تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سڱ چٽي جا فيصلا ڪندڙ ڪڏهن پڪڙ ۾ ايندا !؟

ڪيڏي نه اذيتناڪ ۽ حيرت کان به مٿانهين صورتحال آهي، جڏهن دنيا ٻين سيارن تي زندگي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي تڏهن سڀاڳي سنڌ ۾ آبادي جي اڌ حصي کي زندگي پنهنجي مرضي سان جيئڻ ته ٺهيو پر جيئرو رهڻ جو حق به ناهي ۽ ان جي زندگي کي جيڏي مهل ڪير به چاهي ختم ڪري سگهي ٿو ان کي چيهاڙي سگهي ٿو، لتاڙي سگهي ٿو، ڪهاڙين مان ڪڍي سگهي ٿو ،کيس انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ڄڻ هو ڪا ملڪيت هجن جنهن کي مالڪ پنهنجي مرضي سان کائي کپائي وڪرو ڪري زيان ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي عورت ايڪيهين صدي ۾ به پٿر واري دور کان به بدتر زندگي گذاري رهي آهي،زندگي گذارڻ ته ڇا بس ساهه کڻي رهي آهي جنهن تي به ٻين جو ڪنٽرول آهي. انهي ظلم کان عورتون ته عورتون معصوم ٻارڙيون به محفوظ ناهن ڇا ڪو به معاشرو عورتن سان اهڙي ظلم تي ڪنهن به ريت مهذب معاشرو سڏرائي سگهي ٿو ؟
روز ظلم جون نيون خبرون، نوان طريقا سامهون اچن ٿا،ڪڏهن عورت بندوقن جي منهن ۾ آهي ته ڪڏهن عورتن جا ڪنڌ ڪهاڙيون ڪپي رهيون آهن، ڪڏهن سندن وار ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ته ڪڏهن ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري بنا غسل ڪفن جي پوريو وڃي ٿو،ڪڏهن مڙس کي ماني دير سان ڏيڻ تي ان جا هڏ گڏ ڀڳا وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪو لوفر پنهنجي خواهش پوري نه ٿيڻ تي کيس تيزاب سان ساڙڻ جهڙو ڪڌو ڏوهه ڪري ٿو. ظلم ۽ تشدد جا طريقا مختلف آهن ظلم ڪندڙن جا چهرا الڳ الڳ آهن،ظلم لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار جدا آهن، بس ساڳي آهي ته اها عورت ئي آهي جيڪا اهو سڀڪجهه ڀوڳي ٿي پر نه قانون حرڪت ۾ اچي ٿو ، نه سماج جي هينئن ۾ هٿ پون ٿا نه ئي ڪنهن جو ضمير جاڳي ٿو، جيڪو انهي تشدد ظلم خلاف بغاوت ڪري، انهي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.هر واقعي تي ڪجهه مهذب ماڻهو رڙيون ڪن ٿا ڪجهه پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ دانهون ڪن ٿا ڪجهه سڄاڻ عورتون پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين ۽ ظلم ختم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙين ٿيون پر جيئن جيئن ڏينهن گذرن ٿا نه اهي ڏوهه ٿا گهٽجن نه ئي عورت جي زندگي ۾ ڪو سڌارو ٿو اچي . ظلم جو شڪار به عورت ٿئي ته وري انهي ڏنڊ ۽ ڏوهه ۾ به عورت کي ئي ڏنو وڃي ٿو. ڪالهوڪي ئي اخبار ۾ ٻه اهڙيون خبرون ڇپيل آهن جن کي پڙهي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ٿو وڃي، پر اسان جي معاشري ۾ ڄڻ اهو معمول جو حصو آهي، انهي کانسواءِ اسان جي معاشري جو ڪاروهنوار اڌورو آهي. مبارڪپور ۽ گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻه الڳ الڳ جرڳا ٿيا آهن جن مان مبارڪپور واري جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر تي هڪ سڱ ۽ 20 لک رپين جي چٽي وڌي وئي آهي جڏهن ته گهوٽڪي واري جرڳي ۾ 2 سڱ ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي ۽ انهن ٻنهي جرڳن ۾ جيڪي سڱ چٽي ۾ ٻارڙيون ڏنيون ويون آهن انهن کي ته اڃان اها به سمجهه ناهي ته ڪا دنيا به ٿيندي آهي ڪا دنيا داري به هوندي آهي هو ته پنهنجي والدين جي هنج کي ئي دنيا سمجهي کلنديون ،ڪڏنديون ۽ جيئنديون هونديون کين خبر ئي ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سندن لاءِ ڪهڙي جهنم تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ کين اڻ ڪيل ڏوهه ۾ سڄي عمر سڙڻو آهي ۽ ڀوڳڻو آهي.
خبر ناهي ڇو هن ملڪ ۽ صوبي جي اعليٰ عدالتن جي فيصلي تحت جرڳن تي پابندي باوجود ۽ خاص ڪري سڱ چٽي جهڙن فيصلن تي پابندي باوجود اهڙا جرڳا ٿين ٿا پر پوءِ به اهي طاقتور ڌريون پڪڙ ۾ نه ٿيون اچن ۽ روز اهڙا فيصلا ٿي به رهيا آهن ته انهن تي عمل به ٿي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهڙا جرڳا قانون ۽ حڪومتي رٽ لاءِ چئلينج آهن ڇو قانون تي عمل ڪرائڻ جا ادارا حرڪت ۾ نه ٿا اچن حڪومت ڇو انهن جرڳن تي اکيون ۽ ڪن بند ڪري ستي پئي آهي. تنهن ڪري اهڙا جرڳا ڪندڙ ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *