Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_2k6961q9caqi21fobquptbo2ak, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سي ايم صاحب رڳو ڪاوڙ ڪافي ناهي ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سي ايم صاحب رڳو ڪاوڙ ڪافي ناهي ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سي ايم صاحب رڳو ڪاوڙ ڪافي ناهي !

سڄي ڪاڇي ۽ جوهي جي ڪجهه يوسيز جا هزارين ماڻهو ٻن ڏينهن کان تڪليف ۾ آهن،انهن جا اجها پٽ پئجي ويا آهن ،انهن جو مال متاع لڙهي ويو آهي ۽ هو پنهنجون ۽ ٻچن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ميلن جا ميل پاڻي جهاڳي سڪي تي پهتا آهن.ڪجهه ٻيڙين کانسواءِ ڪٿي به نه ضلعي انتظاميا،نه سنڌ حڪومت ۽ نه ئي اين ڊي ايم اي وارا ڪجهه ڪندي نظر اچن ٿا .آبپاشي واري وزير جي هوندي جيڪڏهن رڳو ايف پي بندکي لڳل شروعاتي روڻيون بند نه ٿي سگهيون ته باقي آبپاشي کاتو ڪهڙي مرض جي دوا آهي. آبپاشي کاتي جي نااهلي جي ڪري اهي روڻيون وڌي وڃي گهارن جي صورت ۾ ظاهر ٿيون ۽ ڪاڇو ٻوڙي ايندڙ پاڻي جوهي تعلقي جي بئراجي علائقن ۾ داخل ٿي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن سڄي سانوڻي ۾ سڄي سنڌ حڪومت رڳو گجر نالي تائين ڦاٿي رهي ۽ انهن جو سڄو ڌيان قومي سڏائيندڙ ميڊيا جي دٻاءُ ۾ ڪراچي جا اهي نالا ئي هيا جن کي صاف ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت به اين ڊي ايم اي کي موڪلي ڇڏيو هو باقي ٻيو سڄو نظام ۽ شهر انهن جي اک تي نه هيا،سانوڻي ۾ ته وڏو ڌيان اتي ڏيڻ گهربو هو جتي اوهان جو سڄو آبپاشي نظام دارومدار رکي ٿو اهي دريائي واهه هجن شاخون يا بئراج يا وري پهاڙي نئيون نديون ۽ نالا جيڪي جڏهن مستي ۾ وهندا آهن ته اهي پهاڙي پٿر به پوڙين وانگر لوڙهي ويندا آهن پر الائي ڇو اسان جي حڪومت، هر ادارو،هر ضلعي جي انتظاميا انهن ڳالهين کان بي خبر ٿي رڳو ڪجهه گٽر نالن جي صفائي تائين مصروف هئي.هاڻي به جڏهن ڪاڇي ۽ جوهي ۾ هزارين ماڻهو انتظامي لاپرواهي سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن انهن کي اڃان تائين مڪمل طور ريسڪيو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن جي بحالي ۽ روزاني جي کاڌ خوراڪ جو ڪو انتظام نظر ٿو اچي تڏهن به صوبائي وزير انهن گٽر نالن بابت ئي ڪراچي ۾ ويهي پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن پر ڪنهن کي به اهو اونو ڪونهي ته ڪو هزارين ڦاٿل ماڻهن کي ڪيئن ريسڪيو ڪجي ڪيئن انهن جي بحالي جا وسيلا ڪجن.انهن کي پهتل تڪليف يا اذيت جو ته ازالو ٿي ئي نه ٿو سگهي،ڪنهن معصوم ٻار جي ماءُ جي ڪڇ ۾ وسندڙ مينهن ۾ پاڻي اندر بک تي گذاريل رات جو ڀلا حڪومت ،انتظاميا ڇا ازالو ڪري سگهي ٿي،پر اهو ته ڪري سگهي ٿي ته انهي معصوم کي ٻيون اهڙيون راتيون گذارڻ کان بچائي سگهجي پر 3 ڏينهن گذرڻ باوجود لڳي نه ٿو ته ڪو ڪنهن کي انهي پاسي جو اونو آهي رڳو فوٽو سيشن آهن. وڏو وزير اڪيلي سر ڪيترو وقت ۽ ڪٿي ڪٿي گهمي سگهي ٿو ؟ ٻي صوبائي ڪابينا ۽ چونڊيل نمائندا ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهن خبر ئي نه ٿي پوي ڪاڇي ۽ جوهي ۾ ٽن ڏينهن کان قيامت لڳي پئي آهي پر اتان جو چونڊيل ايم اين اي الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ گم آهي جو ظاهر ئي نه ٿو ٿئي، ايم پي اي جنهن کي پهرين ڏينهن ئي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪندي نظر اچڻ گهرجي ها اهو ٻئي ڏينهن تي سي ايم جي پروٽوڪول لاءِ ته ظاهر ٿيو پوءِ وري گم،ضلعي انتظاميا الائي ڪهڙن انتظامن ۾ سوگهي هئي جو اڳواٽ اطلاع باوجود رڳو ٻيڙين جو بندوبست به نه ڪري سگهي ته ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍي سگهجي. ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ ته ٿيو الڳ معاملو اها ته ڄڻ ڪيرپنهنجي ذميواري ئي نه پيو سمجهي،انهي سڄي صورتحال ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهو گذاري رهيا آهن ۽ اڃان ڪيترا ئي ڏينهن سندن ايئن گذرندا. وڏي وزير جي پنهنجي وزٽ دوران سندس آبپاشي کاتي جي ته ڪارڪردگي ظاهر ٿي، اهڙا ئي افعال ضلعي انتظاميا ۽ ٻين کاتن جا آهن. سي ايم صاحب اوهان جي آبپاشي کاتي تي ڪاوڙ جائز پر في الحال ڦاٿل ماڻهن جو مسئلو انهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ انهن جي سار لهڻ آهي جيئن اهي پنهنجي ڏکين ڏينهن ۾ ڪجهه آسانيون ڏسي سگهن. باقي ڪنهن جي ڪري ماڻهن تي اهي ڏکيا ڏينهن آيا آهن اهو پڌري پٽ پيو آهي ڀلي پوءِ انهي جي جاچ ڪرائي انهن کي سزا ڏيارجو اهو ڏسڻ لاءِ وقت پيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *