندا آهن. يا وري پوءِ انهن جون وري ان وقت تي پنهنجون مجبوريون جنم وٺنديون آهن، جنهن جي ڪري پوءِ انسان کي عارضي طور تي ڪي اڻوڻندڙ ۽ اجنبي خيال پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي وجهندا آهن، جن کان هر حال ۾ هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ کپي، ڇو ته صرف ان ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ته جڏهن اسان کلندا آهيون ته ٻيا ماڻهو سڙندا آهن، ۽ جڏهن اسان روئيندا آهيون ته ٻيا ماڻهو کلندا آهن اسان کي ڪوشش اها ڪرڻ کپي ته هر حال ۾ کلڻو آهي. اها کڻي مصيبت جي گهڙي هجي يا مسڪراهٽن جي هر حال ۾ حوصلو رکڻو آهي ۽ مسئلن ۽ مصيبتن سان مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻو آهي، زندگي جي گهڙي هڪ نئون امتحان ۽ آزمائش آهي، اهو آزمائشن وارو امتحان هر حال ۾ پاس ڪرڻو آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڏکايل دل کي ته ماکي به ڪڙي لڳندي آهي، پر حالتن پٽاندڙ اسان کي ڪڙي کي مٺو ڪرڻو پوندو ۽ مٺي کي ڪڙو ڪرڻو پوندو، اهائي ته زندگي آهي حالتن جي هٿان بيوس ٿي هٿيار فٽا ناهن ڪرڻا، مصيبتن ۾ مرڪڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي. ڇو ته اسان کي جيئڻو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي اسان لاءِ جيئن ٿا، اسان کي کلڻو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جن جون مرڪون اسان سان منسوب آهن،
پنهنجي پريشانين تي پريشان ٿيڻ بجاءِ انهن کي گهٽائڻ جي لاءِ گس ۽ پيچرا ڳولهيو، پنهنجي پاڻ تي اعتماد ڪيو ۽ مشڪلن سان مهاڏو اٽڪايو، ڇو ته هر خوشي عارضي ۽ مختصر هوندي آهي، ۽ اهڙي طرح پريشاني پڻ عارضي هوندي آهي، بس ان مان اسان کي جيڪو سبق ملندو آهي اهو صدين تائين پنهنجا اثر ڇڏيندو آهي، ۽ اهڙي طرح ڪجهه مصنوعي همدرد اسانجي اڳيان وائکا ۽ پڌرا ٿي پوندا آهن. زندگي جي هر موڙ تي مصيبتن سان مقابلو ڪرڻو آهي ڇو ته مسئلا ڍنڍ جي پاڻي جيان هوندا آهن، جهڙي طرح خوشي مستقل نه هوندي آهي اهڙي طرح غم به مستقل نه هوندا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *