تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ ۾ چئلينج بڻيل عورتن جو تحفظ

سنڌ جتي عورتن جي عزت ۽ احترام جو مقام ايترو ته اعليٰ هو جو نياڻين جي ميڙ ٿي اچڻ تي خون معاف ٿي ويندا هئا. ماڻهو سمورا رساما وساري ڀتين پوتين گڏجي ويندا هئا، نياڻي کي ست قرآن ليکيو ويندو هو، پر هاڻ اها ساڳي سنڌ آهي پر هتي عورتن جي سان ورتاءُ انتهائي خراب ٿي چڪو آهي. اسان جو سماج بدلجي چڪو آهي، هتي عورتن جي بيحرمتي، معصوم نياڻين سان عقوبتون، تشدد ۽ بيدردي سان قتل عام ٿي ويو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ هي سچل ۽ ڀٽائي جي سنڌ نه پر ڪو قبائلي علائقو يا اهو سماج آهي جنهن اڃا انسانيت سکي ئي نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اسمبلي عورتن تي تشدد کي روڪڻ سميت گهريلو ملازم عورتن توڙي هارپو ڪندڙ عورتن جي حقن لاءِ قانون پاس ڪيا آهن پر پوءِ به سنڌ جي عورت کي اڃا تائين ٻيو ته ٺهيو پر جيئڻ جو حق به نه ملي سگهيو آهي ۽ اهي پاس ٿيل قانون قتل ٿيندڙ عورتن جي خونن تي نوحا پڙهي رهيا آهن. انهن قانونن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ هاڻ ٻارن ۽ عورتن لاءِ جهنم بڻجي رهي آهي، جيئن 15 ڏينهن وزيران ڇڇر کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، سندس قتل واري واقعي جا پيرا کڻڻ بدران ڄامشورو پوليس انهي قتل ٿيل عورت جي ڪردار تي ئي آڱريون کڻي رهي آهي ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيشن جج کي خط لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته سندس پيٽ ۾ موجود ٻار آخر ڪنهن جو آهي؟ جيڪا نوجوان عورت قتل ٿي انهي جي قتل ۾ ڪير ملوث آهي ۽ سندس قتل جو سبب ڪهڙو آهي ان تي پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. پر خبر ناهي ڇو قتل ٿيل عورت جي پيٽ ۾ ٻن مهينن جي موجود ٻار جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پوليس ڪيس جو رخ موڙڻ جي ڪوشش پئي ڪري؟
سنڌ ۾ عورتن جا قتل ته هونئن ڪيترائي ٿيا آهن پر هن واقعي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو واقعو سنڌ جي وڏي وزير جي اباڻي ضلعي ۾ ٿيو آهي جتي ان کان اڳ تانيا خاصخيلي به قتل ٿي چڪي آهي، جنهن کي به انصاف پلئه ناهي پيو.
قتل جي اهڙن واقعن سان نه رڳو سنڌ جي عورتن ۾ خوف پکڙجي وڃي ٿو، پر اهڙو هڪ واقعو اسان جي سماج کي سماجي ۽ نفسياتي طور تي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي. سنڌ ۾ هن وقت جنهن پارٽي جي حڪومت آهي انهي پارٽي جي سربراهه شهيد بينظير ڀٽو هئي، جنهن جو خواب هو ته عورتون پنهنجي پيرن تي بيهن ۽ هن عورتن جي نمائندگي توڙي راءِ کي هميشه ترجيح ڏني، اڄ انهي پارٽي جي حڪومت هوندي ايئن سنڌ جي عورتن کي قتل ڪيو پيو وڃي، ٻارن سان زيادتيون پيون ٿيون پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس انهي تي ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻه به ٺهيو مرڳو ئي اهڙن ڪيسن تي سگهارن ماڻهن جي ڳيجهو بڻجي ڪيسن کي به لوڙهي رهي آهي جنهن جي ڪري سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وزيران ڇڇر جو قتل جيڪو سنڌ جي وڏي وزير جي ضلعي ۾ ٿيو آهي، انهي کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي سنڌ سرڪار قاتلن کي سزا ڏياري ته جيئن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪومتي ناموس ٿئي، جيڪڏهن وزيران جو قتل به جوابدارن کي ڦٻي ويو ۽ وڏي وزير جي ضلعي مان به ڏوهاري سزا کان بچي ويا ته پوءِ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ نه رڳو عورتن تي تشدد جا واقعا وڌندا رهندا پر ڏوهارين جي همت وڌي ويندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *