تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بحث

سوشل ميڊيا تي دوست ھر ٻئي ڏينھن سنڌ جي مختلف مسئلن بابت بحث ڪري رھيا ھوندا آھن ۽ انھن بحثن جو جيڪڏهن نتيجو ڪڍيو وڃي ته خبر پوي ٿي ته اسين سڀ جا سڀ انھن مسئلن جا ذميوار پڻ آھيون، جيئن اسان وٽ تعليم تي گھڻو ڪري ڪجھه ڪامريڊ ماستر بحث ڪندا آھن ته حڪومت تعليم تباھه ڪري ڇڏي پر پاڻ ڪڏھن اسڪول وڃڻ ۽ ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ تيار نه آھن. اھڙي طرح حڪومتي نمائندا وري استادن تي الزام ٿا ھڻن ته استاد پڙھائن نٿا جڏھن ته پاڻ انھن نه پڙھائيندڙ استادن تي ڪو ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار نه آھن. اھڙي طرح ڪرپٽ ترين آفيسر وري اھو بحث ڪري رھيا ھوندا آھن سنڌ کي ڪرپشن تباھه ڪري ڇڏيو جڏھن ته پاڻ ان تباھي ۾ برابر جا شريڪ ھوندا آھن. اھي متضاد رويا اسان جي معاشري ۾ ايترا وڌي ويا آھن جو ھر ماڻھو ھر مسئلي جو ذميوار ٻئي کي ٿو سمجھي ۽ پاڻ کي فرشتو.
اھڙي طرح ڪجھه دوست وري وڏي ڏک سان بحث ڪندا آھن ته يار سنڌ جو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري جي ڪڍ آھي، ڪو ڪاروبار نٿو ڪري، ٻيون قومون ڏسو ته ڪيئن ٿيون محنت ڪن وغيره وغيره،پر توھان کي حيراني ٿيندي ته اھي ماڻھو پاڻ ڪنھن سرڪاري پروجيڪٽ جي چڪر ۾ ھوندا يا ڪم ڪندا آھن، انھن وٽ پئسو به ھوندوآھي، تعليم به آھي جيڪي مشورا ھو ٻين کي ٿا ڏين انتي ھو پاڻ عمل نٿا ڪن ۽ سرڪاري غلامي ٿا ڪن پر پاڻ کي ھو مختلف انسان سمجھندا آھن ۽ پاڻ کي سرڪاري پروجيڪٽ ۾ جسٽيفائيڊ ڪندا آھن.
وري ڪجھه ماڻھو سرڪاري ادارن تي تنقيد ڪندا ته ھو ڪم نٿا ڪن نااھل آھن سنڌ تباھه ڪري ڇڏي اٿن. پر افسوس ھو پاڻ ادارن کي سٺي طريقي سان ھلائڻ جو تجربو به رکن ٿا، اعليٰ تعليم يافتا به آھن، ڪرپٽ به نه آھن پر پاڻ ڪوئي اھڙو مثالي ادارو نٿا ٺاھن جنھن سان سنڌ جي خدمت ڪري سگھجي.
سنڌ جي ادارن جي حوالي سان ڳالھه ڪجي ته 2010 ع ۽ 2011 ع ۾ وڏي ٻوڏ جي نتيجي ۾ اربين رپين جا فنڊ سنڌ ۾ آيا ۽ ننڍيون وڏيون اين جي اوز کليون پر ڪا ھڪ اين جي اوبھترين ادارو بڻجي سامھون نه آئي، ساڳي وقت اسان جيڪڏهن غير سنڌين جي ادارن جي ڳالھه ڪيون ته سنڌ ۾ غير سنڌين تمام وڏا ادارا ٺاھيا آھن جيڪي ھاڻي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم پيا ڪن پر اسان سنڌين ھڪ ادارو نه کوليو.
مان اڳ به لکيو ھو ھاڻي به ورجايان ٿو سنڌي ماڻھو چاھي نيويارڪ ۾ رھندو ھجي يا شادي پلي ۾ انھن جي سوچن ۽ خيالن ۾ ڪو خاص فرق ناھي.
هڪ مزي جي ڳالھه ڪجي ته پيپلزپارٽي کي ھڪڙو مھڻو ڏنو ويندو آھي ته پي پي وارا مڊل ڪلاس ماڻھن کي سيٽون نٿا ڏين رڳو وڏيرن کي سيٽون ٿا ڏين جيڪي ڪم نٿا ڪن پر ان تنقيد جي ڪري پيپلزپارٽي مڊل ڪلاس ۽ لوور مڊل ڪلاس ماڻھن کي سيٽون ڏنيون پر اھي مڊل ڪلاس جيئن اسيمبلي ۾ پھتا انھن جي پھرين ترجيح دولت گڏ ڪرڻ ٿي وئي ۽ انھن پنھنجي احساس ڪمتري ۾ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ دولت ڪمائڻ تي ڌيان ڏنو، ڪو بزنس ڪري ڳوٺ جي غريبن کي روزگار تي نه لڳايو پر سنڌ جي ترقي واري بجيٽ مان ڪرپشن ڪري ارب پتي ٿي ويا جن جون اوطاقون ڪجھه سال اڳ ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏينديون ھيون اھي اڄ محل ۾ تبديل ٿي چڪيون آھن، انھن پنھنجي گھرن لاءِ فرنيچر ۽ ٽائلس تائين ٻاھران گھرايا آھن جڏھن ته سندس ووٽرن لاءِ ٽن وقت لاءِ کائڻ لاءِ ڪجھه نه ھوندو آھي. ھڪ دفعي بلاول ڀٽو زرداري ڪنھن وزير جي اوطاق تي وزٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته اھڙيون جديد شيون ته منھنجي گھر ۾ به نه آھن. (اھا ڳالھه مونکي بلاول سان گڏ ڪم ڪندڙ ويجھي جيالي ٻڌائي ھئي).

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *