Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_agh58mrkfbg3jugof4vi6pqb5h, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوشل ميڊيا، هي ڇا پيو ٿئي!؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوشل ميڊيا، هي ڇا پيو ٿئي!؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سوشل ميڊيا، هي ڇا پيو ٿئي!؟

سوشل ميڊيا تي اهو ڪنهن شخص جي مرڻ جو پهريون افواهه نه هو، جنهن ۾ زنده حيات شخص جي مغفرت ۽ بخشش جون دعائون گهريون پئي ويون، پر هاڻي ته هر ٻئي ٽئي ڏينهن اها ڪار جاري آهي، جنهن ۾ جيئري انسان کي ماري ان سان همدرديءَ جا پهاڙ کڙا ڪيا وڃن ٿا! هن سڄي سلسلي ۾ مان نه ٿو ڄاڻان ته هڪ زنده انسان پنهنجي موت جون پاڻ خبرون ٻڌي ڪهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندو هوندو؟ يا ان جي ويجهن عزيزن دوستن مٿان ڇا گذرندو هوندو؟ ان ڳالهه جو اسان جي سوشل ميڊيا جي پهلوانن کي شايد ڪو ادراڪ نه هجي! هيءَ سڄي صورتحال ان وقت خطرناڪ رخ اختيار ڪري وٺي ٿي، جڏهن هڪ ماڻهو پوسٽ رکي ٿو ۽ ان جي هيٺيان بنا ڪنهن تصديق جي تبصرن جي قطار لڳيو وڃي!
ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍي صوبيدار جي خودڪشيءَ جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل رهيون، هن جي بيهوشيءَ واري وڊيو کي مرڻ جو ڄاڻائي سوشل ميڊيا تي تعزيتي تڏو وڇايو ويو. ان دؤران ڪيترائي ماڻهو لکندا رهيا ته همراهه زنده آهي، پر انهن جي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي تمام گهڻي انگ ۾ همراهه جي مرڻ جون خبرون شيئر ٿينديون رهيون. منجهند ڌاري سکر سان تعلق رکندڙ هڪ صحافيءَ معاملي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ته صوبيدار صاحب زنده آهي، پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تان هن جو انٽرويو به پوسٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ رات دير سان مس وڃي صوبيدار کي زنده سمجهيو ويو. اها هڪ وارتا رڳو هن ڪيس ۾ ناهي، ان کان اڳ ملڪ جي مشهور فنڪار عطا الله عيسى خيلوي جي موت جي خبر ايتري ته برق رفتاريءَ سان ڦهلائي وئي، جو فنڪار کي پاڻ سامهون اچي ماڻهن کي يقين ڏيارڻو پيو ته هو جيئرو آهي. اهڙين حالتن ۾ مشهور مفڪر ٽيري پريٽچ جو قول ياد اچي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو “سچ جيستائين بوٽ پائي، تيستائين ڪوڙ سڄي دنيا جو چڪر هڻي وڃي ٿو!” اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ جڏهن موت جي انتهائي سنجيده مسئلي کي مشڪري يا غيرسنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي ته باقي معاملن لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي!
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن تان اهڙي قسم جا معاملا رڳو موت جهڙي ڳنڀير مسئلي سان نه پر ٻين معاملن سان به لاڳاپيل آهن. ڪنهن ماڻهوءَ جي تضحيڪ يا تذليل ڪراڻي هجي ته ان خلاف ڪجهه لفظ لکي سوشل ميڊيا جي جهنگ ۾ پوسٽ ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير ۾ ئي چيتا گوريلا، ان کي پاڻهيءَ چيري ڦاڙي ڇڏيندا. ياد پوي ٿو، ڪجهه سال اڳ هڪ همراهه منهنجي هڪ دوست جي،هي اسٽيٽس لکي مخالفت ۾ پوسٽ رکي ته “هن همراهه مونکي عيد مبارڪ جو جواب نه ڏنو، لڳي ٿو وڏو ڪو مغرور آهي.”بس پوءِ ڇا هو؟ ڪجهه گهڙين ۾ جوڌا ميدان ۾ ڪڏي پيا. ٻين تبصرن سان گڏ هڪ عام ڪمينٽ هي پڻ هو ته “هي همراهه شڪل ۾ ئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وغيره وغيره۔۔۔” ۽ پوءِ اهو نازڪ مزاج شخص ڪيترن ڏينهن تائين اداس، پريشان رهيو، هن جي حياتيءَ ڪهڙي ريت ڊپريشن جي ور چڙهي وئي، اها الڳ ڪهاڻي آهي!
سي جي ٽوڊر چيو هو، “افواهه جراثيمن جيان هوندا آهن، اهي هڪ ساهيءَ ۾ ضرب ٿي ڦهلجن ٿا ۽ پوءِ هر ماڻهو، انهن جي ڪري بيمار ٿيو پوي.” افواهن جو ڦهلجڻ رڳو دنيا جي پوئتي پيل سماجن ۾ ناهي هوندو، پر دنيا جا ترقي يافتا معاشرا به ان سماجي هچا کان محفوظ ناهن، پر اتي انهن جي رفتار ڪجهه گهٽ ۽ انسانيت جي دائري ۾ هجي ٿي. هتي ته هڪ ماڻهو ٻئي کي ماري پوءِ ويهي مزو ڏسي ٿو. اهڙين حالتن جي ڪري سوشل ميڊيا جي بجاءِ جو ماڻهن کي معلومات ڏئي، انهن کي بهتر زندگيءَ گذارڻ جي ترغيب ڏئي. هتي ته معاملا ئي ابتا لڳا پيا آهن، جن کي سبتو ڏسڻ لاءِ شايد پاڻ کي ابتو لڙڪڻو پوندو!
پاڻ جيڪڏهن سماج جي پڙهيل طبقي جي ڳالهه ڪريون ته پڪ سان دنيا ۾ ان جو هڪ معيار هي به آهي ته اهو شخص ڪمپيوٽر جو ڄاڻو هجي، انٽرنيٽ جي استعمال جو ڏانءُ رکندو هجي. هاڻي ملاحظه فرمايو، اسان وٽ جيڪي ماڻهو، انٽرنيٽ جو استعمال ڪري ڄاڻن ٿا، اهي سوشل ميڊيا تي ڇا پيا ڪن؟ هيڏي ساري وڏي دنيا ۾ ويهي ڪوڙن جي ڦهلاءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ڪندڙ ماڻهن جو جيڪڏهن هي معيار آهي ته هڪ بازار، هڪ گهٽي، هڪ روڊ تي گهمندڙعام ماڻهوءَ جي پوزيشن ڇا هوندي؟ توهان چئي سگهو ٿا ته اهي هنن نام نهاد پڙهيل ماڻهن کان بهتر آهن! بلڪل هوندا، پر هتي ته “کوڙيءَ کي گهمرو” آيل ڏسي سگهجي ٿو! ياد رهي ته اها ڳالهه سڀني لاءِ ناهي، پر ضرور انهن ماڻهن لاءِ چئي سگهجي ٿي، جن جو مثال “انڌي گهوڙي ڪَلِ ۾” جيان آهي!
زندگيءَ جي ڪيترن ئي مونجهارن ۾ جتي انسان خوشين جي تلاش ۾ هجي، اتي اهڙي قسم جون سرگرميون انسان جي روح کي رنجائڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهن. عام معاملا ته هڪ پاسي، پر انساني موت جي سلسلي ۾ ايتري غيرذميداريءَ جو مظاهرو ڇو پيو ڪيو وڃي؟ يقينن سماج کي ويجهو کان ڏسندڙ ان سوال جو بهتر جواب ڏئي سگهن ٿا. منهنجي راءِ مطابق اهڙي قسم جون حرڪتون، انهن ماڻهن جي شديد فرسٽريشن جو نتيجو آهن، جنهن ۾ بنا سوچ ۽ تصديق جي اهو سڀ ڪجهه ڪيو وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ بنا تصديق جي موت جي خبر وائرل ٿيڻ جو شڪار اداڪار مير محمد لاکو پڻ ٿيو. ڪافي دير سان خبر پئي ته هو زنده آهي، پر اهي خبرون پڻ پيون ته هر باڪمال آرٽسٽ جيان سندس زندگيءَ به ڏکن ڏولائن جي بي پاڙي ول ۾ ويڙهجي وئي آهي. خبر ناهي ته ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن ڇا ڪيو، جيڪي هن جي موت تي تمام گهڻا ڏکارا هئا. هي سڄو لقاءُ هن ڳالهه کي پڻ ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي معاشري ۾ زنده ماڻهن جو ڪيترو قدر ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو پڻ ته ڪنهن جي موت جون خبرون هلائڻ ۽ تعزيتون ارپڻ پڻ هڪ ميار لاهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي!
سوشل ميڊيا جي انهن ڪارنامن سبب هاڻي منظر ان ايسپ جي آکاڻيءَ جيان ٿيندا پيا وڃن، جنهن ۾ هڪ ڌنار هر روز ڪوڙ هڻي ته هن جي ڌڻ ۾ بگهڙ ڪاهي پيو آهي، ڳوٺ وارن کي سڏي تنگ ڪندو هو ۽ هڪ ڏينهن سچ ۾ جڏهن هن جي ڌڻ ۾ ٻڪرين رڍن کي مارڻ لاءِ بگهڙ پهتو، ان ڏينهن هن ڏاڍيون دانهون ڪيون، پر ڪير به ڳوٺاڻو هن جي مدد لاءِ نه آيو! هن آکاڻيءَ کي ڏسي هي خيال پڻ ٿئي ٿو ته ايئن نه ٿئي جو ماڻهن جي مرڻ جون ڪوڙيون خبرون ايتري انگ ۾ وڌي وڃن جو جيڪڏهن ڪو سچو سانحو ٿئي ته به ڪير اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿئي!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *