Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ms0fn3crnamikp8arrmuveln1v, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سياسي اتحاد ۽ مفاد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سياسي اتحاد ۽ مفاد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سياسي اتحاد ۽ مفاد

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو دور رهيو هجي جنهن ۾ سياسي اتحاد نه جڙيا هجن يا نه موجود هجن پاڻ شايد جو لفظ انڪري استعمال ڪيو ته بدترين مارشل لا جي دور ۾ سياسي جماعتن جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ننڍا ننڍا سياسي اتحاد يا اڻ سڌيءَ طرح جماعتن جي ويجھڙائين جا رشتا رهندا آيا آهن پر انهيءَ کان علاوه سياسي جماعتن جي مٿان پابندي هجڻ کان پوءِ به مارشل لائي حڪومتون ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي حڪومتي بچاءَ جي لاءِ پنهنجي اتحادي سياسي جماعتن کان سياسي فردن تائين جوڙڻ جي حڪمت عمليءَ تي مڪمل طور تي عمل پيرا هوندي آهي.
آمريتن جا اهي اتحاد ،حمايتون جن ڌرين کان کين ملنديون آهن پاڻ انهن کي به سياسي اتحاد جو نالو ڏيندا رهيا آهيون ۽ ڏيندا رهون پيا مثال، جنرل ايوب جي دور ۾ ڪيترائي ناليوارا سياستدان ايوب آمريت جا حمايتي رهيا انهيءَ کان پوءِ جنرل يحيٰ جهڙي احمق سياسي انسان جي حمايت ۾ به پس پردا ئي صحيح ڪيترا سياسي چهرا موجود هئا جو بنگال جو سانحو جڏهن ٿيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي وچ ۾ پاڻ کي هڪ وڏي بليم گيم ٿيندي نظر آئي ۽ هاڻي به تاريخ جي ان دور تي اهي الزام تراشيون لڳندي نظر اچن ٿيون. تنهن ڪري پاڻ سياسي اتحادن کي ٻن حصن ۾ ورهايون ٿا هڪ حصو اسٽيبلشمينٽ ، مارشل لا جي آمريتن سان سياسي جماعتن ۽ فردن جو سڌي طرح اتحاد ٻيو اتحاد جو اهو حصو جيڪو سياسي جماعتن جي وچ ۾ وقتن به وقتن قائم ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهي ٿو. اسان کي هي به اصول اڳيان رکڻ گھرجي ته دنيا جي اندر ڪو به سياسي اتحاد تڏهن وجود ۾ ايندو آهي جڏهن مخالف قوت ڪنهن به سياسي جماعت جي طاقت کان وڌيڪ سگھاري ۽ طاقتور هوندي آهي تنهن ڪري اڪيلي سر جماعتون ان جو مقابلو نه ڪري سگھڻ سبب پنهنجي سگھه ۾ وڌاري آڻڻ جي لاءِ اتحاد جوڙينديون آهن اهڙي طرح اتحاد اهي قوتون به جوڙڻ ۾ مصروف نظر اينديون آهن جيڪي خود سياسي جماعتن جي خلاف يعني سڌيءَ طرح جمهوري نظام جي خلاف پنهنجي طاقت کي برقرار رکڻ جي لاءِ هميشه پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي آهي. پاڻ جيڪڏهن سياسي اتحادن جو مقصد رڳو سياسي جماعتن جي ٺهندڙ اتحادن کي سمجھنداسين ته پوءِ اها هڪ وڏي غلطي ۽ ڀل هوندي پر زير بحث اتحاد هر وقت اهي ئي رهندا آهن جيڪي سياسي جماعتن جي وچ ۾ اتحاد قائم ٿيندا آهن آمريتن جا اتحاد جيئن ته گھڻي ڀاڱي پس پردا هوندا آهن تنهن ڪري انهن جو ڪو به معاهدو عوام جي سامهون نظر نه ايندو آهي پر انهن جو گڏ هجڻ ۽ حڪومت ۾ رهڻ اسان جي اڳيان رهندو آيو آهي. مارشل لا جي دور ۾ تمام جو تمام اتحادي آمريت جي اتحاد ۾ رهندا حڪومت ۾ نظر آيا خاص ڪري جنرل ضيا جي آمريت ۾ ۽ جنرل مشرف جي آمريتي دور ۾ اهي سياسي پارٽيون جيڪي انهن جون اتحادي رهيون ۽ انهن جي جوڙجڪ جي حڪمت عملين سان ٺاهيون ويون.سياسي پارٽين تي ۽ ليڊرن تي آمريتن جا ترجمان اڄ به وڏي واڪي اها دعويٰ ڪندا آهن “ ڪهڙي سياسي جماعت يا ليڊر اهڙو آهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار نه هجي؟” انهن لفاظي ڪندڙن کان اهو سوال ناهي ڪيو ويندو ته آمريتون جيڪي پنهنجي بچاءَ ۾ اتحادي پيدا ڪندا آهن اهي اتحادي ڪيترا به مفادي ۽ لالچي هجن پر آمريتن جي اها مجبوري هوندي آهي ته هو انهن کي پاڻ سان جوڙين ۽ اهوئي انهن جو سياسي مفاد هوندو آهي.
سياسي اتحادن ۾ گھڻي ڀاڱي گروهي ۽ پارٽين جي مفادن کان وڌيڪ مخالف طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ يا ان کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ اتحاد قائم ڪيو ويندو آهي جڏهن سياسي پارٽي يا فرد اسٽيبلشمينٽ جا اتحادي ٿين ٿا ته رڳو اهو نه سمجھڻ گھرجي پارٽي ۽ فردن جي مجبوري هوندي آهي اقتدار جو لالي پاپ کين ايئن ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري پر خود اسٽبلشمينٽ جي اها مجبوري هوندي آهي ته هو اهڙو ڍڪ ڍڪي ۽ پنهنجي مقصد کي انهن جي اتحاد سان حاصل ڪري. ساڳئي طرح سياسي جماعتون جيڪي اقتدار کان ٻاهر هجن ٿيون اهي جڏهن محسوس ڪنديون آهن ته انهن جي طاقت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي چال هلجي رهي آ يا اقتدار جي حاصلات کان وڌيڪ انهن جي خود پنهنجي بچاءَ جو هوندو آهي تڏهن هو اتحاد جي حڪمت عملي جي طرف وڌڻ شروع ٿيندا آهن. اتحادن جو هڪ انقلابي ۽ نظرياتي پهلو به هوندو آهي جنهن ۾ نظرياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ عوامي مفادن کي آڏو رکندي جمهوريت لاءِ يا ڪنهن نظرياتي انقلاب جي لاءِ اتحاد جڙندا آهن اهي اتحاد وقت ۽ حالتن سان مضبوط به ٿيندا آهن ته ڪمزور به، ليڪن گروھي ۽ سطحي مفادن جي لاءِ جڙندڙ اتحاد بي يقيني ۽ خوف ۾ مبتلا هجن ٿا انهن جو هڪ ٻئي تي اعتماد نالي ماتر هوندو آهي هر وقت اتحاد جي بچاءُ جي لاءِ خوشامدي ۽ چاپلوسي ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ ۾ خوشامد ڪندڙ ڌر اتحادن ۾ هر وقت اها هوندي آ جيڪا ڪمزور ڌر هوندي آهي. مثال اسٽيبلشمينٽ جي اتحاد ۾ هلندڙ سياسي جماعت ۽ فرد ذلت آميزي جي حد تائين خوشامد ڪندا نظر ايندا آهن انهن کي طاقتور قوت جو ڪوبه گناھ نظر ناهي ايندو سندن دماغ ۾ اهو ويٺل هوندو آهي ته اڄ اها طاقت جيڪا کين حمايت ڪري ٿي اها ڪنهن وقت به پنهنجي تعلقات جا رشتا ڪنهن ٻئي سان جوڙي سگھي ٿي جيئن چوندا آهن ته طاقتور جي ياري کي ياري سمجھڻ بيوقوفي آهي ڇو ته طاقتور دوستي ناهي رکندو هن وٽ صرف وقت کي گذارڻ جي لاءِ هڪ تعلق جي ضرورت هوندي آهي.ڇو ته طاقتور بيقدرو ۽ بي رحم هوندو آهي.“ لائي بيقدرا نال ياري ، ٽٽ گئي تڙڪ ڪر ڪي ” اهو افيئر هر دور ۾ ڪمزور ۽ طاقتور جي وچ ۾ رهندو آهي خاص ڪري يا حالت اقتداري گيم ۾ وڌيڪ نظر ايندي آهي.
اقتدار کان ٻاهر جڙندڙ اتحاد گھڻي ڀاڱي نظرياتي ناهن هوندا ڇو ته نظرياتي اتحادن جي اندر طاقتور رشتو ٽٽڻ جو خوف ناهي هوندو پر جي اهي اتحاد ڪن سببن ڪري ٽٽي ويندا آهن تڏهن به جدوجهد هڪڙي حاصلات لاءِ يعني مقصد جي لاءِ ڪئي ويندي آهي الڳ الڳ رهندي پارٽيون اختلافن جي باوجود نظرياتي رشتن ۾ جڙيل هونديون آهن پر جتي مفاد نظرين کان وڌيڪ پارٽي بچاءُ ۽ ڪجھه نه ڪجھه سياسي اخلاقي حاصلات لاءِ ٿيندا آهن يا پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي چيڀاٽ کان بچڻ جي لاءِ اتحاد جوڙين ٿيون ته انهن اتحادن ۾ جدوجهد جا امڪان گھٽ ٽٽڻ جا امڪان يا ڪمزور جدوجهد جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. موجوده جڙندڙ اتحاد جنهن کي “ پي ڊي ايم ” جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جڙندي ئي هن اتحاد جي ٽٽڻ جي تاثر کان بچڻ جي لاءِ شهباز شريف کي چوڻو پيو ته “ هاڻي اتحاد کي سيمينٽ لڳايو آهي ” خبر ناهي ته اهو سيمنيٽ ڪٿان گھرايو ويو پر اسان سڀني جي اهائي خواهش آهي ته اهو اتحاد پنهنجي ان اعلانيه تي قائم رهي ته“ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار قبول نه هوندو. ” اهو هڪ نقطو اتحاد جو بنيادي مينيفيسٽو رهيو ۽ پوري اتحاد ۾ شامل يارنهن جماعتون ان عهد وفا تي ڪجھه وقت پوري طاقت سان قائم رهيون ۽ اعلانيل حڪمت عملي سان وڌندي جدوجهد ڪيائون، جنوري جي لانگ مارچ جي طرف جيڪڏهن ٻه قدم به وڌايائون ته حڪومت يعني عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو قائم اتحاد ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ پس پردا هڪ ٻي ڊيل ٿيڻ شروع ٿيندي.
هاڻي اهڙيون حالتون مخالف ڌر جي لاءِ پيدا ٿي چڪيون آهن جو هو وڌيڪ دٻاءُ برداشت نه ڪنديون. نواز شريف جو گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪرڻ چينلن جو اهو خطاب نشر ڪرڻ ۽ پيمرا جي سردمهري ٻڌائي ٿي ته هن وقت اپوزيشن کي آڪسيجن کڻڻ جي لاءِ ڪجھه وٿي ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ڇو ته طاقتور ڌر پنهنجي خلاف دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنديون. لڳي ٿو ته اها قوت اهڙي حڪمت عملي به اختيار ڪري سگھي ٿي جو عمران خان ۽ سندس پارٽي انهن لاءِ واريءَ جي ٻوري بڻجي وڃن جيئن محمد خان جوڻيجي لاءِ ولي خان چيو هو ته “جوڻيجو صاحب جنرل ضيا جي لاءِ واريءَ جي ٻوري آهي جنهن جي پويان ضياءُ بندوق جھلي بيٺو آ” سياسي مفادن ۾ ٽڪراءُ يا استعمال رڳو مخالف ڌر جي اتحادن ۾ ناهي ٿيندو پر اقتداري ايوانن جي اندر به ٽڪراءَ ۽ بيوفائون ٿينديون آهن بلڪه پاڻ هيءُ چئون ته اقتدار جي دنيا بي قدر بي وفائين جي دنيا رهي آهي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو.جوڻيجي صاحب ۽ جمالي صاحب جو جيڪو حشر ٿيو انهيءَ مان اسان جي خان ڀائي کي ڪجھه نه ڪجھه سکڻ گھرجي پر هيروازم جي بيماريءَ ۾ مبتلا ماڻهو سمجھڻ جي صلاحيت گھٽ ئي رکندا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *