تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سياسي خبرون! 

ول ڊيورانٽ جھموريت کي “اڪثريت جي آمريت چيو ”آھي.
جڏھن ته جرمن فلسفي فيڊرڪ نٽشي چيو ھو ته اولھه ۾ ٻه منشيات گهڻو استعمال ٿيندا آھن “الڪوحل ۽ عيسائيت”.جيڪڏھن ڪو نٽشي جي ان خيال سان اتفاق رکي ٿو ته اھي سنڌ جي سياسي پسمنظر ۾ ڏسي ته فقط سنڌ ھڪ ئي سياسي منشيات تي قائم دائم رھي آھي.
ملڪ ۾ سردي جون ھوائون گھلي رھيون آھن ،اتر جون لھرون ڪکائون گھرن کي سٽيءَ رھيون آھن ته ٻئي پاسي سياسي ماحول ۾ مهانگائي جون جي سج جيان غريب ماڻھن جي جسم جي گرمي پد کي ويتر وڌائيندي نظر اچي رھي آھي.
ميڪسم گورڪي پنھنجي ناول“ماءُ”۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته “پورھيت مزدورن جي ڪوپڪ (روسي سڪو ،ھڪ روبل ۾ ھڪ سئو ڪوپڪ ھجن ٿا)مان ٺھندڙ ڍنڍ جي ڪم جي رقم وصول ڪرڻي آھي”…!
ملڪ ۾ تحريڪ انصاف چڱائي جي نعرن سان گڏ ڪجهه سينيئر سياستدانن کي جيلن جون ياترائون به ڪرايون آهن. 
پاڪستان جي تاريخ ۾ اهي مهينا ويندي ويندي سدائين يادگار گذريا آھن ، ،ھن دفعي ڪامورن پٺيان نيب جون الرون لڳائي ڇڏيون آھن ،ڪي سياسي ڪامورا دڙڪا کائي بچن پيا ته ڪي وري ضمانت جي آشيرواد سان جيئن پيا. 
سنڌ ۾ ڪرپشن مڪمل طور تي پنھنجو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي! گذريل ڪافي سالن ۾ ،جيڪو ملڪي سياسي تاريخ جو وڏو ريڪارڊ آھي! سنڌ ۾ موجوده صورتحال تمام خطرناڪ آھي ،نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ناھن مليون ،ٿر ۾ غذائي کوٽ ڪارڻ ننڍا ٻار ھزارن جي تعداد ۾ مئا ۽ مري رهيا آھن! اھو سلسلو جاري ۽ ساري آھي جنھن کي ڏسڻ واري اک شايد انھن جا والدين ئي آھن،سنڌ ۾ سوين ماڻھو کنڀجي گولي جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ،يونيورسٽين ۾ نياڻيون مرد توڙي شاگرد روڊن تي بد انتظاميا جي لپيٽ ۾ ذهني تشدد ڪارڻ چيڀاٽجي رهيا آهن جن کي سندس والدين فقط لڙڪن سان دعائون ڏيندا رهيا آهن سنڌ ۾ مسلسل ڏھن سالن کان پيپليز پارٽي ڪھڙا سک ڏنا آھن ؟ڪھڙا عمل ڪيا آھن جن ذريعي عوام جا ڏک ڏور ٿيا آھن؟ميرٽ ڪيتري رھي آھي؟سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو منظم حل آهي؟ معاشي حالتون ڪيتريون بھتر رھيون آھن؟پورھيت مسڪين جي زندگي ڪيئن گذري آھي ۽ موجوده وقت ۾ ڪٿي آھن ،جن جي ڄاڻ ڪنھن منسٽر کي آھي؟انھن سڀني معاملن جون ڳالھيون ملڪ جي نام نھاد اڳواڻن جي اکين مان گذريون ھونديون ؟بلڪل نه! ڇاڪاڻ ته کين بليڪ گلاسز ۾ اھي معاملن نظر ڪونه ايندا آهن. ھن وقت ملڪي معاشي صورتحال ڏسجي  ته ملڪ جي ھر فرد جي ذھن ۾ اھو سوال اذيت ڏئي رھيو آھي ته سياسي ماڻھو عوام سان ڪھڙو حشر ڪري رهيا آھن!
تانيتا ٽوپي لکيو ھو ته “عوام جي آزادي جو ٻج پاڻي ڏيڻ سان ناھي ڦٽندو پر رت جو ريج ڏيڻ سان ڦٽندو آھي.”
اھو جملو پاڪستان جي سياست تي سونھين ٿو ،ھيئن به لڳي ٿو ته انھن سياسي ماڻھن ان تانيتا جي جملي جي ئي پوئيواري ضرور ڪئي آھي فرق اھو رکيو آھي ته عوام رت جو ريج پاڪستان جي  سياسي تاريخ  جي ھر دور ۾ ڏيندو آيو آھي پر ان ۾ ڦٽندڙ ٻوٽي کي چيڀاٽيو ويو آھي!
هن وقت سنڌ جي وحدت ٻيٽن تي وفاق جي اڍائي اکري ڏيرو ڄمائي ويٺي آھي، جنھن ڪارڻ سڄي سنڌ ۾ سياسي ماحول ڪڏھن  مايوس لڳي پيو،ھاڻ ڏسڻو اھو آھي ته ڇا سدائين وانگر عوام کي اڃان ڪنهن لالي پاپ تي هلايو ويندو يا حڪمران غريب عوام جي ترقي سڌاري جا گس کوليندا؟؟
ڇا تحريڪ انصاف جو ڪپتان پاڪستان جي معيشت کي دلهن بنائيندو يا “تبديلي” آڻي وڌوا بنائيندو!؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *