تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سياسي ماٺار ۾ بلاول جون سرگرميون

عمران خان جي وفاقي سرڪار ٻن سالن جي اندر ملڪ جي معاشي ۽ سياسي ماحول تي اهڙا ته اثر ڇڏيا آهن جو خود پي ٽي آءِ جي حامي، وفاق جي عهدن تي ويٺل ماڻهن به ذاتي ڪچهرين ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته هاڻي خان صاحب کي وڃڻ گھرجي. هنن ٻن سالن دوران وفاقي سرڪار پنهنجي ڪنهن به اليڪشن منشور تي عمل ته ناهي ڪيو، جيڪي واعدا ۽ اعلان ڪيا انهن تي عمل ته ڇا پر ذري برابر به ڪوشش ناهي ڪئي پر مورڳو هن ملڪ ۾ جيڪي پراڻا مسئلا ۽ عوامي مشڪلاتون هيون، انهن کي وڌائي وڻ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ گھڻو عرصو غير جمهوري حڪومتون رهيون آهن پر ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي هن وقت تائين جيڪي به سياسي يا کڻي انڌيون منڊيون جمهوري حڪومتون آيون آهن، انهن وٽ پنهنجي ووٽرن توڙي عوام کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو آهي. ڀٽي صاحب زرعي سڌارا آندا، زمينون هارين ۾ ورهايون، وڏا ادارا سرڪاري تحويل ۾ ورتا، اسٽيل مل جهڙا ادارا ٺاهيا، ماڻهن لاءِ روزگار جا رستا کوليا، جنهن مان اهو تاثر ضرور مليو ته هن ملڪ مٿان عوامي حڪومت آهي. اهڙي ريت محمد خان جوڻيجي ملڪ اندر 5 نقاطي پروگرام ڏنو، نئين روشني اسڪول کوليا، ضياءَ جو قهري دور هوندي به هن پنهنجي وزارت اعظميٰ ۾ عوام کي ڪجهه نه ڪجهه رليف ڏنو. شهيد بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي ٻنهي دورن ۾ ڀلي مڪمل عوامي ڀلائي جا ڪم نه ٿيا پر ڪجهه دريون ضرور کليون، جن مان هن ملڪ جي عوام کي سک جي هوا لڳي، زراعت، صنعت ۾ ٿورو ساهه پيو، روزگار جا ذريعا پيدا ٿيا، ويندي جنهن آصف علي زرداري تي اسان سماجي ويب سائيٽن تي 24 ڪلاڪ طنزيه تنقيد ڪريون ٿا، ان به 18هين ترميم سميت ڪافي اهڙا ڀلا ڪم ڪيا، جن هن ملڪ جي سياسي ساک کي فائدو پهچايو پر عمران خان جي حڪومت جي هنن ٻنهي سالن جو باريڪي سان به جائزو وٺنداسين ته ٺلهن اعلانن، تقريرن ۽ الزام تراشين کانسواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، ٻن سالن دوران هڪڙو به عوامي ڀلائي جو ڪو پئڪيج سامهون نه آيو، نه چونڊيل ايوانن جو ڪو ڪردار رهيو. ملڪ جي ڪاروهنوار هلائڻ جا سڀ کان گھڻا۽ اهم قلمدان غيرسياسي خاص معاونن جي حوالي ئي رهيا يا آهن ، جن عمران خان جي سرڪار کي ڪنهن به حوالي سان فائدو ته نه پهچايو پر مورڳو همراهن اهڙيون خبرون ڪيون جو عقل دنگ رهجي وڃي. پر قدرتي آفت ڪورونا آئي جيڪا پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ نعمت بڻجي آئي جنهن جي آڙ ۾ وفاقي سرڪار کي پنهنجا عيب لڪائڻ جو موقعو مليو نه ته سندن خراب معاشي پاليسين جي ڪري هن وقت رڳو بلاول ڀٽو يا مولانا فضل الرحمان نه پر عام ماڻهو به رستن تي هجن ها. حالت اها آهي جو 2 سال اقتدار سنڀالڻ باوجود وزيراعظم کي اها به ڄاڻ ناهي ته هن ملڪ جي اندر 4 قومون رهن ٿيون، انهن جي ٻولي، ثقافت، رهڻي ڪهڻي الڳ آهي، ملڪ جي پاڻي، ناڻي، نوڪرين ۽ ٻين وسيلن جي ورڇ تي انهن قومن جي وچ ۾ ڪي اختلاف به آهن ۽ انهن اختلافن کي نبيرڻ لاءِ آئين ۾ ڪي شقون به آهن، ڪي ادارا به آهن. ان جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته آئين ۾ طئي ٿيل ناڻي جي ورڇ واري ڪميشن بابت هر ڀيري اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ٿو وڃي، جيڪو سڌو سنئون آئين سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو، ان کانسواءِ تازو هڪ فيصلو جيڪو سڄي پاڪستان ۾ هڪجهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ وارو ڪيو ويو آهي، ان فيصلي مان لڳي ٿو ته وزيراعظم کي اها به خبر ناهي ته هي ملڪ ڪو گھڻ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، جن ٻولين ۾ هن ملڪ جي وجود کان اڳ ئي هتان جا رهواسي پڙهندا لکندا ۽ ڳائيندا رهيا آهن. ۽ 18هين ترميم کانپوءِ نصاب ترتيب ڏيڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم ۽ ذميواري آهي.
مخالف ڌر جي جماعتن سان سوين اختلاف رکڻ باوجود سندن اها ڳالهه 100 سيڪڙو درست لڳندي آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ باوجود ڪنٽينر تان هيٺ ناهي لٿو، اها عمران خان جي شايد خوشنصيبي ۽ هن ملڪ جي بدنصيبي چئبي جو کيس انهن ادارن جي مڪمل مدد حاصل آهي، جن ادارن کان سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جون حڪومتون ته برداشت ناهن ٿينديون پر خود پنجاب جي سياستدان نوازشريف ۽ ان جي پارٽي به هضم نٿي ٿئي، خراب حڪمراني جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هن ملڪ کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪجهه عرصي کان سياسي سرگرميون شروع ٿيون آهن، جن سان گهٽ ۾ گھٽ اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪا مخالف ڌر به آهي. بلاول ڀٽو پاران ڪورونا جي ڏينهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرڻ کان بعد نواز شريف ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ وارو عمل هن سياسي ماٺار ۾ ضرور چرپر پيدا ڪندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته نيب هن ملڪ جي ٻنهي وڏين سياسي پارٽين پ پ ۽ نوازليگ کي جيڪي ونگ وڌا آهن، انهن مان جند ڇڏائڻ آسان نظر نه پئي اچي، اڃان ته نيب بابت نئون قانون آندو پيو وڃي، جنهن ۾ نيب چيئرمين کي اهي به اختيار ڏنا پيا وڃن ته هو ڪرپشن جو الزام ۽ ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ به ڪنهن کي گرفتار ڪرائي سگھي ٿو. اهڙي قانون بعد لڳي ٿو ته حڪومت مخالف جماعتن خلاف وڌيڪ سختي ڪندي پر ماضي جو رڪارڊ گواهه آهي ته خطرناڪ مارشل لا جي دور ۾ به پاڪستان ۾ جمهوريت پسند ڌريون سختيون سهندي به رستن تي هيون ۽ انهن وقت جي آمرن کي جھڪائڻ تي مجبور ڪيو. توڙي جو پاڪستان اندر جمهوري تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ پ پ جي قيادت يا حڪومتي وزيرن مٿان ڪرپشن جا ايترا ته الزام آهن جو انهن الزامن مان جان ڇڏائڻ بلاول ڀٽو جي وس ۾ ناهي پر پوءِ به بلاول ڀٽو هن وقت ايترو سياسي ميدان ۾ سرگرم آهي، اوترو ملڪي ليول تي ٻيو ڪير به نظر نٿو اچي. نيب جي پنجوڙن ۾ ڦاٿل نوازليگ هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ بلاول ڀٽو جي سڏ تي ڪيترو ٿي بيهي ۽ وقت جي هر حڪمران جو ساٿ ڏيندڙ مولانا فضل الرحمان ڪيترا ڏينهن سياسي روزو برقرار ٿو رکي، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر پوءِ به مخالف ڌر جي جماعتن ۽ خاص طور بلاول ڀٽو جيڪي سياسي سرگرميون شروع ڪيون آهن، ان سان هن حڪومت جي خراب حڪمراني جي چڪي ۾ پيسجندڙ ماڻهن ۾ هڪڙي اميد پيدا ٿي آهي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي سياسي موقعي پرستيون ڇڏي سچائي سان نڪرڻو پوندو، ٻئي پارٽيون اگر نيڪ نيتي سان اڳتي اچن ٿيون ۽ ملڪ جي چئني صوبن ۾ ٻين ننڍين ننڍين جماعتن کي به گڏ کڻي هلن ٿيون ته سياسي ماٺار ختم ٿي سگھي ٿي ۽ هن حڪومت سان حساب ڪتاب به ٿي سگھي ٿو.
مخالف ڌر جي هنن جماعتن جو سرگرم ٿيڻ ان وقت فائديمند ٿيندو جڏهن هو عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي ميدان تي اينديون توڙي جو هن وقت ڪورونا صورتحال سبب سياسي جلسا جلوس ٿيڻ ممڪن ناهي پر ايوانن جي اندر توڙي ايوانن کان ٻاهر هڪجهڙو موقف رکي هڪڙي اسٽيج ۽ هڪڙي پليٽ فارم تي سياسي جماعتون بيهنديون ته عام ماڻهو به سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڌيان ڏيندا. هن قسم جي سياسي سرگرمين سان ڀلي حڪومت نه به ختم ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٿيندو ته حڪمران پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪندا. گڏگڏ مخالف ڌر جي جماعتن جي دٻاءُ ۾ اچي ڪجهه نه ڪجهه عوامي ڀلائي وارا فيصلا ڪندا، جيستائين ملڪ اندر سياسي تحريڪون نه ٿيون هلن مخالف ڌر جون جماعتون پنهنجو حقيقي ڪردار ادا نه ٿيون ڪن، تيستائين هي حڪمران ڪو ڪم ڪرڻ بدران روز ٽي وي تي اچي ڀاشڻ ڏيندا رهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *