Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_l9osetm08gnlgsggrdskvd8389, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سگهارين ڌرين ۽ مخالف ڌر ۾ اختلافن کي هوا ڏيندڙ حڪمران - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سگهارين ڌرين ۽ مخالف ڌر ۾ اختلافن کي هوا ڏيندڙ حڪمران - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سگهارين ڌرين ۽ مخالف ڌر ۾ اختلافن کي هوا ڏيندڙ حڪمران

جڏهن چوڌري نثار مسلم ليگ نواز جو حصو هو تڏهن سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ اهو مشهور هو ته مسلم ليگ نواز جي قيادت چوڌري نثار معرفت سگهارين ڌرين سان رابطا يا مامرا طئي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي آهي، انهن ڳالهين کي چوڌري نثار سان گڏ شهباز شريف جون رات جي وقت سگهارين ڌرين سان ٿيندڙ ملاقاتن واريون خبرون به سچ ثابت ڪنديون رهنديون هيون، ايئن چوڌري نثار جي ميان نواز شريف سان اختلاف ڪري مسلم ليگ نواز کان پاسيرو ٿي وڃڻ واري عمل به چوڌري نثار علي خان جي ن ليگ قيادت کان وڌيڪ سگهارين ڌرين سان تعلق هجڻ کي وائکو ڪري ٿو، نه رڳو ايترو پر 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيل عام چونڊن ۾ 1985ع کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي تڪ تي شڪست کائيندڙ چوڌري نثار توڙي جو صوبائي تڪ تي ڪامياب ٿيو هيو پر اڃان تائين پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف نه کنيو آهي، پر رکي رکي ميڊيا ۾ چوڌري نثار کي پنجاب ۾ وڏي ذميواري ملڻ جون ايندڙ خبرون به چوڌري نثار جي سگهارين ڌرين سان گهرائپ يا ويجهڙائپ کي ظاهر ڪنديون رهن ٿيون. ظاهر آهي ته آزاد حيثيت ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجندڙ چوڌري نثار کي جيڪڏهن پنجاب صوبي ۾ ذميواري ملي ٿي ته اها بنا ڪنهن حمايت جي هڪ سيٽ تي ته نه ٿي ملي سگهي.
خير ڪالم جي شروعات ۾ چوڌري نثار علي خان جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته چوڌري نثار علي خان جي مسلم ليگ نواز کي ڇڏڻ بعد ن ليگ ۾ جيڪي اڳواڻ سگهارين ڌرين سان ويجهڙائي رکڻ طور ذڪر هيٺ ايندا رهيا آهن انهن ۾ قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق جو نالو به نمايان طور ورتو ويندو رهيو آهي، جي هي اهو ئي سردار اياز صادق آهي جيڪو قومي اسيمبلي ۾ ڏنل بيان بعد نه رڳو ڀارتي ميڊيا جي هيڊ لائنز جو مرڪز بڻيل هيو پر ان جي بيان بابت پاڪ فوج جي ترجمان به پريس ڪانفرنس ڪئي آهي نه رڳو ايترو پر وزيراعظم عمران خان هجي يا سڌ سماءَ جو وفاقي وزير شبلي فراز هجي، مواصلات جو وفاقي وزير مراد سعيد هجي يا وفاقي وزير فواد چوڌري هفتي کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود هر روز ان بيان جي بنياد تي تقريرون، پريس ڪانفرنسون توڙي بيان ڏئي ان مامري کي تازو رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ سان گڏ سردار اياز صادق خلاف ڪارراوئي جون به ڳالهيون ڪندا رهن ٿا نه رڳو ايترو پر وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي اي پي سي ۽ ان بعد گجرانوالا، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي جلسن بعد مسلسل مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم کي ڀارتي ايجنڊا تي هلندڙ قرار ڏئي رهي آهي.
جڏهن وزيراعظم سوڌو وفاقي وزير روز مخالف ڌر کي ڀارتي ايجنڊا تي هلندڙ قرار ڏين ٿا ته ظاهر آهي ڀارت ۾ انتهاپسند حڪمران پارٽي بي جي پي انهن بيانن کي به پنهنجي سياسي فائدي لاءِ ايئن ئي استعمال ڪندي، ميڊيا ۾ هاءِ لائيٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي هوندي، جيئن ڀارتي ميڊيا اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيانن تي هل ۽ هنگامو برپا ڪيو، ڏسجي ته حڪومتي بيان هجي يا مخالف ڌر جي اڳواڻن جا بيان انهن سان ڀارت ۾ انتهاپسند حڪمران پارٽي بي جي پي جي مودي سرڪار کي پنهنجي بلي بلي ڪرائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، ظاهر آهي جنهن ڀارت ۾ هر چونڊ ۾ پاڪستان دشمني جي بنيادن کي عوام ۾ آڻي ووٽ ورتا وڃن ٿا، ان ڀارت ۾ جيڪي سيڪيولر پارٽيون هونديون ان لاءِ مودي جي بلي بلي واري پيدا ٿيندڙ صورتحال پريشان ڪندڙ هوندي. انهن ڳالهين کي ڇڏي اچون ٿا سردار اياز صادق جي قومي اسيمبلي ۾ ڏنل بيان تي جنهن بابت پاڪ فوج جي ترجمان به پريس ڪانفرنس ڪئي.
جڏهن قومي اسيمبلي ۾ سردار اياز صادق بيان ڏنو تڏهن مان اتي موجود هيس، ان عمران خان جي پارليامينٽ ۾ موجود هجڻ باوجود اڀي نندن جي گرفتاري بابت ٿيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اياز صادق آرمي چيف جي ان اجلاس ۾رڳو شرڪت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي لاءِ اهو چيو ته “اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن اڀي نندن کي آزاد نه ڪيو ته ڀارت رات جو حملو ڪندو”. ان بيان کي ڀارتي ميڊيا پاران ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو مقصد ته سمجهه ۾ اچي رهيو آهي پر ان بيان جنهن جي يوٽيوب سوڌو سرڪار وٽ رڪارڊنگ موجود آهي، کي حڪومت پاران پاڪ فوج خلاف قرار ڏيڻ جي ڳالهه انتهائي اهم آهي ۽ ان بيان بعد سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز، مراد سعيد ڀارتي ٽي وي چينلن تي هليل خبرن ۽ تبصرن جا وڊيو ڪلپس به لائيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريا جيڪي پاڪستان جي ميڊيا نشر ڪيا، ايئن ملڪ جي عوام جنهن ڀارتي ٽي وي چينلن تي پاڪستان ۽ فوج خلاف بيان نه ٻڌا ۽ ڏٺا انهن به ڏسي ورتا، انهن مان ڀارتي ميڊيا تي نشر ٿيل ڪجهه اهڙيون وڊيو ڪلپس به هيون جن کي ملڪي ميڊيا ڪڏهن به نشر نه ڪيو آهي نه ئي ان ۾ اهي نشر ڪرڻ جي سگهه آهي، پر وزيرن جي سڌي پريس ڪانفرنس ۾ اهي وڊيو ڪلپس نشر ٿي ويون نه رڳو ايترو پر وفاقي حڪومت مسلسل اياز صادق ۽ نواز شريف جي بيانن کي ميڊيا ۾ زندهه رکڻ جو جتن ڪندي نظر اچي رهي آهي.
سوال هي آهي ته حڪومت مخالف ڌر ۽ سگهارين ڌرين وچ ۾ اختلافن کي زندهه ڇو رکڻ گهرجي ٿي؟ سوال هي آهي ته جيڪڏهن سردار اياز صادق جي بيان کي رياست خلاف سمجهي وفاقي حڪومت هر صورت ۾ ڪارروائي جو سوچي رهي آهي ته پوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي اهڙ رد عمل ڇو سامهون نه اچي رهيو آهي؟ ڏسجي ته مخالف ڌر خلاف مسلسل سخت بيان ڏيڻ ۽ مخالف ڌر کي هر فورم تي تنقيد جو نشانو بنائڻ جي وزير اعظم جي بار بار هدايتن سان ملڪ ۾ جيڪي اصل مسئلا مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ واڌ سان گڏ حڪومتي ناڪامين تي ميڊيا ۾ بحث پسمنظر ۾ هليو ويو آهي. ظاهر آهي ته ان سان حڪومتي ناڪاميون لڪائڻ جي حوالي سان حڪومت کي فائدو ٿي رهيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جيترو مخالف ڌر کي ڪيئن منهن ڏجي واري سوال تي غور ٿي رهيو آهي، ايئن جيڪڏهن حڪومت کنڊ، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ، پيٽرول دوائن جي هن حڪومت ۾ سامهون آيل اسڪينڊلن تي غور ڪري ته انهن جا نه رڳو سبب کيس معلوم ٿي سگهن ٿا پر انهن جو موثر حل به نڪري سگهي ٿو، پر وفاقي حڪومت مهانگائي ۾ اضافي، ڪڻڪ، کنڊ، دوائن جي قيمتن سان گڏ گردشي قرضن ۾ واڌ جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر سان محاذ آرائي کي هٿي ڏيڻ جي حڪمت عمليون ٺاهڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي. ظاهر آهي ته ان سان عام ماڻهن کي ته فائدو ڪو نه ٿيندو ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، نه رڳو ايترو جيئن وفاقي حڪومت مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ جا مشورا ڏئي رهي آهي ۽ جيئن مسلم ليگ نواز جي خاص طور تي پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبرن سان پنجاب جو وڏو وزير ۽ ٻيون شخصيتون ملاقاتون ڪري رهيون آهن وفاقي حڪومت ۽ ان جي همدردن کي جيڪڏهن مسلم ليگ نواز ۾ ڏار وجهڻ ۾ ڪاميابي ملي ته اها ڪاميابي حڪومت لاءِ ڏچو بڻجندي نظر اچي رهي آهي،
ڇو ته جيڪڏهن ن ليگ جي قومي توڙي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۾ وڏي پيماني تي ٽوڙ ڦوڙ ٿي وڃي ٿي ته مسلم ليگ نواز لاءِ اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ آسان ٿي ويندو، جيڪڏهن مخالف ڌر اهڙي صورتحال ۾ اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي ڇڏي ٿي ته عمران خان سرڪار ڀلي ڇا به چوي پر انهن سيٽن تي ضمني چونڊ ڪرائڻ نه رڳو آسان نه هوندو پر ڪنهن حد تائين اهو عمل ناممڪن محسوس ٿي رهيو آهي، ظاهر آهي قومي اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي مان اڌ، سنڌ اسيمبلي مان اڌ کان وڌيڪ، بلوچستان ۽ ڪي پي صوبي ۾ 40 سيڪڙو تائين سيٽون خالي ٿي وڃڻ بعد حڪومتي وهنوار معمول موجب هلائڻ ممڪن نه هوندو، ان ڪري حڪمران جماعت کي ن ليگ توڙي پ پ پ ۾ ميمبرن جي ٽوڙ ڦوڙ واري آپشن کي استعمال ئي نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو عمل مخالف ڌر کي اسيمبلين مان استعيفائن ڏيڻ واروآخري آپشن استعمال ڪرڻ لاءِ جلدي اڪسائي سگهي ٿو ۽ جڏهن اهو آپشن مخالف ڌر استعمال ڪيو ته پوءِ شايد حڪومت کي محسوس ٿئي ته ناداني ۾ انهن پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي، نه رڳو ايترو پر ملڪ اندر سياسي حالتون به ڳنڀير آهن، موجوده صورتحال ۾ جيئن افواهه هلي رهيا آهن ته مريم نواز شريف گرفتار ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ميان نواز شريف لنڊن ۾ ويهي اڃان جارحاڻي پاليسي اختيار ڪري سگهي ٿو، نه رڳو ايترو پر ان جو پنجاب ۾ به سخت رد عمل اچي سگهي ٿو، مطلب ته ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ واري موجوده صورتحال ڪنهن وقت ڪهڙو رخ اختيار ڪري وٺندي بابت ڪو ڪجهه نه ٿو چئي سگهي، ماضي ۾ ٻه ڀيرا ميان نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ به ايئن سياسي ڇڪتاڻ عروج تي هئي جيڪا ڇڪتاڻ ٻه ڀيرا انهن جي حڪومتن جي نه رڳو خاتمي جو سبب ٿي پر حڪومتن جي خاتمي بعد کين معلوم ٿيو ته اهو ماحول جوڙيو ئي انهن جي حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ ويو هو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *