تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

سيڊا جي ڪارڪردگي

ڊان اخبار جي هڪ خبر مطابق سيڊا وارن فيصلو ڪيو آهي ته آبياني جي جاچ ۽ وصولي لاءِ اهو ڪم ٺيڪي تي ڏنو وڃي، ڇو جو آبياني جي وصولي ايتري نٿي ٿئي.
صوبن ۾ اٿارٽين جو ٺهڻ:
عالمي بينڪ اهو ادارو آهي جيڪو مختلف ملڪن ۾ ترقي وارين اسڪيمن لاءِ قرض ڏئي ٿو پر اهو ادارو آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ آهي.قرض ڏيڻ ۾ هو آمريڪا جي پاليسي تي عمل ڪري ٿو. آمريڪا ڏٺو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون خرابيون آهن پر هڪڙي ڳالهه اهڙي آهي جنهن تي هو ڪنهن تي مدار نٿو رکي. اها آهي ان جي “فوڊ باسڪٽ” يعنيٰ پاڪستان کي کاڌي لاءِ ان موجود آهي ۽ اهو ان جي آبپاشي جي ڪري آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن پاڪستان کي کاڌي جي سلسلي ۾ ڪنٽرول ڪرڻو آهي ته ان جي آبپاشي نظام کي لوڏڻو پوندو. ان سلسلي ۾ 90ع جي ڏهاڪي ۾ عالمي بينڪ “نيشنل ڊرينيج پروگرام” جي نالي سان پاڪستان کي هڪ قرض ڏنو جنهن ۾ انهيءَ نظام کي سرڪاري ڪنٽرول مان ڪڍي پرائيويٽ نموني هلائڻ جو رٿيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ هر هڪ صوبي ۾ اٿارٽي ٺاهڻ جو رٿيو. پنجاب ۾ ان کي پيڊا، سنڌ ۾ سيڊا ۽ بلوچستان ۾ ان کي بيڊا سڏيو ويو. خيبرپختونخوا وارن پنهنجي صوبي ۾ اهو نظام لاڳو ٿيڻ نه ڏنو.
پاڪستان جو آبپاشي نظام:
پاڪستان جو آبپاشي نظام دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڳنڍيل نظام آهي جيڪو انگريزن ٺاهيو ۽ ان وقت کان تمام سٺي نموني هلي پيو. جيئن آدمشماري وڌي، کاڌ خوراڪ جون گهرجون به وڌيون ۽ فصلن جي پوکائي به وڌي. انگريزن پاڻ نڪاسي جو نظام نه ٺاهيو جو ان وقت ان جي ضرورت نه هئي پر وڌيڪ پوکائي ڪري واهه مٽي جا ٺهيل هجڻ ڪري سم جو مسئلو پيد اٿيو. انهيءَ گهرج کي نظر ۾ رکي عالمي بينڪ سم گهٽائڻ لاءِ ٽيوب ويل هڻڻ جي تجويز ڏني ۽ پوءِ انهن کي هڻڻ لاءِ قرض به ڏنو ۽ پاڪستان ۾ ڪيترا اسڪارپ جا منصوبا عمل ۾ آيا. جڏهن ٽيوب ويل هنيا ويا ته بجلي جو خرچ وڌي ويو. کاڌي خوراڪ جون ضرورتون ته پوريون ٿيون پر اپت ايتري نه ٿي جو آبيانو نه وڌايو ويو ۽ ڊرينيج سيس به نه هنيو ويو. ٽيوب ويل هڻڻ کان اڳ آبپاشي هلائڻ جو خرچ آبياني جي وصولي مان پورو ٿيندو هو جڏهن ٽيوب ويل هڻڻ ڪري خرچ وڌي ويو ته اها پروپئگينڊا ڪئي وئي ته نظام جٽادار نه رهيو ۽ جي ايئن هلندو رهيو ته آبپاشي نظام هلي نه سگهندو انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ عالمي بينڪ هن نظام کي سرڪاري ڪنٽرول مان ڪڍي خانگي طور هلائڻ جو چيو. بنيادي فلسفو اهو هو ته نظام کي هلائڻ وارو خرچ آبياني ۽ ڊرينيج سيس مان نڪرڻ کپي. سرڪاري ماڻهو ڪڍي آبادگارن کي نظام ڏنو وڃي ته هو پاڻ هلائين ۽ پاڻ آبياني ۽ ڊرينيج سيس جي وصولي ڪن.
نئون قرض ۽ سيڊا جو ٺهڻ:
عالمي بينڪ نيشنل ڊرينيج منصوبي هيٺ 53 ملين آمريڪي ڊالرن جو قرض ڏنو ۽ انهيءَ جا ٽي مقصد ٻڌايا ويا. پهريون نظام کي جٽادار ڪرڻ، ٻيو پڇڙين تائين صحيح پاڻي پهچائڻ ۽ ٽيون پاڻي نڪاس واري نظام جي صحيح سنڀال ڪرڻ. پهريون سيڊا رڳو نارا ڪئنال سرڪل ۾ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي نالي سان ٺاهي وئي. پوءِ اسيمبلي کان قانون پاس ڪرايو ويو ته سيڊا سڀني ڪئنالن سرڪلن ۾ ٺاهي ويندي پر اهو نه ڪيو ويو ۽ سيڊا رڳو ٻين ٻن ڪينال سرڪلن ۾ ٺاهي وئي هڪڙو گهوٽڪي ۽ ٻيو ليفٽ بينڪ ڪئنال سرڪل ۾. هينئر سيڊا رڳو ٽن ڪينال سرڪلن ۾ آهي پر ان کي ايريا واٽر بورڊ جو نالو ڏنو ويو هر ڪنهن ننڍي شاخ تي آبادگار تنظيم ٺاهي وئي جنهن کي farmer organization يعنيٰ F.O جو نالو ڏنو ويو. هر ايف او کي شاخون هلائڻ ۽ 15 ڪيوسڪ کان گهٽ وارين سم نالين کي هلائڻ جو چيو ويو. هر ايف او آبادگارن کان آبيانو ۽ ڊرينيج سيس جي وصولي ڪندي ۽ نظام تي ايندڙ خرچ ڪڍي باقي پيسا ايريا واٽر بورڊ کي ڏيندي.
سيڊا جي ڪارڪردگي:
سيڊا نيشنل ڊرينيج منصوبي هيٺ ٺاهي وئي جنهن جا ٻه مقصد هئا. هڪڙو سيڙپڪاري ۽ ٻيو ادارتي سڌارا. سيڙپڪاري ۾ مختلف پاڻي نڪاسي واريون اسڪيمون ٺاهيون ويون ۽ ادارتي سڌارن ۾ سنڌ ۾ سيڊا، پنجاب ۾ پيڊا ۽ بلوچستان بيڊا ٺاهيون ويون. ادارتي سڌارن جو مقصد نظام کي جٽادار ڪرڻ، پڇڙين تي صحيح پاڻي پهچائڻ ۽ ٺهيل پاڻي نڪاسي واري نظام کي صحيح نموني ۾ هلائڻ هو. اچو ته ڏسون ته اهي مقصد پورا ٿيا.
1- نظام کي جٽادار ڪرڻ:
ان جو مطلب اهو آهي ته آبپاشي ۽ پاڻي نڪاسي واري نظام تي ٿيندڙ خرچ آبياني ۽ ڊرينيج سيس مان ڪڍڻ. وري اهو ڪم ايف او جي معرفت ڪرڻو هو. مون مالياتي ادارن جي ڇپيل ڪتابن مان اهي انگ ورتا آهن جيڪي انهيءَ نظام تي ٿيا. اهي سال 2001-2002ع کان 2006-2007 جا ۽ سال 2014-20015ع کان 2015-2016ع جا آهن. انهن ۾ سيڊا انتظاميا ۽ ايريا واٽر بورڊ ٿيل خرچ شامل ناهن.
سال 2001-2002ع
ان سال آبپاشي ۽ نڪاسي وارن نظامن تي خرچ ٿيو 22 ڪروڙ رپيا ۽ آبياني ۽ ڊرينيج سيس مان وصولي ٿي 5.9 ڪروڙ رپيا. معنيٰ وصولي ٿي اٽڪل 27 سيڪڙو.
سال 2002-2003ع
ان سال خرچ ٿيو 21 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي 4.5 ڪروڙ رپيا. معنيٰ وصولي ٿي اٽڪل 21 سيڪڙو.
سال 2003-2004ع
ان سال خرچ ٿيو 23 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي 2.2 ڪروڙ رپيا. معنيٰ وصولي ٿي اٽڪل 10 سيڪڙو.
سال 2005-2006ع
ان سال خرچ ٿيو 44 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي هڪ ڪروڙ رپيا. معنيٰ وصولي ٿي اٽڪل 2 سيڪڙو.
سال 2006-2007ع
ان سال خرچ ٿيو 41 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي 0.4 ڪروڙ رپيا. معنيٰ وصولي ٿي رڳو هڪ سيڪڙو.
سال 2014-2015ع
ان سال خرچ ٿيو 66.5 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي رڳو 8 لک رپيا. معنيٰ وصولي ٿي سيڪڙي جو ڏهون حصو.
سال 2015-2016ع
ان سال خرچ ٿيو 32.2 ڪروڙ رپيا ۽ وصولي ٿي رڳو 15 لک رپيا. معنيٰ وصولي ٿي 0.46 سيڪڙو.
مٿين انگن اکرن مان خبر ٿي پوي ته وصولي جو سيڪڙو گهٽجندو ٿو وڃي پوءِ نظام جٽادار ته نه ٿيو.
2- پڇڙين تي پاڻي پهچائڻ:
هر هنڌان پڇڙين تي پاڻي جون دانهون اچن ٿيون. معنيٰ نظام آبادگارن جي حوالي ڪرڻ سان پڇڙين تي حالت ته نه سڌري تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته نظام پڇڙين تي پاڻي پهچائڻ ۾ ڪامياب نه ويو.
3-پاڻي نڪاسي واري نظام جي صحيح سنڀال:
کاٻي پاسي مکيه نڪاسي وارو نظام LBOD آهي. سال 2011ع وارين برساتن مان ظاهر ٿيو ته ان جي سار سنڀال صحيح نه ٿي سگهي. سم نالين جي ضرورت موجب کاٽي نه ٿيڻ ڪري اهي ڪيترن هنڌن تان ٽٽي ويون. پاڻ LBOD ڪيترن هنڌن تان ٽٽي پئي.
جن مقصدن لاءِ سيڊا ٺاهي وئي هئي اهي پورا نه ٿي سگهيا آهن ۽ حقيقت اها آهي ته اهو نظام فيل ٿي چڪو آهي. مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي پنجاب وارن پيڊا ختم ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته پيڊا جي وصولي رڳو 45 سيڪڙو جڏهن ته پنجاب ايريگيشن کاتي جي وصولي 70 سيڪڙو رهي.
ڇا سيڊا جو نظام سنڌ ۾ ختم ٿي سگهي ٿو؟
سيڊا سڀني مقصدن ۾ فيل ٿي وئي آهي. تنهن ڪري اسان کي به پنجاب وانگر سيڊا کي بند ڪرڻ کپي. پر اهو منهنجي خيال ۾ ڏکيو آهي ڇو جو عالمي بينڪ سنڌ ۾ سيڊا بابت Carrot and Stick واري پاليسي رکي آهي. گڏهه کي هڪلڻ لاءِ ٻه شيون کپن، هڪڙي گجر جنهن کي کائي هو هلي سگهي ۽ جيڪڏهن تنهن کانپوءِ به نه هلي ته ان کي ڏنڊو هڻجي. قرض سنڌ حڪومت لاءِ گجر آهي جو هنن کي پيسا کپن پر ان کانپوءِ به هو عالمي بينڪ جون ڳالهيون نٿا مڃن ته عالمي بينڪ قرض ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندي. في الحال ته قرض جا پئسا ملن ٿا پوءِ ڇو نه وٺجن ڀلي مقصد حاصل ٿئي يا نه ٿئي. منهنجي خيال ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ سيڊا جو نظام ختم ڪرڻ کپي.
باقي رهي ڳالهه آبياني ۽ ڊرينيج سيس جو نظام ٺيڪي تي ڏيڻ جو ته اهو به ڪامياب نه ٿيندو جو ٺيڪيدار به انهيءَ مان ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو. اهو نظام روينيو کاتي کي واپس ڪرڻ کپي جو اهي ئي وصولي ڪري سگهن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *