تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

شال مينهن به خير جا وسن

سنڌ ۾ صدين کان آسمان تي بادل ڏسڻ کانپوءِ گهر جا وڏڙا هميشه هڪڙو ئي جملو چوندا رهيا آهن ته “شال مينهن به خير جا وسن” اهڙي ريت وري درسي ڪتابن ۾ به کوڙ بيتن سان گڏ اهو بيت به پڙهندا هئاسين ته “ الا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي” سرائيڪي جي ڪنهن شاعر به اهڙي ريت چيو آهي ته “جيڪا واڇڙ ڇڄا ڇني اهڙي برسات نه گهرجي.” هي ۽ اهڙيون کوڙ چوڻيون ان ڳالهه طرف اشارو ڪن ٿيون ته مينهن رڳو رحمت نه پر زحمت به بڻجي سگهن ٿا. هن وقت جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان ته ان وقت سنڌ جي اڀ مٿان بادل ڇانيل آهن، وسڪارا آهن، ڦڙ ڦڙ جاري آهي، سرڪار ۽ ان جا وزير، ڪامورا ڪراچي جي گجر نالي جي صفائين ۾ مصروف آهن، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ناري جي پٽن تان سماجي ويب سائٽن ذريعي خوشي جون هوائون نظر اچن ٿيون. شهري علائقن ۾ ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته واپڊا وارن بادل ڏسي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي کڻي ايئن چئجي ته مينهوڳي جي هن مند ۾ سنڌ اندر ڪٿان خوشي ته وري ڪٿان پريشاني ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته
“جهڙ ڦڙ جي جهونگار لاڙائونءَ جي لونءِ ۾
وس وس منهنجا يار، آيا وسڻ ڏينهڙا”
اهڙي ريت لطيف سائين چيو آهي ته
“ اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا”
مون کي ياد ٿو اچي ته مينهن جي ان مند ۾ سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن تان اڪثر استاد محمد جمن جي آواز ۾ اهو گيت هلندو هو ته
“ماروئڙن جي ملڪ مٿي، رات به مينهڙا وٺا
رات به مينهڙا وٺا، کنوڻين کيل ڪيا”
هي اهڙي مند آهي جيڪا سنڌ جي چئني ڪنڊن کي هڪجهڙو اداس ڪري ڇڏيندي آهي، هڪ جهڙيون خوشيون ڏيندي آهي ۽ هڪ جهڙا ڏک به ڏيندي آهي جتي مٺيءَ جي گاڏي واري لڪ تي بيهي ڪو ٿري ڏڪار سبب لڏي ويل پنهنجي پيار جي موٽي اچڻ تي بادلن کي ڏسي چوندو آهي ته
“ مينهن ميڙيا سپرين” اتي جنگشاهي جي جبل تي اتان جو ماڻهو اهو گيت ڳائيندو آهي ته
“جبل مٿي جهڙ او جاني، مند ڏسي تون مڙ او جاني”
مون پليجي صاحب جي جيل ڊائري ڪوٽ لکپت جي قيدي ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته پليجي صاحب لکيو ته سڄي قيد دوران هڪ ڀيرو آڌي رات جو برسات ڏسي هن کي جنگشاهي جا جبل ياد آيا هئا ۽ پليجي صاحب ان جي هيٺان هڪ شعر لکيو هو جيڪو مون کي اڄ به ياد آهي
“جهوري ويون جهڙاليون الا
شل باهه لڳي برساتن کي
ماڻهو مرڪن موتيي گل جيئن
مکڙا تن جا ڪيسون ڦل جيئن
پنهنجون اکڙيون آليون الا
شل باهه لڳي برساتن کي”.
هي ته آهن مينهن جي مند ۾ دل جي دنيا جون ڳالهيون پر برسات جي مند ۾ ڌرتي به نوان ويس پائيندي آهي، ٿر ڪاڇو خوشحال ٿيندو آهي، سنڌ جا سامونڊي ڪنارا مرڪندا آهن ۽ وچولي جي ٺوٺ زمين سر سبز ٿيندي آهي پر هي سڀ شيون تڏهن ڏکن يا تڪليفن جا ويس پائينديون آهن جڏهن بد انتظامي سبب هي برساتون رحمت بدران زحمت بڻجنديون آهن گٽر نالا اٿلي گهرن ۾ پوندا آهن، واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳندا آهن، ڍنڍون، ڍورا اٿلي ڳوٺن جاڳوٺ ٻوڙيندا آهن بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرن ۽ ڳوٺن کي اونداهي جي لپيٽ ۾ آڻيندي آهي. برسات جي اها تباهي خوشحالي بدران ايتريون ته مصيبتون ۽ تڪليفون کڻي ايندي آهي جو ماڻهو هن قدرتي رحمت مان فائدو وٺڻ بدران وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. اسان وٽ سرڪاري ادارن جي حالت اها آهي جو سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل وزير هن مينهوڳي جي مند ۾ سڄي سنڌ جي سار لهڻ بدران ڪراچي جي گجر نالي جي هڪڙي ڪنڊ کان نڪري اورنگي نالي جي ٻئي ڪنڊ تائين پهچي 50 کن پريس ڪانفرنسون ڪري، مخالفن کي من ڀري گاريون ڏيڻ بعد موٽي اچي بنگلن ۾ سمهي پوندا آهن. ورهيه ٿيا آهن اها خبر ٻڌڻ لاءِ ڪن سڪي ويا آهن ته مڪاني ادارن وارو وزير مينهن جي مد ۾ واهي پانڌي کان وٺي اوٻاوڙي تائين، ڪيٽي بندر کان وٺي چونڊڪو تائين دورا ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ سرڪار جا صوبائي وزير ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ملير ۽ لياري سميت سنڌين ۽ بلوچن جي ڳوٺن ۾ وڃي اهو ناهن ڏسندا ته اهي به هن ملڪ جا شهري آهن، اهي برسات ۾ ٻڏا يا بچيا آهن. اها سٺي ڳالهه آهي ته برسات جي پهرين وسڪاري کانپوءِ هن هلندڙ وسڪاري جي هڪ ڏينهن اڳ وڏي وزير حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ اجلاس ڪيا آهن پر مڪاني کاتي وارو وزير اهڙي صورتحال ۾ به گجر نالي جو ڪنارو ڇڏي سنڌ جي ٻين ضلعن ڏانهن نه ويو آهي. سنڌ اندر مڪاني ادارن جو نظام شهرن جي صفائي سٿرائي ته نه ٿو ڪري سگهي پر هنن هنگامي حالتن ۾ به هن کاتي جا آفيسر تفريح جي ماڳن تي نڪري ويندا آهن ۽ ماڻهو پاڻ ٿانو ٺڪر کڻي گهرن مان گٽرن جو پاڻي ڪڍي وقت گذاريندا آهن. اسان وٽ وفاقي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي سان گڏوگڏ صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي به آهي پر اها ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ويهاڻو ڪنڌ هيٺان ڏئي سالن کان آرامي آهي. سنڌ ۾ ٻوڏون اچن، طوفان اچن، زلزلا اچن يا قهري ڏڪار ۾ ٻار مائرن جي جهولين ۾ تڙپي تڙپي دم ڏين پر هي کاتو ڪٿي به نظر ناهي ايندو. هنن ڏينهن ۾ به لڳي ايئن پيو ته وڏي وزير اڪيلي کي گٽر نالن جي ڪنارن تي بيهي آفيسرن کي هدايتون ڏيڻيون پونديون ته صفائي ڪيو باقي ادارا ۽ ٻيون سرڪاري مشينريون ايئن بادل ڏسي گم ٿيو وڃن جيئن ٻهراڙين ۾ واپڊا وارا بادل ڏسي بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن. سنڌ ۾ هن وقت جيڪا برسات آهي ان کي مقامي ٻولي ۾ ڪاڇي برسات سڏيندا آهن، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته
“ڪاڇي ۽ ڪانئر ، ٻئي هڪڙا،
ڪاڇي وسي نه، جي وسي ته ٻوڙي
ڪانئر هڻي نه، جي هڻي ته ماري”.
انڪري هيءَ برسات لوڪ ڏاهپ سان گڏوگڏ موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب تيز برسات آهي انڪري هن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته برسات سان تباهي نه ايندي پر اهڙي صورتحال ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اها ذميواري ٿي بڻجي ته ماڻهن جو گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي، هتي هڪڙي ٻئي ڳالهه به لکڻ لازمي ٿو سمجهان ته سنڌ جو آبپاشي وارو کاتو پاڻي جي ضرورت وارن ڏينهن ۾ پنهنجو سمورو زور هٿرادو وارابندي ڪري فصل سڪائڻ تي ڏيندو آهي ۽ ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ وري هن کاتي جا آفيسر واهن ۽ شاخن جا در مٿي کڻي ٻانهن سيراندي ڏئي سمهي رهندا آهن انڪري هن برساتن دوران جتي مڪاني ادارن واري کاتي مٿان ذميواري فرض ٿي بڻجي اتي آبپاشي کاتي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شاخن ۽ واهن تي لڳندڙ گهارا رڳو ڳوٺ ناهن ٻوڙيندا پر سڄي سال جو پورهيو ڪري پوکيل فصل به ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن ان ڪري سنڌ سرڪار کي هنن برساتن دوران رڳو ڪورونا کان بچاءُ واريون صلاحون ڏيڻ بدران عملي طور اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن هي مينهن ماڻهن کي ٻوڙي ۽ لوڙهي نه وڃن.

Bookmark the permalink.

2 Responses to شال مينهن به خير جا وسن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *