تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

سيپا ۽ سرمائيدار ڪمپنين جو ڳٺ جوڙ

ملڪ جي وڏن ترقياتي منصوبن جي اصل قيمت ته عوام ئي ڀريندو آھي اھا ٽيڪس جي صورت ۾ ته ھوندي ئي آھي پر لڏ پلاڻ، قدرتي وسيلن ذريعي ملندڙ روزگار کسجڻ، ماحولياتي آلودگي ۽ اباڻن اجھن کان ڌڪي ڌار ڪرڻ وارو درد ڀوڳيندڙ عوام اڳتي ھلي گھڻو ڪري اھڙن منصوبن خلاف انھيءِ ڪري ئي ٿيندو آهي.
گذريل ڪجھه سالن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ پڻ ڪجھه ميگا پروجيڪٽ خاص طور تي ٿرڪول سان لاڳاپيل آھن ۽ نتيجي ۾ مٿي ڄاڻايل مسئلن يا انهن جهڙي نوعيت رھي آھي پر انھيءِ ۾ گوڙاڻو ڊيم خلاف تحريڪ بنهه بهتر ۽ ڊگھي جدوجھد جومثال قائم ڪري ورتو آهي. جڏھن ته نوجوان شاعر الماس نھڙيو تي مڙھيل دھشتگردي واري ڪيس جو ختم ٿيڻ به حق ۽ سچ جي سوڀ آھي پر اڻ ڳڻيون زيادتيون ۽ ڏاڍايون ڪمپنين کي ڦٻي به ويون آھن ۽ سوين خاندانن جي پيرن ھيٺيان زمين نڪري ويئي آھي. اھڙوئي ھڪ ميگا پراجيڪٽ ٿرڪول واري علائقي کي پاڻي پھچائڻ لاءِ شروع ٿي رھيو آھي جنھن جي عوامي ٻڌڻي تازو مٺي ۾ ٿي ھئي ۽ انھي موقعي تي ساڃاھه وندن شديد اعتراض اٿاري منصوبي جي ماحولياتي ۽ سماجي اڀياس واري رپورٽ کي دليلن سان رد ڪيو ھو .
سنڌانوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جو ڪردار:
ڪنھن به ميگا پروجيڪٽ يا ماحولياتي ۽ سماجي حوالي سان حساس نوعيت جي منصوبي لاءِ Environmental Impact Assessment (EIA)يعني منصوبي جو ماحولياتي اڀياس ڪري ھڪ جامع رپورٽ منصوبي تي عمل ڪندڙ ڌر جوڙيندي آھي جيڪا سيپا وٽ جمع ٿيندي آھي ۽ انھي قانوني گھرجن جي تناظر ۾ بنيادي چڪاس بعد سڌ سماءُ جي وسيلن ذريعي پروجيڪٽ سان سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر ٿيندڙ لاگاپيل ڌرين کي اشتھار ذريعي اطلاع ڪيو ويندو آھي ته فلاڻي تاريخ تي منصوبي واري ھنڌ يا انھيءِ جي ويجھو ڪنھن مناسب جڳھه تي عوامي ٻڌڻي ٿيندي انھي لاءِ ضروري آھي ته مٿي ڄاڻايل رپورٽ عام ماڻھن جي پھچ لاءِ مهيا ڪئي وڃي.سيپا جا عملدار مقرر وقت ۽ جڳھه تي منصوبي تي عمل ڪندڙ ڪمپني/ کاتو يا سندن صلاحڪاريا انھن جا عيوضي پھچي آيل عوام اڳيان منصوبي بابت جوڙيل اڀياس رپورٽ پيش ڪندا آھن جنھن تي عوام پنھنجا رايا، خدشا ۽ صلاحون رکندي آهي.
ٿر جي حوالي سان جوڙيل وڏن منصوبن تي SEPA پاران لڪ چوري ۾ عوامي ٻڌڻيون ڪوٺايون ويون آھن يا وري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ فني اٽڪلون ڪري اصل متاثر ٿيندڙ ڌرين کي اوندھه ۾ رکي ڪم ٽپايو ويو آھي وڏي حرفت سان ڪيل ڪاررواين ۾ رڳو منافعي خور ڪمپنيون شامل نه رھيون آھن پر SEPA شعوري طور ايئن ڪندي رھي آھي ۽ انھي جا ڪجھه مثال ھي آھن.
ٿرجي ڪوئلي جي حوالي سان پھرين عوامي ٻڌڻي12نومبر 2012ع تي اسلام ڪوٽ ۾ ٿي جيڪا ڪول بلاڪ ٻه يعني اينگرو ڪمپني لاءِ ھئي . ڏياري جي ڏينھن اسلام ڪوٽ ۾ ٻڌڻي رکڻ ۽ انھيءِ جو اشتھار انگريزي ۾ ڇپائڻ جو مقصد ٿرواسين کي اونداھه ۾ رکي رڳو فائيلن جو پيٽ ڀرڻ ھو ڇو ته ڪمپني کي چڱي ريت خبر ھئي ته اڌ کان وڌيڪ آبادي ھندو آھي ۽ اھي ڏياري جي ڏڻ تي مصروف ھوندي. اھا ٻي ڳالھه آھي ته ٿر جي ڪجھه نوجوانن 430 صفحن تي ٻڌل انگريزي ۾ ڇپيل رپورٽ تي دليلن سان تنقيد ڪئي ۽ ٿر جو ڪيس ڀرپور رکيو پرانھيءِ موقعي تي آيل ڊائريڪٽر جنرل سيپا اھا رپورٽ رد ڪئي ھئي. پوءِ وري سيپا اينگرو جي مدد سان پوليس پھري ۾ مٺي ۾ ٻڌڻي ڪوٺائي.
27جون 2013ع تي رانجھو نون ڳوٺ ۾ رکرايل عوامي ٻڌڻي جو مقصد صرف انھن ماڻھن کي پري رکڻو ھو جيڪي تنقيد ڪري ڪمپنين ۽ سيپا جي دوستي خراب ڪندا آھن انھي ڪري اشتھار به ھڪ انگريزي اخبار ۾ ڏنائون ۽ اڀياسي رپورٽ مڪمل ڏيڻ بدران صرف سمري جا چار پنا ڏيئي ڪم مڪمل ٿي ڪيائون.ايل بي او ڊي جو پاڻي کڻي (سلور موري جھڏو لڳ) نبي سر ۾ کارو پاڻي مٺو ڪري ويجھيار تائين پھچائڻ واري منصوبي جي عوامي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر 2014ع تي ميرپورخاص ۾ ٿي ھئي جيڪا منصوبي جي شروع ٿيڻ کان تقريبن ٻه سال پوءِ ٿي ھئي.
ٿر ڪول ايريا لاءِ درياءُ جو مٺو پاڻي پھچائڻ لاءِ نبي سر ۾ ڊيم ٺاھڻ ۽ اتان کان ويجھيار تائين لائين وڇائڻ ۽ ويجھيار ۾ ڊيم ٺاھڻ لاءِ انگريزي اخبار ۾ اشتھار 22 مئي 2020ع تي عيد جي موڪلن وارن ڏينھن ۾ ڇپيو ته جيئن ٿر جي اڪثر آبادي کي ڪا ڄاڻ نه ملي سگھي. ٻڌڻي وري 9 جون 2020ع تي درٻار ھال ڊي سي آفيس مٺي ۾ رکي وئي جتي ڪورونا جي پابندين جي ڪري ھونئن عام ماڻھن جو پهچڻ ھڪ وڏو سوال ھو! مٿين مثالن مان ظاھر آھي ته سيپا عام ٿرين جي ڄاڻ ۾ واڌاري ، سماجي ۽ ماحولياتي اثرن بابت واقف ڪرڻ ۽ امڪاني نقصان جو ازالو ڪرڻ بدران سرمائيدار ڪمپنين جي ٻانھن ٻيلي رھي آھي جيڪا سراسر نا انصافي آھي. هاڻ اچون ٿا ته نبي سر ۽ ويجھيار ۾ ٺھندڙ ڊيمن ۽ نبي سر کان تقريبن 62 ڪلو ميٽر پائيپ لائين وڇائي ويجھيار تائين پاڻي پھچائڻ واري منصوبي جي اھم نقطن ۽ اوڻاين تي.
20 ارب رپين جي لاڳت سان جڙندڙ پروجيڪٽ لاءِ ھڪ بين الاقوامي ڪمپني 22 جولاءِ 2019ع تي سنڌ حڪومت سان ھڪ معاھدو ڪيو آھي جنھن جي مقصدن ۾ پاڻي ٿر پهچائڻ جو مقصد عوامي استعمال يا ٿرڪول ٻئي لکيل آھن پر ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آھي ته اھو صرف ڪوئلي جي ڪمپنين لاءِھوندو.
نبي سر ڊيم ۾ پاڻي جيڪو فرش موري کان جوڙيل پڪي واھ ذريعي کڻي اچبو انھيءِ جو ڪاٿو صرف ڪيوسڪ ۾ ڏنل آھي جڏھن ته ڪيوسڪ يونٽ آھي flow rate يعني پاڻي وھڻ جو پر ڪٿي به پاڻي جو Volume يعني مقدار ايم اي ايف يا ڪيوبڪ ميٽر ۾ نه ڄاڻايو ويو آھي پر آبپاشي ماھرن جو چوڻ آھي ته لڳ ڀڳ 40 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي ساليانو انھي لائين ذريعي کنيو ويندو ۽ جيڪڏھن ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي کنيو ويندو ته پوءِ ان جي ماحولياتي ، سماجي ۽ پڇڙي واري علائقي ۾ زراعت تي پوندڙ اثرن جو به ڪاٿو لڳائڻ گھرجي ها جنھن جو رپورٽ ۾ ڪوبه ذڪر ڪونھي.
رپورٽ ۾ نبي سر ۽ ويجھيار تائين منصوبي لاءِ گھريل زمين جو نقشو نه ڏنو ويو پر شروع ۽ آخر واري جي پي ايس ريڊنگ ڏني وئي آھي جنھن سان متاثر ٿيندڙ علائقي جي تفصيلي ڄاڻ نه ٿي ملي. انھي ڪري نقصان ۽ ان جي ازالي جو ڪاٿو به نه ٿو لڳائي سگھجي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايل آھي ته منصوبي جي 200 کان 500 ميٽر وارن علائقن ۾ ماڻهو متاثر ٿيندا انھي جو خيال رکيو ويندو پر ساڳي رپورٽ ۾ ٻئي هنڌ لکيو اٿن ته منصوبي واري ايراضي ۾ ڪابه آبادي ڪونھي ! واضع رھي ته نبي سر ٿر ۽ ويجھيار ڳوٺ تمام وڏيون وسنديون آهن جتي ھزارين ماڻھوصدين کان رھندڙآھن.
رپورٽ ۾ ڪوڙا انگ اکر ڏناويا آھن مثال طور عمرڪوٽ ضلعي ۾ 5 تعلقا ڄاڻائي اڌمان ڪوٽ کي ھڪ نئون تعلقو ڄاڻايو ويو آھي جيڪو نسورو ڪوڙ آھي. وري ٿرپارڪر ضلعي ۾ ستن بدران 6 تعلقا ڄاڻاياويا آھن. اھو پڪو ثبوت آھي ته ڪمپني جي صلاڪارن اکيون ٻوٽي ڪوڙي رپورٽ ٺاھي آھي. ميار ته سيپا تي آھي ته انھن بنا ڪنھن بنيادي چڪاس جي رپورٽ پڌري ڪري عوامي ٻڌڻي ڪوٺائي. مٺي وائلڊلائف سينڪچري 2017 ع ۾ منظور ٿيل آھي ۽ چيلھار ۽ ڀوريلي وارا علائقا انھي ۾ اچن ٿا. پر رپورٽ جي صفحي نمبر 43 تي لکيل آھي ته منصوبي تي عملدرآمد سان ڪنھن به جھنگلي جيوت جي لاءِ محفوظ ڪيل علائقو متاثر نه ٿيندو.
وڌ کان وڌ عمرڪوٽ ضلعي ۾ گرمي پد 33.7 ۽ ٿر ۾ 27.6 ڊگري سينٽي گريڊ ڄاڻايو آھي يعني عمرڪوٽ ضلعو ٿرپارڪر ضلعي کان وڌيڪ گرم آھي !
سون تي سھاڳو وري ڏسو عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي انگن اکرن بابت لکن ٿا ته اھا ڄاڻ پنجاب بيورو آف اسٽيٽڪس کان ورتي اٿن. خبر نه آھي ته جي سنڌ جي ضلعن جي بنيادي معلومات به پنجاب جو شمارياتي ادارو ٿوڏئي ته پوءِسنڌ جا ادارا ڇا ٿا ڪن؟
ٿر ۾ رھندڙمشھور ذاتين جا نالا به غلط ڏنا ويا آھن، مثال طور ڀيل کي ويل ، ميگھواڙ کي مگيار ، واڻيو کي بائينا وغيره لکيو اٿن ۽ ملهي ذات ٿر جي ذات ڄاڻائي اٿن ، جڏھن ته ٿر ۾ ڪٿي به ملهي ذات وارا ڪونھن اھي پنجاب ۾ آھن .
نبي سر،چيلھار ۽ ويجھيار کي ڪٿي ڳوٺ ٿا لکن ته ڪٿي شھر پر عوامي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ مشاورت مقامي ماڻھن سان ڪرڻ بدران مسخري ڪئي اٿن.
ٻن ڏينھن ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت لاگاپيل کاتن سان مشاورت مڪمل ڪئي اٿن جڏھن ته شامل فوٽن ۾ ڪلارڪن سان ملي رھيا آھن جڏھن ته سول سوسائٽي ۽ اڪيڊميا سان جيڪڏھن ڪا مشاورت ٿي آھي ته انھيءِ جو ڪٿي به تفصيل نه ڏنواٿن.نبي سر ڊيم لاءِ265 ايڪڙ زمين ۽ ويجھيار ۾ ڊيم لاءِ 205 ايڪڙ زمين ڪم آندي ويندي .نبي سر واري زمين ته ٻه زميندار ڀائرن جي ڄاڻائي اٿن پر ويجھيار واري زمين سرڪاري ڄاڻائي اٿن پر حقيقت ۾ ويجھيار جي زمين گئوچر آھي ۽ اتي اڳ ۾ به ھڪ ڊيم ٺھيل آھي ۽ جي ھي ٻيو ڊيم ٺھيو ته مقامي مارو ماڻھن لاءِ گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو پر رپورٽ ۾ اھڙو ڪوبه ذڪر نه آھي. جڏھن ته نبي سر کان ويجھيار تائين 70 فوٽ ويڪري 62 ڪلو ميٽر کن ڊيگھه واري زمين پٽي پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ کپندي جيڪا لڳ ڀڳ 325 ايڪڙ زمين ٿيندي پر انھيءِ لاءِ به ڪو خاطر خواه معاوضو ڏيڻ يا قانوني طور مقامي ماڻھن جي سھولت لاءِڪوبه قدم تجويز ٿيل نه آھي.
سرڪار طرفان لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ 1894ع تحت حاصل ڪيل زمين جا تفصيل سلور موري کان نبي سر ٿر تائين واري منصوبي جا ڏيئي ڪاغذن جي پورائي ڪئي اٿن پر حقيقت ۾ انھيءِ زمين جو نئين منصوبي سان ڪوبه تعلق ڪونھي ! ھڪ اندازي موجب منصوبي لاءِ ڪل 795 ايڪڙ زمين ڪتب ايندي پر رپورٽ ۾ “ماھرن” ڄاڻايو آھي ته ھڪ به وڻ نه وڍيو ويندو ڇو ته ٿر ته بيابان آھي ! واضع رھي ته ٿر ۾ ماحوليات جي عالمي اداري IUCN طرفان ختم ٿيندڙ 9 وڻن واري لسٽ مان 5 وڻ ٿر ۾ آھن. ھن منصوبي واري علائقي ۾ ھڪ ڪاٿي موجب 3 لک کان مٿي وڻ وڍيا ويندا جيڪي صحرائي وڻ ناپيد ٿيڻ وراري لسٽ ۾ به آھن ته نوعيت ۾ تمام آھستي اسرندڙ وڻ آھن جيڪي وري ٿيڻ لا سالن جا سال لڳي سگھن ٿا.
ٺيڪيدارن لاءِ لازمي لکيو اٿن ته پائيپ لائين وڇائڻ وقت زمين جو مٿيون 6 انچ زرخيز حصي واري مٽي ڪڍي ھڪ طرف رکن ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ بعد وري زرخيز ته واپس ورائين ڇا ايئن ڪرڻ لاءِ ڪي انتظامي لحاظ کان عملدار جوابدار ھوندا ؟ جي نه ته حقيقتن بدران فرضي ڳالھين تي زور ڏيڻ جو ڪھڙو فائدو؟
غور طلب نقطا:
SEPAجي قانوني ذميواري آھي ۽ ارڙھين ترميم بعد اھا ذميواري اڃان وڌي وئي آھي ته اھا سرمائيدار ڪمپنين کي مدد ڪرڻ بدران مقامي ماڻھن جي حقن کي تحفظ ڏين ۽ٿيندڙ تقصان جي ازالي جي ڪٿ مناسب اجورو ۽ منصوبي جي شفاف طريقي سان عملدرآمد کي بڻائي ۽ نبي سر ۽ اتان ويجھيار تائين رٿيل ڪم لاءِ ڪتب ايندڙ زمينن جا معاوضا ماڻھن کي با عزت طريقي سان ڏيڻ لاءِ قدم کڻي.
زميني حقيقتن جي ابتڙ ۽ ھڪڙي ھٿ ٺوڪي رپورٽ کي رد ڪري نئين سر جامع رپورٽ جوڙ ي وري عوامي ٻڌڻي ڪوٺائي وڃي.
ٿر جا ماڻھوسادا ضرور آھن پر حالتن جي ستم ظريفي گھڻو ڪجھه سيکاري ڇڏيو آھي ۽ ھي ايڪويھن صدي جو ٿر آھي جتي جا نوجوان سرمائيدارڪمپنين طرفان“دھشتگردي” ۽ “ ايجنٽ” قرار ڏيڻ سان چپ ڪري نه ويھندا.

Bookmark the permalink.

2 Responses to سيپا ۽ سرمائيدار ڪمپنين جو ڳٺ جوڙ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *