تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سويلين بالادستي جي تحريڪ ، پريشان ڪير ڪير آهي؟

ميان نواز شريف جي گجرانوالا ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي ڪيل تقرير تي وزيراعظم عمران خان جو ردعمل ٻڌائي ٿو ته اقتدار جي سويلين ۽ عسڪري اڱڻن ۾ ڪيتري ڪاوڙ ۽ پريشاني آهي، وزيراعظم پاران اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽائيگر فورس جي جوانن کي ڪيل خطاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان ڪيئن آخري حد تائين وڃڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، ان قسم جو ردعمل تڏهن ئي سامهون ايندو آهي،جڏهن حڪمران اندر کان ڪمزور ٿي چڪا هجن ۽ محسوس ڪن ته صورتحال هٿن مان نڪرندي پئي وڃي. عمران خان  مخالف ڌر خلاف انتقامي ڪارروايون تيز ڪرڻ جو  پاڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن نه رڳو اسپيڪر قومي اسيمبلي پر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا اختيار به پنهنجي هٿن ۾ کڻندي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي ڪنهن به چور ۽ ڌاڙيل کي پروڊڪشن آرڊر نه ملندو، هن جي اعلان مان واضح ٿي ويو آهي ته قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جا مخالف ڌر جا اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز شريف هاڻي اسيمبلين ۾  پروڊڪشن آرڊر تي جيلن مان نه پهچي سگهندا. اسپيڪرن ۾ ايترو دم ئي ناهي ته هو وزيراعظم پاران جلسي ذريعي ڏنل هدايت بدران پنهنجي قانوني اختيار کي استعمال ڪن ۽ ايوان جي ميمبرن کي قانون تحت اسيمبلي ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري گهرائي سگهن. وزيراعظم جن کي چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏنو آهي، اهي اڃان تائين عدالتن ۾ چور ۽ ڌاڙيل ثابت نه ٿيا آهن. عمران خان  پاران ان اعلان بعد واضح ٿي ويو آهي ته هاڻي مخالف ڌر جي ليڊر جي غير موجودگي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت کي وڌيڪ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو، اجلاس هلائڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ قانون سازي ڪرڻ ڏکي ٿي پوندي. پر هن نتيجن جي پرواھه ڪرڻ کانسواءِ اهو اعلان ڪيو آهي.  نتيجي ۾ ملڪ جا ٻئي چونڊيل ايوان جنهن مقصد لاءِ چونڊيا ويا هئا، اهي هاڻ اهو ڪم نه ڪري سگهندا، جيڪا انهن ايوانن جي ذميواري آهي.
نواز شريف جنهن سياسي نظريئي تي هلي پيو آهي، ان سفر ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي رابطن بعد به نواز شريف مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. جنهن انداز سان نواز شريف اصل حڪمرانن کي  للڪاري رهيو آهي، حڪومت ان للڪار تي جهڙي ريت ردعمل ڏئي رهي آهي، ان مان واضح ٿي ويو آهي ته هن دفعي پنجاب جو ڪاٺ اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ملڪ اندر سويلين سپرميسي جي خواهش ته هر جمهوريت پسند پارٽي جي رهي آهي، پر جنهن انداز سان نواز شريف سويلين بالادستي جي رستي ۾ رڪاوٽ قوتن کي چئيلينج ڪيو آهي، ان خود هن جي سياسي حيثيت کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيو آهي.
رڳو 20 سيپيٽبر کان اڳ جو ئي ملڪي سياسي حالتن جو جائزو وٺو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو ڪٿي ڪو ذڪر ئي نه هو، شهباز شريف ۽ ٻئي طرف آصف زرداري نظر ٿي آيا، جيڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ قابل قبول هئا، پر 20 هين سيپٽيمبر واري اي پي سي سڄي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو، شهباز شريف ۽ آصف زرداري سياسي منظرتان گم ٿي چڪا آهن، هر  پاسي نواز شريف ۽ مريم نواز جو ذڪر آهي، جيتوڻيڪ مولانا فضل الرحمان به ان ئي بيانئي تي موجود آهي، جنهن جو اظهار نواز شريف ڪري ٿو، پر ڇاڪاڻ ته نواز شريف جو ملڪ جي سياست مٿان وڏو اثر آهي ۽ پنجاب جو هو پاپولر ترين ليڊر آهي ان ڪري ان جي فوج مٿان سڌي تنقيد ان بحث کي جنم ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ نواز شريف جنهن بيانئي کي جنم ڏنو آهي، ان جو انت سويلين بالادستي تي ٿيندو، يا اها بالادستي زيردستي ۾ تبديل ٿي ويندي؟
پاڪستان جي 73 سالن جي تاريخ ۾ جناح صاحب کانپوءِ ملڪ مٿان جنهن به آمر سويلين حڪومتن مٿان قبضو ڪيو ان کي چند سالن بعد جڏهن به سياسي حمايت جي ضرورت پئي ته ان هڪ نئين مسلم ليگ ايجاد ڪري ورتي، اهڙي ريت آمرن جي ڪک مان جنم وٺندڙ مسلم ليگيون آمر جي وڃڻ ساڻ پنهنجو اثر به وڃائينديون رهيون. نواز شريف جڏهن محمد خان جوڻيجو کي ڌار ڪري نواز ليگ ٺاهي ته ان وقت به هن جو سياسي نظريو ٻين مسلم ليگن کان مختلف نه هو، اڄ نواز شريف جتي بيٺو آهي، ان جي پويان به هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، هي نواز شريف هڪ آمر جي هنج ۾ پليو ۽ ٻئي آمر خلاف هن جي حڪومت  سنگين غداري  جو ڪيس داخل ڪيو، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو نواز شريف کي ديوار سان لڳايو ويو، هن کي سڄي ڄمار نااهل ڪيو ويو، ۽ سياست مان سدائين لاءِ آئوٽ ڪيو ويو، جن اهو سڀ ڪجھه ڪيو ،انهن سمجهيو پئي ته هر ڀيري جيان هن ڀيري به جن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي انهن جي ردعمل سان ڪو گهڻو فرق نه پوندو، ماضي ۾ ڀٽو صاحب جي حڪومت جي خاتمي ۽ ان بعد کيس ڦاهي ڏني وئي، ايم آرڊي جي تحريڪ ضياءَ خلاف جيڪا جدوجهد شروع ڪئي سياسي تاريخ ۾ ان جدوجهد جو احترام اڃان به باقي آهي، ان دور ۾ نواز شريف ضياالحق سان گڏ بيٺو هو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪا ايڏي  اڇي اجري ناهي، هن ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به ايوبي آمريت مان جنم ورتو. جڏهن کيس ڦاهي ڏني وئي ته هو ان وقت ملڪ جو پاپولر ترين عوامي ليڊر هو. نواز شريف هر دفعي سويلين بالادستي جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجهندڙن سان ڦڏا ڪيا، نتيجي ۾ هر دفعي کيس اقتدار مان بي دخل ڪيو ويو، هاڻي جڏهن هن کان سڀ ڪجھه کسجي ويو آهي ته ڇا هو هاڻي اهي ڳالھيون به نه ڪري جن تي کيس حڪومت غدار قرار ڏئي رهي آهي. نواز شريف جو جهيڙو ڪٿي دنگ ڪندو؟ان باري ۾ ڪير به اندازو نٿو لڳائي سگهي. هن وقت حڪومت ڪوشش ڪري آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ن ليگ مٿان پابندي لڳرائي جيئن نواز شريف جي بيانئي کي ڪنهن طريقي سان روڪي سگهجي، جيڪڏهن حڪومت ان قسم جي غلطي ڪئي ته ان جا نتيجا وڌيڪ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا.
هن وقت جيڪي ماڻهو چون ٿا ته 71ع واري صورتحال آهي، انهن جي ڳالھه ۾ وزن ناهي، ڇاڪاڻ ته 1971ع ۾ جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستان جي فوج آپريشن شروع ڪيو هو ته ان کان گهڻو اڳ اولھه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته اوڀر پاڪستان کي ساڻ کڻي هلڻ ڏکيو ڪم آهي، چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن يحيٰ جي جاءِ تي ايوب خان ملڪ جو سربراھه هجي ها ته شايد ايتري رتوڇاڻ نه ٿئي ها، اوڀر بنگال جو سياسي ۽ ثقافتي مزاج هن خطي کان بنھه ابتڙ هو، ۽ بنگالي گهڻا اڳتي هئا، ۽ موجوده پاڪستان کان اڪثريت ۾ به وڌيڪ هئا،  هن وقت موجوده پاڪستان ۾ ڪي به اهڙيون حالتون ناهن، جن کي 71ع سان ڳنڍي سگهجي. ڇاڪاڻ ته جيڪو بلوچستان ۾ ٿئي پيو ان تي پاڪستان جا سياست دان کليل طور نٿا ڳالهائن، بلوچستان جي سياسي حقن تي فيصلن جو اختيار اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي، پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي طاقت سان سڄي ملڪ تي ڪنٽرول ڪيو آهي . سمورا علائقا هڪ ٻئي سان ڳنڊيل آهن، اوڀر پاڪستان وانگر هزار ميلن جي ڪابه وڇوٽي ناهي ، جڏهن ته سياسي نقطه نظر به هاڻي سڄي ملڪ ۾ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي .
هن وقت پاڪستان ۾ سياستدانن جو ٻيو ۽ ٽيون نسل عملي سياست ۾ آهي، پر گهڻن حادثن ۽ تلخ تجربن مان گذرڻ کانپوءِ هو ان راءِ ۾ پختو ايمان رکي ٿو ته پاڪستان جو حل ان ڳالھه جو فيصلو ڪرڻ آهي ته سياسي نظام جون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن. عمران خان جيتوڻيڪ روايتي پاڪستان جي اقتداري سرشتي جو فائدو حاصل ڪندڙ آهي، ان ڪري هن جي وڪالت ۽ ڪاوڙ سمجھه ۾ اچي ٿي، پر هن دفعي کيس ان ڳالھه جي به پڪ ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن کيس آڻيندڙ پاڻ ڪمزور ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
هن وقت ملڪ اندر کائڻ پيئڻ جي شين جا اگھه جنهن انداز سان چوٽ چڙهي ويا آهن، ان جي نتيجي ۾ عوام اندر حڪومت خلاف  بيزاري گهڻي وڌي وئي آهي، معاشي حالتون سخت خراب آهن،  هن سال ۾ باقي اڍائي مهينا مس بچيا آهن، جنوري 2021ع ۾ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻا پوندا، انهن شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري بجلي ۽  گئس  جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ته ٽيڪس به وڌائڻا پوندا، ان دوران مخالف ڌر جي ايڪشن پلان تحت اسلام آباد ڏانهن مارچ جي تياري هوندي، ظاهر آهي ته انهن اڍائي مهينن دوران حڪومت وٽ ايترا ته پئسا ناهن جو هو عوام لاءِ وڏي پئماني تي سبسڊي جو اعلان ڪري عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري سگهي، انهن اڍائي مهينن دوران ڪنهن به وڏي عهديدار جي استيعفا جي خبر اچي سگهي ٿي، پر ڪوشش اها ٿي رهي آهي ته ڪنهن به صورت ۾ نواز شريف جي زبان بندي ڪئي وڃي ۽ نواز شريف هاڻي ڪنهن به شرط کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي سبب آهي ته نواز شريف جي تقرير کي هندستان جو نيريٽو قرار ڏيڻ جو ڪوشش ڪري ان جي حامين کي ان کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ان ۾ ڪاميابي ان ڪري به ڏکي لڳي ٿي ته پي ڊي ايم لاڳيتا جلسا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ رڳو ن ليگ ئي نه پر پيپلزپارٽي سميت سموريون اتحادي ڌريون پنهنجي ڪارڪنن کي چارج ڪنديون پيون اچن،
تنهن ڪري پاڪستان هڪ نئين سفر جي شروعات ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي، هر سياسي تحريڪ عوام لاءِ نئون ثمر کڻي ايندي آهي، هن دفعي سويلين سپرميسي جي اها تحريڪ به ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي ضرور پهچندي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مخالف ڌر پنهنجي شروعاتي جلسن دوران جيڪو طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي ان پاڪستان جي اقتدار جي ايوانن اندر پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي، عمران خان جو ردعمل هڪ وزيراعظم وارو نه پر اهو ئي آهي جيڪو 2014 ع ۾ ڪنٽينر تي هو. ڏاڙهي ڏيکاري ڌمڪي ڏيڻ سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، ۽ جهيڙو وڌندو ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *