Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9g6fhf9fvs83ssi3femne329mh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سڌريل سماج وارو تصور ۽ اسان جا رويا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سڌريل سماج وارو تصور ۽ اسان جا رويا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سڌريل سماج وارو تصور ۽ اسان جا رويا

ان سماج کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور ماڻهن جو سماج ڪيئن ٿو چئي سگهجي جتي هر غلط ۽ غيرقانوني ڪم کي ماڻهو پنهنجو حق سمجهندو هجي، صحيح ۽ غلط جي تشريح هر ماڻهوءَ وٽ سندس ذاتي خواهشن ۽ مفادن پٽاندڙ هجي ۽ سمورو نظام سفارش، پنهنجا نواز پاليسين ۽ ڪرپشن تي بيٺل هجي.
سڌريل دنيا پنهنجي نظام ۽ ادارن جي جوڙ جڪ انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي رکي آهي،اهو ئي سبب آهي جو اتي ناانصافي، لاقانونيت ۽ ڪرپشن ننڍي سطح تي آهي. دنيا ان حقيقت کي سمجهي ورتو آهي ته اسان جي ايندڙ نسلن توڙي سماج جي بقا ان ۾ آهي ته اسان جو سمورو نظام انصاف ۽ اهليت تي ٻڌل هجي ۽ اسان جا ادارا مستحڪم ۽ مضبوط هجن. انهن معاشرن ۾ ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا پر نظام ۾ تبديلي نه اچي، ڪا تبديلي اچي ٿي ته بهتري جي بنياد تي اچي ٿي.دنيا جي سڌريل معاشرن ۾ سمورو فوڪس عام ماڻهو جي ڀلائي تي هوندو آهي، ايئن به ناهي ته انهن معاشرن ۾ مسئلا ۽ مونجهارا ناهن پر اهڙي صورتحال ڪٿي به نه هوندي جهڙي اسان وٽ آهي.
حقيقت ۾ قانون ۽ اصول ان کي ئي چئبو جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ هڪ جهڙو هجي، اهو قانون ۽ اصول ٿي نه ٿو سگهي جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ مختلف هجي. انهي اصول کي سامهون رکي پنهنجي نظام جو تجزيو ڪبو ته واضح ٿي ويندو ته اسان جو سمورو نظام ناانصافي، بي اصولي، اقربا پروري ۽ لاقانونيت تي بيٺل آهي. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي نظام ۽ سماج جي حقيقت سمجهي ورتي ته هاڻي اهو سوال سامهون اچي ٿو ته هي سماج اڳتي ڪيئن وڌندو؟ انهي نظام سان اسان جي ايندڙ نسل جي صورتحال ڇا بيهندي!؟اسان جي نفسيات اها آهي ته رڳو اسان جو ڪم ٿئي باقي نظام ۽ قانوني گهرجون کڏ ۾ وڃي پون، اصول سڀني لاءِ هجن پر مون لاءِ نه هجن ۽ آئون جيئن چوان تيئن ٿيڻ گهرجي. انهي سوچ ۽ نفسيات سان اسان پنهنجي سموري نظام کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪنهن به سماج ۾ ادارن جو ڪردار ڏاڍو اهم هوندو آهي.يقينن ننڍن توڙي وڏن سڀني ادارن جي جوڙ جڪ پويان سٺا مقصد هوندا آهن پر جڏهن انهن ادارن کي قانون مطابق نه هلائبو ته اهي پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪري ناهن سگهندا نه ئي گهربل نتيجا ڏئي سگهندا آهن. اسان جا لڳ ڀڳ سڀئي ادارا پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام آهن ۽ ناڪام ادارن سان پنهنجي مستقبل کي محفوظ رکڻ ناممڪن آهي.حضرت علي عليه السلام ڏاڍي زبردست ڳالھه ڪئي آهي ته “معاشرو ڪفر سان ته زنده رهي سگهي ٿو پر ناانصافي جي بنياد تي نه”. اسان جي معاشري ۾ قانون ۽ انصاف جي صورتحال اوهان جي سامهون آهي!
ايئن به ناهي ته اسان وٽ قانون ناهي، قاعدا قانون توڙي آئين سڀ ڪجھه موجود آهي پر اهو پريڪٽس ۾ ناهي، اسين ان تي عمل ڪرڻ جا پابند ناهيون. اسان جي نظام جو قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪو به ڪردار ناهي. جيڪو ماڻهو سڌريل دنيا ۾ سگنل ٽوڙڻ جي به جرئت نه ٿو ڪري سگهي اهو ئي ماڻهو اسان جي سماج ۾ روزانو الائي ڪيترا قانون ٽوڙي ٿو.قانون انسان جي ڀلائي ۽ سماج کي بهتر ۽ متوازن رکڻ جي ضمانت ڏيندو آهي پر جيڪڏهن ان جي صحيح استعمال بجاءِ انهي ئي قانون کي مخصوص ماڻهن جي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويندو ته اهو سماج کي ڪمزور ۽ لولو لنگڙو بڻائيندو.
هڪ دوست يورپ مان گهمي واپس آيو ته ان کان پڇيو ويو ته يورپ جي معاشري ۽ اسان جي معاشري جا ٻه وڏا فرق ٻڌايو؟ هن هڪدم جواب ڏنو ته اتي توهان اهو تصور ئي نه ٿا ڪري سگهو ته ڪير توهان سان ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو ۽ هتي توهان کي اها پڪ ناهي هوندي ته سامهون وارو ماڻهو توهان سان سچ ٿو ڳالهائي يا ڪوڙ.اسان جي سماج ۾ اخلاقي قدرن جي تباهيءَ جا به وڏا مثال موجود آهن، سڌريل معاشرن ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ وارو نظام ته موجود آهي پر ساڳئي وقت اتي اخلاقي قدرن جي پاسداري به عام آهي، ان جو بنيادي سبب بهتر تعليم، انصاف تي ٻڌل نظام ۽ قانون جي حڪمراني بنيادي محرڪ آهن.قانون جي حڪمراني اهو بنيادي معاملو آهي جنهن سان اسان پنهنجي سماج جي جوڙ جڪ انصاف ۽ اصول تي ڪري سگهون ٿا. اڄوڪي دنيا عالمي ڳوٺ آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي اسان کي سموري دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، تعليم، سکيا توڙي دنيا کي پروڙڻ جا موقعا وڌيا آهن
پر باوجود ان جي اسان پنهنجي معاشري ۾ قانون تي عمل ڪرڻ واري بنيادي اصول کي به پهچي ناهيون سگهيا! دنيا تيزيءَ سان اڳتي پئي وڌي ۽ اسان تيزيءَ سان اونداهي کڏ ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
اچو ته پنهنجي سماج ۾ مجموعي صورتحال تي سوچيون پنهنجن اخلاقي قدرن، پنهنجن سماجي ذميوارين جو تجزيو ڪريون ۽ پنهنجي ڪردار تي نظر وجهون. ٻين کي ڇڏيو ايمانداريءَ سان پنهنجي عمل ۽ ڪردار تي نظر وجهون ته اسين پنهنجن اخلاقي، منصبي ۽ سماجي ذميوارين کي ڪيتري ايمانداريءَ سان پورو ڪري رهيا آهيون؟ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان پنهنجن ماڻهن ۽ سماج لاءِ اسان ڇا ڪيو آهي؟ اسان قانون تي عمل ۾ ڪيترا ذميوار ثابت ٿيا آھيون؟ پنهنجو تجزيو ايمانداريءَ سان ڪبو ته سموري صورتحال اسان جي سامهون اچي ويندي ۽ پوءِ پنهنجي ڪردار کي اهڙي طرح ٺيڪ ڪرڻو پوندو جيئن سموري شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر جي اڳيان واري حصي جي صفائي ڪرڻ گهرجي.
هر ماڻهو پنهنجي ڪردار کي اصول، ايمانداري، انصاف ۽ قانون جي گهرجن مطابق بڻائيندو ته اهو انفرادي عمل سموري سماج کي نئون موڙ فراهم ڪندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *