تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سيپٽيمبر جا سور ۽ پرديسين جي پچار

سيپٽمبر به ڏاڍو عجيب مھينو آھي ، جيڪڏهن رومن ڪئلينڊر کي تاريخي طور ڏسجي ته رومن ڪئلينڊر ۾ سيپٽيمبر ستون مھينو ھيو ، رومن ٻولي ۾ سيپٽيم جو مطلب ست آھي ، ياد رھي ته رومن ڪئلينڊر جو سال مارچ کا شروع ٿيندو ھيو. انھي لاءِ سيپٽيمبر پنھنجي لفظي معنيٰ مطابق جولين ۽ جارجين (گورگين) سان ڪونه ٿو ٺھڪي. 2 سيپٽمبر 1752ع تي برطانيا جولين ڪئلينڊر کي الوداع چئي ڪري جارجين ڪئلينڊر جو استعمال ڪندي اربع ۽ خميس جي تاريخن کي ايڊجسٽ ڪيو جنھن سبب عوام ۾ اشتعال آيو. جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته سيپٽمبر ۾ ھن روءِ زمين تي ڪيئي اھڙا واقعا ٿيل آھن جن تاريخ جا زاويا  تبديل ڪري ڇڏيا. سيپٽيمبر 1939ع ۾ ھٽلر جي فوج پولينڊ ۾ داخل ٿي ٻي مهاڀاري واري جنگ شروع ڪئي. سيپٽيمبر 1983ع ۾ روس جي جنگي جھازن 269 ماڻھو کڻي ويندڙ ڪورين ايئرلائين جي جھاز  جيڪو نيويارڪ کان سيول پئي ويو کي نشانو بنائي ڪيرايو. اسان جي صحافي ساٿي ۽ ناول نويس ممتاز بخاري سان تخليقي مشھابت رکندڙ ڀولڙن  جي ٽارزن  جھڙي ناول جي تخليقڪار ايڊگار رائيس سيپٽيمبر 1875ع ۾ شڪاگو ۾  جنم ورتو، رائيس  ناول لکڻ کان پھريان انگريزي اخبار لاس اينجلس ٽائيمس جو نمائندو ھيو. جيڪڏهن پنھنجي ملڪي تاريخ کي ڏسجي ته 6 سيپٽمبر جي به ھڪ تاريخي حيثيت آھي انھي 6 سيپٽمبر 1965ع جي رات اسانجي پاڙيسري ملڪ ھندوستان پاڪستان  تي حملو ڪيو جنھن کي پاڪستان جي فوج بري طرح ناڪام بنايو جنھن کي اڄ به اسين يوم دفاع ڪري ملهائيندا آھيون. 11 سيپٽيمبر 2001ع جو ڏينھن جنھن دنيا جي سياسي ، سماجي ۽ جاگرافي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي. انھي ڏينھن القائده  سان تعلق رکندڙ 19 جھادين  چار جھازن کي ھائيجيڪ ڪري ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون سان ٽڪرائي ڇڏيا جنھن سبب تقريبن ٽي ھزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ پنجويھه ھزار کان مٿي ماڻھو زخمي ٿيا. ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري واقعي جي ٺيڪ اڻويھه سالن کانپوءِ پاڪستان جي وڏي ۽ انتھائي مھذب سمجھي ويندڙ صوبي پنجاب جي گادي واري شھر لاھور ڀرسان گجرانوالا طرف ويندڙ موٽر وي تي پيٽرول ختم ٿيڻ تي ڪار اندر پنهنجي ٻارن سان گڏ ويٺل فرانس جي شهريت رکندڙ عورت تي ٻن جوابدارن حملو ڪري سندس ئي ٻارن جي سامھون اجتماعي زيادتي ڪئي جنھن واقعي پاڪستان جي مڙئي آبادي کي ھڪ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لھر ۾ آڻي ڇڏيو ، جنھن جنھن ٻڌو اھو ڪجھه لمحن لاءِ بلڪل خاموش ٿي ويو. ڪجھه حڪومتي وزيرن ، مشيرن ۽ پوليس عملدارن انھي واقعي تي غيرذميواراڻا بيان ڏئي ٻرندي تي تيل ھارڻ وارو ڪم ڪيو. جنھن خلاف پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاھرا شروع ٿي ويا. بھرحال واقعي کي ٻه ھفتا گذرڻ باوجود مکيه جوابدار قانون جي پڪڙ کان پري آھي.
ڏسجي ته لاھور موٽروي اجتمائي لڄالٽ جو پھريون واقعو ڪونھي ،  عام طور سڄي پاڪستان ۽ خاص طور پنجاب ۾ انھن واقعن جي ھڪ تاريخ ۽ تسلسل آھي. 2002 ع ۾ مختاران مائي واري ڪيس کي کڻي ڏسو جيڪو ملڪي توڙي بين الاقوامي طور بحث هيٺ رهيو. ھاڻي ھن سيپٽمبر کي ئي ڏسو موٽروي واقعي کان پھريان ۽ پوين ٻن ٽن هفتن ۾ گھريلو ڦرن ۽ ٻارن توڙي مڙس جي سامھون اجتمائي زيادتي وارن واقعن ۾ واڌ ٿي آھي جنھن جو تازو مثال  سرگوڌا ڀرسان چار ھٿيار بندن پاران ڳوٺ گھلا جي ھڪ گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي مڙس ۽ ٻارن جي سامھون عورت کي اجتمائي زيادتي جو نشانو بنائيندي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. وڌيڪ خطرناڪ صورتحال جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته گجرانوالا ۾ ھڪ ڇوڪري جڏھن ٿاڻي تي تنگ ڪندڙ جي خلاف فرياد ڪرڻ پھتي ته اتي موجود پوليس آفيسر ئي انھي ڇوڪري کي ڀيڻ ڀيڻ ڪندي حوس جو نشانو بنايو.  انھن جيءُ جھوريندڙ وارداتن کان وڌيڪ معاشري جي بي حسي اھا آھي ته پنھنجون غلطيون نظر انداز ڪندي ڏاڍ ٿيل عورتن کي انھن حادثن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي. ھڪ پاسي جڏھن اعليٰ پوليس عملدار پاڻ کي ذميواري کان آجو قرار ڏيندي چوي ته ھي فرانس ناھي، عورت اڪيلي سر ٻارن سان سفر ڪندي ته اھڙا واقعا ٿيندا. عجيب غريب صورتحال انھي وقت ٿي جڏھن وزير مشير انھي پوليس آفيسر جو بچاءُ ڪندي نظر آيا. ٻئي پاسي ملڪ جو نالي وارو عالم پنھنجي وڊيو خطاب ۾  اھا ڳالھه چوي ته اھڙن واقعن جو ذميوار گڏيل تعليمي نظام آھي ته پوءِ اڳتي ڇا سوچجي.
انگ اکر  حقيقتن جو آئينو ھوندا آھن ، جيئن ته عورتن سان انفرادي ۽ اجتمائي ڏاڍاين جا واقعا سڄي ملڪ ۾ رپورٽ ٿين ٿا پر خاص طور پنجاب ته انھن واقعن جو ڳڙھه بڻجي چڪو آھي انھي  لاءِ ٿورو انگ اکرن کي ڏسندي اتان جي حقيقتن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. پنجاب ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين مطابق پنجاب ۾  ھر ڏيڍ ڪلاڪ اندر عورتن تي ٿيندڙ تشدد جو ڪيس داخل ٿئي ٿو. انھن ڪيسن ۾ 54 سيڪڙو انفرادي ڏاڍ يا زنا ۽ 6.4 سيڪڙو اجتمائي ڏاڍ يا زنا جو واقعا رپورٽ ٿين ٿا. پنجاب جي ضلعن فيصل آباد، رحيم يار خان، مظفر ڳڙھه، پاڪ پتن ۽ ملتان جو شمار انفرادي ڏاڍ جي حوالي سان سڀ کان مٿي آھي. جڏھن ته لاھور ، قصور، شيخوپوره ، گجرانوالا، ملتان ، فيصل آباد، ۽ مظفر ڳڙھه اجتمائي زيادتي جي حوالي سان بدنام ضلعا آھن. ھڪ ڳالھه اھا به سمجھڻ جي آھي ته ھتي ٻڌايل انگ اکرن کان اصل انگ اکر وڌيڪ ٿي سگھن ٿا ڇوته عورتون پنھنجي ۽ خاندان جي رھيل عزت کي بچائڻ جي نالي ٿاڻن ، ميڊيا، سوشل ميڊيا توڙي ڪورٽن جو رخ ئي ڪونه ٿيون ڪن بلڪه ڪڏھن ڪڏھن خودڪشي ڪري ٿيون ڇڏين. جئين ڪجھه ڏينھن پھريان پنجاب ۾ ئي ھڪ عورت خودڪشي ڪري ڇڏي .
لاھور موٽروي واقعي کان پوءِ ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاسي جو مطابق ٿيو ته اسانجي وزيراعظم عمران خان ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ پنھنجي خيالن ۾ ملوث جوابدارن کي نامرد ڪرڻ جي صلاح ڏيندي قانون سازي ڪرڻ جو چيو. ڏسڻ جي ڳالھه اھا آھي ، يا ته اسين پنھنجي ملڪ جي زيادتي جي قانونن کان اڻواقف آھيون ياوري اندر جي باھه ڪڍڻ جي لاءِ مختلف سزائن جو مطالبو ڪري رھيا آھيون. جيڪڏهن قانون کي ڏسجي ته 1979ع  کان پھريان سيڪشن 375 پاڪستان پينل ڪوڊ موجود ھيو.
انکان پوءِ ضيائي حڪومت دوران ع1979 ۾ حدود آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو جنھن ۾ ڏاڍ جي ڪيسن جون پراڻيون سزائون ختم ڪري زاني کي سنگسار ڪري مارڻ جي سزا مقرر ڪئي ويئي. انھن سزا لاءِ لازمي ھيو ته چار اکين ڏٺا شاھد موجود ھجن ۽ زنا واري واقعي کي پنھنجي اکين سان ڏسڻ جي تصديق ڪن. انھي کانپوءِ 15نومبر 2006ع تي وومين پروٽيڪشن بل پاس ڪيو ويو. جنھن ۾ سنگسار ڪري مارڻ واري سزا ختم ڪري سزا موت يا ڏهه کان پنجويھه سالن جي سزا مقرر ڪئي ويئي جڏھن ته اجتمائي زيادتي جي سزا موت يا عمر قيد مقرر ڪئي ويئي. اڳتي ھلي ستين آڪٽوبر 2016ع تي انھي قانون کي وري اينٽي ريپ ۽ اينٽي آنر ڪلنگ بل طور پاس ڪيو ويو. جنھن ۾ زنا کي ثابت ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ڊي اين اي ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ھن بل ۾ پوليس کي اھڙن ڪيسن ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ ۽ عھدن جو استعمال ڪندي ملوث نڪرڻ تي عمر قيد تائين سزا ملڻ شامل ڪيو ويو. 2019ع ۾ ملڪي سطح تي  عورتن جي مخصوص ڪيسن کي ڏسڻ لاءِ ھڪ ھزار کان مٿي خصوصي عدالتون قائم ڪيون ويون . ايڏي قانوني بيڪ اپ ھوندي به عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوھن ۾ گھٽتائي نه اچي سگھي آھي بلڪه واڌارو ٿيو آھي. انھي واڌاري جو ھڪ ئي سبب آھي ته ملڪ ۾ قانون ۽ سزائون ھوندي به انهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي جنھن جا به ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جيئن جوابدار ڌر جو مالي يا سياسي طور سگھارو ھجڻ ، پوليس ۾ مرد آفيسرن جو اھڙن ڪيسن کي ڏسڻ ، پوليس جو پاڻ اھڙي ڪيسن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث ھجڻ. ڏاڍائي جو شڪار ٿيل عورت ۽ خاندان کي سماجي خواري جو خوف، عدالتن ، ميڊيا ، سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمن تي مسئلن جو وکريل ھجڻ شامل آھي.
لاھور واقعي ۾ جيئن عورت جي گاڏي جو پيٽرول ختم ٿيو ۽ هو مدد لاءِ منتظر ويٺي هئي سنڌ ۾ به هڪ ٻاهرين عورت سان اهڙي مجبوري پيش آئي. نوشھرو فيروز ڀرسان سڄي دنيا موٽر سائيڪل تي گھمندي شھريت ماڻيندڙ ڪينيڊين ناري روزي گيبيرائيل جي موٽر سائيڪل خراب ٿي. جمعي جو ڏينھن ھجڻ ۽ شام ٿي وڃڻ ڪري انھي ناري کي روڊ جي پاسي رھندڙ ڳوٺاڻن نعيم لغاري جي ميزباني ۾ مسلسل ٻه راتيون پنهنجي گھر ۾ پنھنجي ٻارن سان گڏ ترسايو ، سنڌي ثقافت مطابق پوري مھمانوازي ڪئي ويئي ۽ موٽر سائيڪل مفت ۾ ٺاھي کيس سنڌي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيو . جنھن تي ھن تمام گھڻا ٿورا مڃيا. ڏک انھي ڳالھه جو ته انھي مھمانوازي کي سنڌي سوشل ميڊيا تي ته گھڻي پذيرائي ملي پر باقي ميڊيا خاموش رھي.
ضرورت انھي ڳالھه جي آھي ته عورتن سان ٿيندڙ واقعن تي سول سوسائٽي کي تڪڙو اڳتي اچڻ گھرجي ۽ پرامن مظاھرا ڪري سوشل ميڊيا تي مھم ھلائڻ گھرجن جيئن جوابدارن کي سزا اچي گھرجي. حڪومت جي طرفان زيادتي ٿيندڙ عورتن جي ڪيسن جي پيروي عورتن جي پوليس کي ئي ڪرڻ گھرجي جيئن متاثر عورتون پاڻ کي محفوظ تصور ڪندي پنھنجي ڪيسن جي پيروي ڪري سگھن. سماجي طور متاثر عورت ۽ خاندان جي نالن کي لڪائي ڪيس فرضي نالن سان ھلائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *