Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_glfh0r7s1haavv6otmsinuej1u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سياستدان پنهنجي غلطين مان سکندا !؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سياستدان پنهنجي غلطين مان سکندا !؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سياستدان پنهنجي غلطين مان سکندا !؟

سياست جي راند به عجيب آهي. پاڪستان ۾ ته انتهائي غير يقيني آهي، تخت يا تختو ته هن راند جو انجام آهي، هر ڀيري ڪاميابي ناهي ملندي. نواز شريف ضياءَ دور ۾ ڪائونسلري سان سياست جي شروعات ڪئي، گورنر پنجاب جنرل جيلاني جي سرپرستي ۾ پنجاب جو ناڻي وارو وزير نامزد ٿيو. پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو. پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو، هڪ ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. اهي سمورا عهدا توڙي جو منافعي بخش آهن پر هنن عهدن جي ڪري کيس پاڪستان ۽ پنجاب جي بيوروڪريسي ۾ جيڪا شهرت حاصل ٿي ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو مليو ان سندس خانداني دولت ۾ بي انتها واڌ ڪئي. هن آصف زرداري جيان خانداني سياست جي رواج کي هٿي ڏني، پوءِ هڪ وقت آيو جو پارليامينٽ (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) ۾ سندس مائٽ به داخل ٿي ويا. نواز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف کانسواءِ شهباز جو پٽ حمزا، ناٺي ۽ ڪيترائي مائٽ اسيمبلين ۾ اچي ويا. اهڙي ريت جيئن آصف علي زرداري ڪيو. پاڻ قومي اسيمبلي ميمبر، پٽ بلاول قومي اسيمبلي ميمبر، ڀينرون،ڀيڻيويا ۽ سندس ڀاءُ تائين به اسيمبلي ۾ داخل ٿيا، ڀينرون وزير به ٿي ويون. هن ته پنهنجي سياسي پڪڙ مضبوط ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارا به ڪٽنبن حوالي ڪري ڇڏيا. ايئن به ٿيو آهي ته والد قومي اسيمبلي ميمبر ته پٽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، ته وري ٻيو پٽ مڪاني ادارن جو سربراهه. مائٽن کي ڀرتي ڪرڻ جي وبا جو شڪار مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي، بلوچستان جو محمود خان اچڪزئي وغيره به هئا. مولانا فضل الرحمان جا پٽ ۽ مائٽ چونڊيا ويا آهن. اسفند يار ولي جا ڪيترائي مائٽ چونڊيا آهن. محمود خان اچڪزئي ته مائٽن جي ڀرتي ڪرائي آهي. مردن سان گڏوگڏ رشتيدار عورتن کي به چونڊرايو ويو آهي. جيڪڏهن جمهوريت جو راڳ آلاپڻ وارا هنن سياستدانن جي سڀني مائٽن جي لسٽ ترتيب ڏين ته پتو پوندو ته ڪٽنب جا ڪٽنب سرڪاري خرچ تي پلجي رهيا آهن. اهي ئي ماڻهو سياست تي حاوي آهن يا وري اقتدار هنن ئي ماڻهن جي آڱوٺي هيٺان ملي ٿو. انتظاميا هنن جي ماتحت رهجي وئي آهي.
قائداعظم ته پنهنجي رشتيدار ڀاءُ کي پاڪستان ۾ وڪالت تائين نه ڪرڻ ڏني هئي ۽ کيس واپس هندستان وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. لياقت علي خان ڪنهن مائٽ کي سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني هئي. سردار عبدالرب نشتر، خان قيوم خان، ميان ممتاز دولتانا، مظفر قزلباش، فيروز خان نون وغيره وغيره. ڪيترن ئي ٻين اڪابرن جا نالا به آهن جن ڀائرن۽ پٽن کي پنهنجي پنهنجي دور ۾ سياست ۾ اچڻ نه ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو، مفتي محمود، ولي خان وغيره جڏهن 70 جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا هئا ته سندن ڪو رشتيدار (ممتاز علي ڀٽو کانسواءِ ) نه چونڊيا ويا هئا. مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُالله مينگل، خير بخش مري جو به ڪو مائٽ نه چونڊيو ويو هو. جمهوريت ۽ شفاف چونڊن جا مطالبا اهڙن ئي ماڻهن جي واتان سٺا لڳن ٿا. پوءِ ته جمهوريت بدنام ۽ گندي ٿي وئي جمهوريت جي قدر ۽ احترام ۾ جيتري کوٽ موجوده سياسي پارٽين ۾ ٿي آهي، ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان اڳ نه هئي. 70ع جي چونڊن کانپوءِ ان جي قدر ۾ واڌ ٿي هئي پر هن دور جي حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن هن قدر کي داغدار ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو سياستدان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا. ملڪي سياست ۾ سرڪاري خرچ تي پلجڻ جي رسم يابدعت پوءِ شروع ٿي. هن ئي بدعت کي بدستور قائم رکڻ جو ضد آهي. ڇو؟ ڇا انهن ئي مخصوص ڪٽنبن جا ماڻهو عقل رکن ٿا؟ ڇا اهي ئي قومي معاملن جا فيصلا ڪرڻ لاءِ اهل آهن؟ ڇا انهن ۾ ئي صلاحيت آهي؟ يقين ڪريو ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن کي اسيمبلي لکڻ نٿو اچي، جن کي اسيمبلي جي بل بابت ابجد نٿي اچي پر هو اقتدار جي ايوانن ۾ گهمندا وتن ٿا. اهو فطرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ داڻو نه وجهجي ته قدرت ان کي گاهه ۽ ڪانڊيرن سان ڀري ڇڏيندي آهي. اسيمبلين ۾ گاهه ۽ ڪانڊيرا ئي ته آهن.
مائٽن جي اسيمبلي ۾ جيڪڏهن اڻ لاڳاپيل موجود هجن ته اسيمبلي جي حيثيت ۾ وڏو فرق پيش ايندو. عملي سياست جو تجربو رکندڙ ماڻهو هجن، نظرياتي سياست ڪندا هجن، غير سياسي قوتن کي منهن ڏيڻ ايندو هجي ته ڪو سبب ناهي جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ صاحب کي اهو چوڻ جي ضرورت پيش اچي ته اسيمبلي کي ٻاهر جا ماڻهو هلائي رهيا آهن. هو جڏهن جڏهن وزيراعظم چونڊيو ته ٻاهر جي ماڻهن جو عمل دخل موجود هو. جيستائين سياستدان ۽ سياسي پارٽيون اتفاق راءِ سان اصولي فيصلو نٿيون ڪن ته ملڪ ۾ سياسي پارٽيون پنهنجا حصص وڪرو نه ڪنديون، پارٽي ٽڪيٽ جي عيوض پيسا وصول نه ڪيا ويندا، سياست ۾ ڪارپوريٽ طريقيڪار کي دفن ڪنديون، مائٽن کي چونڊرائڻ بدران پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چونڊرائينديون، ان وقت تائين جمهوريت ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهندي. جمهوريت کي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي. هن کي ڌٻڻ مان سياسي اڳواڻ ئي تدبر سان ڪڍي سگهن ٿا. لنڊن ۾ ويهي تقريرن ۾ دانائي جو فلسفو ٻڌائڻ، جمهوريت کي سڌارڻ جي دعوت ڏيڻ ۽ ادارن کي ڳالهائڻ، ڏکيو ڪم ناهي جڏهن ته ڏکيو ڪم اهو آهي ته پاڪستان اچي نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن کي دعوت ڏني وڃي ان ئي دعوت جو اثر ٿيندو. ڪارل مارڪس لکيو آهي ته “اهي ماڻهو جن سيارو اونهارو رڳو درين مان ڏٺو هجي ۽بک رڳو ڪتابن ۾ پـڙهي هجي اهي عام ماڻهو جي قيادت نٿا ڪري سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *