Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_66pkbivgc7f5fvhkbosr9nc11l, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سياست کي ذاتي دشمني نه بڻائڻ گهرجي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سياست کي ذاتي دشمني نه بڻائڻ گهرجي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سياست کي ذاتي دشمني نه بڻائڻ گهرجي

سياست تربيت جو نالو آهي،سياست ذميواري جو اهڃاڻ آهي سياست اختلاف رکندي ٻئي جو احترام ڪرڻ جو نالو آهي، سياست پنهنجي پروگرام ۽ نظرئي تي عوام ۽ مخالفن کي دليلن سان قائل ڪرڻ جو نالو آهي پر ڪجهه وقت کان ملڪي سياست اهڙي گدلاڻ جي ور چڙهي چڪي آهي جيڪا ڪنهن به ريت مناسب ناهي،نظريا پوئتي ٿيندي نظر اچي رهيا آهن،پنهنجي پروگرام تي ماڻهن کي قائل ڪرڻ جون ڪوششون نه پيون ٿين ڪي رٿائون، ڪي پاليسيون ڪي گائيڊ لائين ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪي منصوبا ڏيڻ جون ڳالهيون انهي سياست مان گم آهن،جيڪڏهن ڪجهه بچيو آهي ته رڳو ذاتي ڪردار ڪشي ،ذاتي حملا ۽ سياسي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ وڃي بچيو آهي، جڏهن ملڪ جي اهم عهدي تي ويٺل ڏاڙهي تي هٿ ڦيري مخالفن کي ڌمڪيون ڏيندو ته عام ڪارڪن،عام ماڻهو ۽ ٻيا انهي مان ڪهڙو سبق حاصل ڪندا.
ملڪي سياست ۾ ڪي پارٽيون اسلامي نظام قائم ڪرڻ جو نعرو هڻي ان لاءِ جاکوڙي رهيون آهن ته ڪي جمهوريت کي ئي ملڪ جي بهتري سڏي سياست ڪري رهيا آهن ڪن وٽ سبز انقلاب جي ڳالهه آهي ته ڪي اسلامي سوشلزم ۾ ئي ملڪ جو ڀلو سمجهي رهيا آهن،ڪي مضبوط مرڪز جو خيال کڻي پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ته ڪي صوبائي خودمختياري کي ئي ملڪ جي مضبوطي جي ضمانت سمجهي رهيا آهن، مطلب هرڪنهن سياسي پارٽي عوام لاءِ ڪاعذن ۾ ته منشور ۽ پروگرام آهي ۽ پر ڪجهه ڏينهن کان نظر اچي رهيو آهي ته ملڪي سياست اهڙي پاسي هلي وئي آهي جتي محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ڄڻ اها سياست نه ذاتي دشمني ٿي رهي آهي ،سياسي اختلاف نه هجن ڄڻ قبائلي دشمني هجي اقتدار ۽ حڪومتون اچڻيون وڃڻيون شيون آهن عوام کي ڪردار وسيلي متاثر ڪرڻ ئي سڀ کان اهم ڳالهه آهي ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ڪير ڪنهن سياسي مخالف خلاف ڳالهائي رهيو آهي ته سڀاڻي انهي سياسي مخالف سان ڪٿي گڏ ويهڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي ،سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند نه ڪبا آهن نه ئي صورتحال کي اهڙي سطح تي وٺي وڃڻ گهرجي جتي هڪٻئي سان ملڻ وقت هڪٻئي کان پاسو ڪرڻو پئجي وڃي يا منهن ملائي نه سگهجي.هن وقت به اسان ڏسون ٿا ته اقتدار ي توڙي مخالف ڌر ۾ اهڙيون پارٽيون گڏ هلڻ تي مجبور آهن جيڪي ڪجهه وقت اڳ تائين هڪٻئي جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪنديون هيون.
گلگت بلتستان جي چونڊ جلسن دوران جيڪا ٻولي ڳالهائي پئي وڃي اها ڪنهن به ريت ملڪي سياست ۾ مثبت اثر نه ڇڏيندي بلڪه اهڙي ٻولي عوام کي سياست کان پري ڪرڻ جو سبب بنجي سگهي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڇا به هجي پر سياسي اڳواڻ عام عوام جا آئيڊيل هوندا آهن اهي هر سطح تي ماڻهن جي زندگي تي اثرانداز ٿيندا آهن، عوام انهن ڏانهن ئي ڏسي ٿو انهن جي اٿڻي ويهڻي انهن جي ڳالهائڻ جي انداز مان متاثر ٿئي ٿو انهن جون تقريرون ۽ خطاب گهر گهر ذريعي پهچن ٿا ۽ اهي وڌ کان وڌ عوام سان ئي ڳنڍيل هوندا آهن ،تنهن ڪري ڄڻ ته اهي عوام جي سياست سان گڏ معاشري جي تربيت به ڪري رهيا هوندا آهن، جيڪڏهن گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ ٿيندڙ ڳالهين جهڙيون ڳالهيون اسان جي سياست ۾ هلنديون رهيون ته ملڪ ۾ سياست کي ڪير به بهتر نه سمجهندو ،سياست کي پنهنجي مخالفن خلاف ذاتي دشمني سمجهي استعمال ڪندو.سياسي پارٽيون پنهنجي پروگرامن ذاريعي ئي عوام۾ سڃاتيون وڃن پنهنجي ڪارڪردگي سان ئي انهن جي سڃاڻپ ٿئي، مخالفن خلاف ذاتي الزام تراشي ۽ ڪردار ڪشي ڪنهن به ريت اسان جي سياست کي اڳتي وٺي وڃي نه ٿي سگهي نه ئي نئين نسل کي ڪو مثبت پيغام ملي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *