Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dut60nbc1lcnrk0d2mlo5dk6p7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
شاه لطيف جي شاعري جا محرڪ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar شاه لطيف جي شاعري جا محرڪ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

شاه لطيف جي شاعري جا محرڪ

سنڌ جي عالمي پائي جي مفڪر، شاعر ۽ موسيقار شاھه عبد اللطيف ڀٽائي جن جي هجري سال موجب 277 هين ورسي ڀٽ شاهه ۾ ملهائي پئي وڃي. شاهه صاحب جن جنوري 1752ع عيسوي سن ۾ 63 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن مضمون جو مقصد ان وقت سنڌ ۽ ان جي پسگردائي جي حالتن جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ آهي جيئن شاهه سائين جي شاعري جي پسمنظر کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. شاهه سائين جن نومبر 1689ع ۾ پيدا ٿيا. ان ئي سال لنڊن ۾ باهه لڳڻ سبب شهر سڙي ويو ۽ دنيا جي پهرين انشورنس ڪمپني Lloyd’s of London جو بنياد پيو. ساڳئي سال ٺٽي ۾ ڪپڙي جي هزارين آڏاڻن تي ڪم ڪندڙ سوين ڪوري ٻي عالمي پليگ وگهي مارجي چڪا هئا. اها وبا ڪيئي سال پهريائين چين مان شروع ٿي هئي ۽ واپارين هٿان شاهراهه ريشم وسيلي سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وئي هئي.وبا جي باوجود انڊيا ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ئي سال اورنگزيب 1,000 مندر مڪمل طور ڊهرائي ڇڏيا. اهو دور مذهبي انا، هٺ ۽ فساد جو دور هو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي حڪمران ماڻهو کي فتويٰ ڏئي مارائي ڇڏيندا هئا.
هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
شاهه سائين جن جي زندگي جو دور يورپ ۾ سجاڳي، سائنس جي ترقي ۽ ايجادن جو دور هو ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪمراني جو دور هو جيڪي شروع ۾ مغلن جو ڏن ڀريندا هئا، سندن پاليسين تي هلندا هئا ۽ سرڪاري ٻولي فارسي هئي.
جي تو سکي فارسي ، تون گولو توءِ غلام،
اڃيو ته آب گهري، بکيو تان طعام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهين، سو ڪيئن چاءِ چام،
عامن سندو عام خاصن منجهه نه ٿئي.
البته سندن چڱائين ۾ سنڌ جي زراعت، آبپاشي ۽ محدود پئماني تي جنگي فن جي ترقي شامل هئي. شاهه سائين جنجي ولادت جي ٽن سالن بعد ميان شاهل محمد جو ڀائٽيو ميان نصيرالدين جيڪو لاهور توڙي ملتان ۾ جلاوطن رهيو ۽ دهلي ۾ اورنگزيب جي قيد ۾ به رهيو سو جنگ وڙهندي شهيد ٿيو.
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار
مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين
سندس پٽ ميان دين محمد جنگ جاري رکي پر اورنگزيب جي ملتان ۾ گورنر مغيزالدين جي ڌوڪي ۾ اچي جڏهن هو ٻن ساٿين سان گڏجي وٽس پهتو، جنهن قرآن شريف تي عهد ڪري کيس ملتان گهرايو هو پر واعدي جي برخلاف هن دغا ڪري کيس سندس ٻن ساٿين سميت ملتان جيل ۾ قيد ڪري مارائي ڇڏيو.
اي پر نه ايمان جو ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان اندر آزر آهين
ايئن ميان آدم محمد، ميان شاهل محمد، ميان نصير محمد کانپوءِ ميان دين محمد شهيد ٿيا.سندس ڀاءُ ميان يارمحمد ڪلهوڙي مغيزالدين کي شڪست ڏني. 1707ع ۾ جڏهن شاهه سائين 18 سالن جو ٿيو تڏهن انڊيا ۾ مغل بادشاهه اورنگزيب وفات ڪري چڪو هو ۽ مغلن جي عالمگيريت جو سج جهڪو ٿي چڪو هو. 1708ع ۾ سکن جو ڪتاب گرو گرنٿ صاحب اچي چڪو هو جنهن مسلمانن۽ هندن وچ ۾ رواداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنگم جي ڳالهه ڪئي جنهنکي سک ازم سڏڻ لڳا. پورچوگيز، ڊچ ۽ فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي خاتمي بعد انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي عروج تي پهچي چڪي هئي.1717ع ۾ جڏهن هو 28 سالن جو ٿيو تڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي ۾ پنهنجو پهريون سامونڊي بندر قائم ڪري چڪي هئي ۽ سندس پير بنگال کانپوءِ دهلي، گجرات، ڀوڄ، سنڌ، پنجاب ڏانهن ۽ منزل افغانستان هئي. 4 سالن بعد مدراس ۾ سامونڊي طوفان سبب هزارين ماڻهو مري ويا هئا. ماڻهو عام جام چوڻ لڳا هئا ته مغلن جو راڄ هاڻي دهلي کان پالم تائين ئي بچيو آهي، پر تنهن هوندي به بقول سائين محمد ابراهيم جويو جي سنڌ ۾ اندوروني نفاق سبب جڏهن ميان يارمحمد ڪلهوڙي جهوڪ جي صوفي شاهه عنايت کي 1718ع ۾ مارايو انجي نتيجي ۾ مغلن جو لهندڙ سج سنڌ تي ٻيا 20 سال يعني 1737ع تائين چمڪندو رهيو، جڏهن مغلن جي آخري صوبيدار نواب صادق خان جنهنکي محمد شاهه رنگيلي ٺٽو مقاطعي تي ڏنو هو، مشڪل سان هڪ سال مقاطعي جي رقم پوري ڪئي پر ٻئي سال کيس نقصان پوڻ جي صورت ۾ ٺٽو واپس ڪلهوڙي خاندان جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي حوالي ٿيو.
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو
شاهه عنايت جي شهادت تي شاهه صاحب فرمايو؛
اڄ پڻ اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءُ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا.
مغلن جو دور ته پورو ٿيو پر ان بعد نادرشاهه حملو ڪيو . هن اٽڪ وٽ سنڌو درياءَ مٿان پل ٺاهي 12 ڊسمبر 1739ع تي لاهور تي قبضو ڪيو . محمد شاهه رنگيلو دهلي مان لشڪر ساڻ ڪري ساڻس مقابلي لاءِ نڪري آيو. نادرشاهه 8 جنوري 1740ع تي وزيرآباد وٽان چناب درياءَ ٽپي 24 فيبروري تي ڪرنال پهتو ۽ رنگيلي کي شڪست ڏئي ساڻس گڏ دهلي ۾ داخل ٿيو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مٿس سونا سڪا نڇاور ڪيا ويا. هن شاهجهان جي لال قلعي ۾ قيام ڪيو. ٻئي ڏينهن دهلي جي مشهور جامع مسجد ۾ سندس حق ۾ دعائون گهريون ويون ۽ هو تخت طائوسي تي چڙهي لٽ مار جي مال سان واپس فارس روانو ٿيو، هن ايترو ته خزانو لٽيو جو واپسي تي رعايا لاءِ ٽن سالن تائين ڪنهن به ٽيڪس نه وٺڻ جو اعلان ڪيائين. سنڌ ۾ صوبيدار جي نافرماني سبب نادرشاهه جو لشڪر 9 ڊسمبر 1739ع تي ڪابل مان روانو ٿيو ۽ 12 فيبروري 1740 تي لاڙڪاڻي پهتو. جتان سنڌ جي حڪمرانن کان هڪ ڪروڙ رپين برابر سونا سڪا، هيرا ۽ جواهر ڦري 10 اپريل تي واپس روانا ٿيا. ڊاڪٽر مبارڪ علي جو چوڻ آهي ته ڪلهوڙا سنڌ کي نادر شاهه کان بچائي نه سگهيا ۽ هو پنهنجي خزاني کي بچائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ لڪا جتي نادر شاهه جا اٽالا پهچي ويا. سندس قتل ٿيڻ سان نادرشاهه جي حڪمراني 1747ع ۾ پڄاڻي تي پهتي. بعد ۾ احمد شاه عبدالي، مدد خان ۽ شاهه شجاع جا حملا جاري رهيا جيڪي مني صدي تائين سنڌ تي قابض رهي سنڌين کي لٽيندا رهيا. 1744ع ۾ شاهه سعود جي خاندان رياض ۽ انجي اردگرد نئين عرب ملڪ جو بنياد پئجي چڪو هو جيڪو بعد ۾ حجاز ۽ 1932ع کان سعودي عرب سڏجڻ لڳو. سنڌ تي ڪلهوڙن لڙايون لڙندي سنڌ جي مختلف حصن تي قبضو ڪندڙ ڌارين مغلن، نادر شاهن جي مقرر ظالم صوبيدارن کي شڪست ڏئي بکر، سبي،سيوهڻ جو قبضو واپس وٺي چڪا هئا ۽ سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه ٺٽو کي پڻ واپس وٺي سنڌ ٻيهر هڪ ڪري چڪا هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙو جنهن کي دهلي مان خدا يار خان جو لقب مليو هو تنهن پنهنجي گادي خداآباد ۾ قائم ڪئي هئي، جيڪا ميرن هٿان هالاڻي وٽ شڪست بعد ميرن 1789ع ۾ حيدرآباد منتقل ڪئي. ڪلهوڙن جي بادشاهت 1701ع کان 1783ع تائين جاري رهي. سائين جي ايم سيد موجب شاه سائين جي ولادت وقت سنڌ ۾ ٽن نظرين جو زور هو؛
1.سنڌ جي آزاد، خودمختيار، اسرندڙ قوم ۽ سياسي طاقت طور سڃاڻپ. 2.انڊيا جي متحده، اسرندڙ قوم ۽ سياسي طاقت طور سڃاڻپ.3.مسلمانن جي هڪ الڳ اسلامي نظام حڪومت ۽ اسرندڙ سياسي طاقت طور سڃاڻپ.
ڪلهوڙن کان پهريائين سنڌ سمن ۽ سومرن جي 500 سالن جي حڪمراني بعد 1520ع بعد مسلسل ٻاهرين حملي آورن جي قبضي ۾ رهي هئي جيڪي دهلي، ڪابل ۽ قنڌار کان ڪهي ايندا هئا. ان دور ۾ سنڌ ٻن قسمن جي ڪئمپن ۾ ورهايل رهي. هڪ ڪئمپ مخدوم بلاول جهڙن وطن دوست صوفين جي هئي جنهن کي ارغونن خلاف جنگ سبب گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هو.
جي لوڻ لڱين لائين چيري چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوارن سان.
۽ ٻي قاضي قاضن جهڙن غدارن جي هئي جيڪي ارغونن کي سندن ڪابل مان بابر هٿان نيڪالي بعد سنڌ وٺي آيا ۽ انعام ۾ قاضي قاضن بکر جو قاضي مقرر ٿي ويو.
اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
مٿيان نظارا شاهه سائين جي زندگي توڙي انکان اڳ پيش آيا ۽ سندس شاعري ان پس منظر ۾ لکي وئي. جنهن۾ سائين رسول بخش پليجي موجب بهادري، وطن دوستي، عالمگيريت، انسانيت، رواداري، سونهن، عشق، محبت، جدوجهد، عورتن ، ڪڙمين ۽ /ڏسو صفحو 7 بقايا 01
ڪمزورن جي عظمت کي بيان ڪيو ويو هو. هن سنڌ جي ستن سورمين مارئي، سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل، ليلا ۽ نوري کي پنهنجي شاعري جو مرڪز بڻايو ۽ عام راءِ کان هٽي سندن انقلابي پاسي کي نروار ڪيو.
ڪاري رات، ڪچو گهڙو، 29 اونداهي
چنڊ نالو ناهي ڪو، درياءَ دڙ لائي
ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌي ٿي آئي
اي ڪم الاهي، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي.
هو نه فقط رومي جي مثنوي جو مطالعو ڪندو رهيو پر جيسلمير کان ڀوڄ،هنگلاج، لسٻيلو، ملتان تائين سفر به ڪندو رهيو. هو ڪنهن يونيورسٽي ۾ نه پڙهيو پر سندس بي پناهه معلومات، مشاهدو ۽ مطالعو سندس شاعري جي گهرائي جا مک سبب هئا. شاهه لطيف سونهن، عشق ۽ مقصد جو شاعر هو.
پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار م مون،
مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
جهڙيون جانب اکيون تهڙو ميگهه ملهار،
کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *