تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

سنڌ ۾ وڌندڙ مذھبي ڪٽرپڻو ۽ اسان جا رويا

ذاتي ۽ اجتماعي زندگي ۾ سھپ ھئڻ جي دعوا ڪرڻ ته سولي ۽ فيشن آھي پر ان تي عمل ڪرڻ ڏکيو آھي. پنھنجي مذھب، فرقي ۽ نظريي سان اختلااف ڪندڙ ڪونه وڻندو آھي . ڪنھن تنقيد تي رد عمل به ماحول، رواج ۽ فرقي جي قوت موجب ايندو آھي. ماضي ۾ ان حوالي سان اظھار ۽ رد عمل نرم ھو ڇاڪاڻ ته گروپن ۽ گروھن کي ايتري سرپرستي حاصل ڪونه ھئي . موجوده دور ۾ دنيا جي طاقتور قوتن پنھنجي مفادن لاءِ گروھن کي طاقتور بڻائي انھن کي سڌو اڻ سڌو پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آھي جنھن سان دنيا ۾ ڏڦيڙ وڌيو آھي، خون خرابو ٿيو آھي ۽ اڻ سھپ جو کليل اظھار ٿيڻ لڳو آھي. ڏکي ڳالھه اھا ٿي آھي جو ھن ماحول ۾ اڻ ڌري ڳالھه ڪرڻ به ڏکي ٿي ويئي آھي. ھر گروھه چاھي ٿو ته ان جي ڳالھه درست مڃي وڃي ۽ نه مڃڻ واري لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائي وڃي ٿي.
سنڌ ي معاشري ۾ اڳ سھپ ھجڻ ۽ ھاڻ مذھبي ڪٽرپڻي وڌڻ تي فڪرمندي جو اظھار ڪيو پيو وڃي. ان تبديلي جي مزاحمت ۾ ڪارروايون به وڌي وڃن ٿيون . اچون ته پھريان ان ڳالھه جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ته اھا ڳالھه ڪيتري سچي آھي ته سنڌ ۾ سھپ وارو معاشرو ھو جنھن تي ھاڻ مذھبي ڪٽرپڻو اثرانداز ٿي رھيو آھي. ھي مختلف مذهبي فرقن جي موجودھه اڀار کي ڇڏي ڇا اڳ معاشري ۾ رائج ٻين نظرين ۾ ڪٽرپڻو ڪونه ھو. ڪٽرپڻو سوچ جي شدت آھي جنھن کي ھڪ فرقي يا مذھب سان جوڙڻ درست ڪونه ٿيندو.
برھمڻن دراوڙن کي گھٽ ذات ڄاڻائي ڪمتر انسان جو درجو ڏنو . ان مت ڀيد جي جھلڪ ڀيل باگڙين، اوڏن جي زندگي مان ڏسي سگھجي ٿي. ڇا سنڌ جي مسلمانن اھڙن ماڻھن کي سماجي برابري وارو مقام ڏنو؟. وڏيري ۽ ھٽ واڻيي جي ڳٺ جوڙ واري معاشري ۾ ڇا ٻھراڙي جي مسلمانن سان سماجي برابري وارو سلوڪ ڪيو ويو؟.
سنڌ ۾ جڏھن صوفي نظريي جي مقبوليت عام ھئي تڏھن ان جي مخالف سمجھي ويندڙ ملان ڪلاس تي کلي تنقيد ۽ لعنت ملامت ڪئي ويندي ھئي جيڪا ھاڻ به جاري آھي. صوفي شاعر ملان جي خلاف سخت شاعري جي حوالي سان ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا. انھن کي ڀليل، چور ، ٺڳ ، موڳا، انڌا ويا عربستان جھڙا جملا چوندا رھيا. ايستائين جو “ جنھن مٽي مان ملو ٺھيو تنھن مٽي ۾ آ شڪ” جھڙو راڳ ھلندو رھي ٿو. ھي ٻول اھو طبقو چئي رھيو آھي جيڪو سھپ جي حوالي سان شھرت رکي ٿو . جيڪي “ ھو چوني تون ۾ چئو واتان ورائي. اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي” واري نظريي جو دعويدار آھي. ان حوالي سان شاھه لطيف جھڙي انسان دوست ۽ عالمگير شاعر جي نالي تي ڪي شعر جوڙي ملن تي لعنتون وڌيون ويون جيڪي شعر اڄ به محفلن ۾ ٻڌايا ۽ ڳايا وڃن ٿا.
جيڪڏھن دراوڙ ، ڪمزوري ڪري پنھنجي برابري جو حق تان دستبردار ٿي ٻھراڙي ۾ جانورن واري زندگي گھارين ٿا ، ڪو غريب علائقي جي وڏيري ھٿان بي عزت ٿي به چپ رھي ٿو، . ڪو ملان صوفي جي لعنت ملامت تي ماٺ ٿي ڪنڌ ھيٺ ڪري گذاري ٿو ته ڇا ان کي سھپ وارو معاشرو چئجي. اھا حقيقت ۾ ڪمزور طرفان مصلحت کان ڪم وٺڻ ۽ آڻ مڃي رھڻ وارو رويو آھي جنھن کي اسان سھپ جو نالو ڏنو آھي.
ان موضوع تي غور ڪرڻ کان اڳ اسان کي اھو به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ھر دور ۾ عام ٿيندڙ مذھب، فرقي يا نظريي کي عام پبلڪ اکيون بند ڪري قبول ڪندي رھي آھي. اھو ھندو مذھب، ٻڌ مت ، اسلام ھجي ، حنفي يا صوفي نظريو ھجي. ڪنھن سڪون، سھاري يا واسطي جي اڄ ۾ اڃايل رھندڙ انسان ان کي قبولي پنھن جي اندر جي اڻ تڻ کي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. حنفي فرقي جي عام ٿيڻ کي وقت جي مسلمان حڪمرانن جي سرپرستي چئي وڃي ته صوفي بزرگن جي مقبوليت پٺيان به ٻاھريان آيل ڌارين حڪمرانن جي سرپرستي واضع رھي. ھن دور ۾ مذھبي ڪٽرپڻي کي وڌائڻ ۾ سعودي عرب ۽ ايران جھڙن مسلمان ملڪن ۽ مغرب جي سرپرستي آھي.
جن کي اھڙي سرپرستي تي شڪ آھي سي سعودي شھزادي بندر بن سلطان جي زندگي تي لکيل ڪتاب “ دي پرنس ” پڙھي ڏسن. ھو افغانستان ۾ روس خلاف ويڙھه واري دور ۾ آمريڪا ۾ سعودي عرب جو سفير ھو پوءِ سعودي انٽيليجنس جو سربراھ بڻيو . ھو ان راند جو حصو ھوندي اندر جي معاملن جو اکين ڏٺو شاھد ھو. قطر جي حڪومت جو اھو بيان به رڪارڊ تي آھي ته ھنن شام جي ويڙھاڪن کي ٽي ارب ڊالرن کان گھڻي مالي مدد ڏني آھي. تازو آمريڪي ايوانن ۾ اھو بحث ھلي رھيو آھي ته روس جي حڪومت افغانستان جي ويڙھاڪن کي آمريڪن کي مارڻ جي بدلي رقم ڏني آھي .آسودن مسلمان ملڪن جي سرپرستي ۾ مڊل ايسٽ ۽ ھن خطي ۾ ويڙھاڪن جون سرگرميون وڌيون آھن، ان جو اثر پاڪستان جي علائقن ۾ به آيو آھي جتان ان جو اثر سنڌ تي به پيو آھي. ڪٽرپڻو پوءِ اھو ٿوروئي ڏسندو ته ھي صوفين جي سرزمين آھي يا جين مذھب جي پوئلڳن جو ديس آھي، باھه جو تئو ته ھر پاسي محسوس ٿيندو.ان ڪري ماضي وانگر ٻين مذھبن، فرقن ۽ نظرين جي متعارف ٿيڻ، عام ٿيڻ وانگر ھن دور ۾ مذھبي ڪٽرپڻي جي وڌڻ ڪا تعجب جي ڳالھه ڪونھي.
ھتي اھو به سمجھڻ گھرجي ته دنيا ۾ لادين اٽڪل 16 سيڪڙو آھن باقي آبادي مذھبن کي مڃي ٿي. ان ڪري مذھبن جو مخالف ڪيئن ايتري آبادي تي پنھنجي راءِ مسلط ڪري سگھي ٿو. ايئن وري مختلف مذھب ۽ فرقن سان جذباتي تعلق رکندڙ ڪيئن پنھنجي فرقي سان وفاداري ختم ڪندا.
غامدي صاحب جو رڪارڊ ٿيل ھڪ پروگرام جي وڊيو يو ٽيوب تي پيل آھي جنھن ۾ ھن فلسطين جي آزادي لاءِ جھاد متعلق پڇيل سوال جو جواب ڏنو آھي. ھن موجب ته اڳين ڌر به ايتري مضبوط ۽ پٺ واري آھي جو ان کان طاقت ذريعي لڙائي کٽي فلسطين کي آزاد ڪرائڻ ڏکيو آھي. ان ڪري يروشلم کي آزاد شھر واري حيثيت ڏياري ھر مذھب کي پنھنجي پنھنجي مقدس مقام ۾ عبادت جي اجازت ملي ته اھو ھنن حالتن ۾ بھتر حل ٿيندو. جتي زور نه ھلي اتي مصلحت مان ڪم وٺڻ عقلمندي آھي.
موجودھه دور جنھن ۾ مذھبي گروپ طاقتور ھئڻ سان گڏ ڪنھن گستاخ کي سزا ڏيڻ جو عمل عين عبادت سمجھي ڪن ٿا تن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ روشن خيالن کي ھڪ حياتي ملڻ جو ويساھه ھجي ٿو سي ان کي بچائي ھلڻ جو به سانگو رکن ٿا. جيئن افغانسان ۾ آمريڪا جي ڊگھي موجودگي کان پوءِ به مڪمل طور تي سوڀارو نه ٿيڻ تي ھڪ دانشور جو تبصرو ھو ته آمريڪي فوجن جي ھمٿ وڌائڻ لاءِ اھو ٻڌايو ويندو آھي ته لڙائي کٽڻ جا سڀ انتطام ٿيل آھن توھان ڄڻ پڪنڪ ڪرڻ ٿا وڃو. ٻئي طرف اھو مذھبي طبقو جيڪو سندن مد مقابل آھي سي مري جنت ماڻڻ جي خواھش سان وڙھن ٿا. ھڪ ڌر جا سپاھي جان بچائڻ چاھين ٿا ته انھن سان وڙھندڙ مذھبي ماڻھو جان جي پرواھ ڪونه ٿا ڪن. ان ڪري ھثيارن جي برتري به آمريڪي سپاھين کي مڪمل سوڀارو ڪونه ٿي ڪري.
مان سمجھان ٿو ته جيڪڏھن ڪو پنھنجي سوچ تي رھي، پنھنجي نظريي يا عقيدي جي پرچار ڪري ٿو ته ان تي ڪنھن ممڻ مچڻ جو امڪان گھٽ آھي. ماضي ۾ به مذھبي فرقا ھڪ ٻئي تي تنقيد ڪندا رھيا آھن پر اھا ايتري کليل ۽ جارحاڻي ڪونه ھئي جيتري اڄ آھي. سرپرستي ، پريس ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال جي واڌري سبب جتي مخالفن تي حملا وڌيا آھن اتي ھڪ ٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ لاءِ ڌريون ليڪا لنگھي ويون آھن ان ڪري ڪٿي ڦڏا ته ڪٿي خونريزي ٿئي ٿي.سول سوسائٽي جي دوستن کي معاشري جو نگھبان جو ڪردار ادا ڪندي روشن خيالن ۾ ٻئي کي نه ڇيڙڻ واري رويي جي پرچار ڪري سيڪيولر معاشري کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ گھرجي.
وقت سان تعليم وڌڻ تي ھر ڪو پنھنجي سوچ سان پنھنجي نظرياتي راھه اختيار ڪندو. جيڪڏھن روشن خيال ماڻھو ھن دور ۾ زبان سنڀالي، ھٿ پير بچائي ھلن ته اھو رويو سندس اڳتي ڪاميابي جي سفر ۾ مددگار ٿيندو. باقي ڪي ماڻھو جيڪي مذھب جو وجود به برداشت نه ٿا ڪن تن کي سمجھڻ گھرجي ته مذھب سندن حياتي ۾ ته ختم ڪونه ٿيندا ڇاڪاڻ ته جيڪو روشن خيالن جو قبلو آھي سا ئي قوت مذھب کي زندھه رکڻ چاھي ٿي. ستم ظريفي آھا آھي ته اسان سڀني جو قبلو ۽ سرپرست ھڪ ٿي ويو آھي. ويڙھه جي ميدان ۾ ان جو احساس ڪونھي. ان ڪري اڄ جي دور ۾ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو بھتر پاليسي آھي. پنھنجي پچار ڪريو ٻئي کي غلط چئو پر تنقيد ڪندي حدون نه اورانگھيو. جي سھپ جو حقيقي معاشرو قائم ڪرڻو آھي ته وچٿري واٽ ئي بھتر حڪمت عملي ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *