تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

شاعري باغ هوندي آهي- 06

نئين سال جي خوشيءَ ۾ شاعر احمد شاڪر فريد آباد مان جوهر بروهيءَ مان جان ڇڏائي، ميهڙ مئون مائو ۽ ميندي دڪان تان کنڌي تي وٺي ڪري، موڪلڻ بدران ٻه ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليا. مينهن جي هلڪي جهڙڦڙ ۾، ڪڪرن جي ڇانو ۾، سيءَ ۾ ڏند کڙڪائيندي ٽپاليءَ منهنجي گهر جو در کڙڪايو، ڪتابن جو پئڪيٽ ڏئي، ٺٺ ڪرائي ڇڏيائين. سَوڙ ۾ ويڙهجي سيڙهجي ڪتاب پڙهڻ جو مزو اهڙو آهي جو هٽُ پري.
هڪ ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر وفا ناٿن شاهيءَ جي غزلن جو غُنچو ”آيو جهول ڀري“ هو. وفا ناٿن شاهي ڍورن جي کاتي ۾ رهي، مينهن، ٻڪري، رڍ، ڳئون، گهوڙي ۽ گڏهه کي دوائون ڏئي، واندو ٿيندو هو ته ڌرتي، ماڻهن جي ڏکن ۽ پرينءَ جي پُورن جي پچار شعر لکي ڪندو هو. هو غزل جو منفرد شاعر هو.
ڀيليو ڇوٿا گاهه ته ناهيان،
نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.
هن جو اصل نالو ڪهاڻيڪارن مشتاق احمد شوري، مشتاق ڪاملاڻي، شاعر مشتاق بخاري، اداڪار مشتاق چنگيزي ۽ منهنجي شهر واسي، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم ۾ گڏ رهندڙ، هاڻوڪي پوليس جي بالا عملدار مشتاق احمد مهر جهڙو مشتاق احمد هو. قريشي قبيلي جو هو، ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا پنجابي هيس. هو سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ گوزو ۾ ڄائو، سنڌ سان جند جڙي ويس، ٻيا سڀ نعرا وسري ويس. شاعري ڪيائين، زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن گذاري ويو. جيڪو ماڻهو ڄمندو آهي، سو ئي مرندو آهي، شاعر ۽ ليکڪ جي مرڻ سان لائبريري سڙي ويندي آهي. وفا کي ففٽي اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ترت ئي ايمپائر آڱر مٿي ڪري آئوٽ ڪيو. پونئيرن پورڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ڳوٺ گوزو بدران ڪراچيءَ جي قبرستان جي گور ۾ آهي، ڪچي قبر مٿان ڪتبو لڳل نه هوندو آهي.
وفا پنهنجي شاعري وڏن رجسٽرن تي لکندو هو، موت کان اڳ هن ڪجهه رجسٽر پنهنجي ڳوٺائي، دل گهرئي دوست ۽ شاعر ذوالفقار گاڏهي ۽ ٻه رجسٽر حيدرآباد ۾ گڏ گهمندڙ شاعر سنگتي زبير سومرو کي ڏنا هيا. زبير سومري هڪ رجسٽر سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو. انهن ”اوجاڳن جو انت“، شاعريءَ جو مجموعو ڇپايو. هن ٻيو شاعريءَ جو ڳٽڪو، ڪويتا پبليڪيشن جي سرواڻ موهن مدهوش جي حوالي ڪيو آهي. مدهوش جون جڏهن اکيون کلن، هوش ۾ اچي ته ”حديثِ وطن“ ڇپائي. وفا جي يار دلدار ذوالفقار گاڏهي مڙسي ڪري، سڀيتا پبليڪيشن ميهڙ پاران سٺو سهڻو ڪري ”آيل جهول ڀري“ ڇپرائي، کيپ کٽي آهي. جس لهي، وفا ناٿن شاهيءَ جا هن ڪتاب ۾ هڙئي غزل آهن، ٺيڪ ٺاڪ آهن. صفحي 62 تي، هڪ غزل جي بند مٿان مون پيراٽوءَ وانگر کارو رکي ڇڏيو، مون اکين مان ڪجل چورائيندڙ کي به سڳ سوڌو سوگهو ڪيو هو.
هٿ بند کڻي آهن،
اکين ۾ ته دم آهي.
مرزا اسد الله غالب اردو ٻوليءَ جو مڃيل ۽ هاڪ وارو شاعر آهي، هن لاءِ هندستان جي هڪ ڏاهي جملو چيو هو، ”هندوستان ۾ ٻه مقدس ڪتاب آهن، هڪ گيتا، ٻيو ديوان غالب.“ شاعر به انسان هوندو آهي، ڏک سک، خوبيون خاميون، مالي مسئلا، ماين ۽ ڇوڪرن سان جنسي لاڳاپا، نشا پتا، جوئا ۽ اڻ وڻندڙ ڳالهيون انسان هئڻ ڪري شاعرن ۽ ليکڪن سان به لاڳو هونديون آهن، انهن شين کان فرشتا ۽ ابليس ئي آجا هوندا آهن.
مرزا غالب مڌ پياڪ هو، سڄو موکيءَ وارو مٽ خالي ڪري ويندو هو. جوئاري به هو، ماين پويان به هوندو هو. پيٽ گذر لاءِ نوابن جون حاضريون ڀريندو هو، وظيفي جي ڏوڪڙن لاءِ انگريز جي شان ۾ قصيدا ايئن پڙهندو هو، جيئن اسان جا ڪجهه سنڌي شاعر ۽ اديب ماستريءَ مان پلوَ آجا ڪرائي، ٻوليءَ جا چيئرمين يا سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيڻ لاءِ ثقافت جي شاعر وزير ۽ نقاد سيڪريٽري جي شان ۾ پڙهندا آهن.
مرزا غالب جي زندگيءَ تي هندستاني اردو ليکڪ قاضي عبدالستار ”غالب“ نالي سان ناول لکيو آهي. ماضيءَ ۾ پاڪستان ۾ ”مرزا غالب“ نالي فلم ٺهي چڪي آهي.
پنجاب جي ضلعي جهلم جي ننڍڙي ڳوٺ دينا ۾ اکيون کوليندڙ سک ٻار سمپورن سنگهه ورهاڱي ۾ هندستان ويو. گئراج ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرو اڳتي هلي ناميارو فلم ڊائريڪٽر، شاعر ۽ فڪشن رائيٽر ٿيو ته گلزار بڻجي ويو. گلزار جي ڏسڻ جي پنهنجي منفرد اک آهي. هن مرزا غالب تي ڏاڍي سٺي ڊراما سيريل لکي ۽ ٺاهي آهي. مرزا غالب تي هزارين مضمون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا آهن، برصغير جي کوڙ ڳائڻن ۽ ڳائڻين هن جا کوڙ غزل ڳايا آهن.
وفا جي غزل جي بند مٿان رکيل کارو کڻبو ته پيرَ وڃي مرزا غالب جي گهر وٽ کٽن ٿا.
”گو هاٿ مين جنبش نهين، آنکون ۾ تو دم هي.“
ضلعي لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي ۾ مور جي کنڀ جيترو ڳوٺ ڳيريلو آهي. ڳوٺ مان ڳيرا اڏامي ويا، شاعره روبينا ابڙو لڏي وئي، وڻ اداس آهن، روبينا جي اباڻي گهر جو اڱڻ نراس آهي. روبينا ٺيڪ ٺاڪ شاعره آهي، هن کي شهرت، نام نهاد مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي جي آتم ڪهاڻي کان ملي، جنهن شاعره کي لويو ۽ اڇي لٽي تي داغ هڻي، پاڻ کي ڏٺو ڪيو. بيماريءَ جي بستري تان قبر ڏي ويندي ويندي پنهنجي آڪ پت ٻوڙي ويو.
ڳيريلي جو ڳنوار حبدار سولنگي پنهنجي ٽهيءَ جو سٺو شاعر آهي، پڙهاڪو به سٺو آهي. احمد شاڪر جي ٻي سوکڙي ڪتاب ”دک جا ننڊاکا پاڇا“ آهي. نثري نظمن جي ان ڪتاب کي حبدار سولنگي سهيڙيو آهي. مهاڳ ۾ اٿندي ئي مون مٿان جُلهه ڪئي اٿائين. ڪالهه جڏهن مان هن جي اک جو تارو هيم ته نثري نظم جو وڏو شاعر هيم، ان جو ثبوت هن جو سوجهرو ۾ ڇپيل هڪ خط آهي. سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ مان هاڻي هن جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهيان، ته منهنجي نظمن کي لفظن سان جنسي ڏاڍائي قرار ڏئي ٿو. حوالي طور منهنجو نظم ”ماريا شيرا پوا بابت هڪ نظم“ ڏنو اٿائين. اهو نظم شديد احساسن جو وڏو برجستو اظهار آهي. چوندا آهن گندو ٻار گندا خيال، جنسي مايوسين ۾ وڪوڙيل ماڻهو مولانا اشرف علي ٿانويءَ جي ڪتاب بهشتي زيور ۾ جنس ڳولي وٺندو آهي، چُوپڻي جي اشتهار ۾ چڍي پاتل ٻار به اگهاڙو نظر ايندو آهي.
شاعر ۽ ڪالمسٽ اعجاز منگي نوي جي ڏهاڪي ۾ ”پرک“ نالي پهريون ۽ آخري سٺو ادبي رسالو ڪڍيو هو. شيخ اياز جو تمام سٺو انٽرويو هو، ان پرچي ۾ شاعر ذلفي جو نثري نظم هو، ”مان رقاصه جي پير جو زخم آهيان“، ناميارو ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو ذلفي نالي سان لکندو هو. ڪتاب جي مرتب ساڳيو نظم ”ترسو“ جي عنوان سان صفحي نمبر 87 تي حسن مجتبيٰ جي نالي سان ڇپيو آهي، اصل شاعر ڪير آهي؟ بال ڪورٽ ۾ آهي.
اهو ڏينهن پري ناهي جو مٿئين سال حبدار حب مان بيتن جو ڪتاب سهيڙي ڇپائيندو، ان ۾ ڀٽائي صاحب جا بيت سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي نالي سان ڇپيل هوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *