تازا ترين
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

شريف ۽ چوڌري ڀائرن واري ليگ جو اتحاد

هونئن ته گڏيل مخالف ڌر جو ڪنهن هڪ نقطي تي گڏجڻ جو خواب، خواب ئي بڻيل آهي، بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ڪنهن هڪ نقاطي ايجنڊا تي اتفاق ڪندي نظر نٿا اچن. مولانا فضل الرحمان اي پي سي جي صورت ۾ اهڙي ڪوشش کان پوءِ ٻيهر به سردار اختر مينگل کان آصف علي زرداريءَ تائين ملاقاتون ڪري ماحول کي ٻيهر ساڳئي نقطي تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، ٻئي طرف بلاول ڀٽو به لاهور کان ڪراچي تائين جا تڪڙا تڪڙا دورا ڪري رهيو آهي پر نتيجي ۾ صوبائي سطح جون مولانافضل الرحمٰن صاحب واريون اي پي سي ئي ٿي رهيون آهن اصل اي پي سي جنهن ۾ محمود ۽ اياز ساڳئي پيج تي گڏ بيٺل نظر اچن اهڙي اي پي سي جي راهه ۾ شهباز شريف جي طبيعت رنڊڪ بڻيل آهي.
ساڳئي وقت اهو به چئي سگھجي ٿو ته عمران خان ملڪ جو اهو واحد وزيراعظم آهي جنهن کي مخالف طرفان ٻه سال گذرڻ کانپوءِ به هٽائڻ بجاءِ عملي طور ڄڻ “عمران خان قدم بڙهائو هم تمهاري ساٿ هين” جھڙا نعرا هڻندي نظر اچي رهي آهي پر عمران خان پاڻ مائينس ون مائينس ڪندي نظر اچي رهيو آهي. مخالف ڌر پهريان اهو ڪريڊٽ کڻڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي ته يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف جي صورت ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت پنج سال پورا ڪيا نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسيءَ جي صورت ۾ ن ليگ پنج سال پورا ڪيا هينئر عمران خان واري تحريڪ انصاف کي به پنج سال اسان ئي پورا ڪرائينداسين. بلاول ڀٽو سوال ڪرڻ تي چوي ٿو ته اسان ڪڏهن مائينس ون جي ڳالهه ڪئي آهي هي ته پاڻ مائينس ون ڪري رهيو آهي. شاهد خاقان به ساڳئي ڳالهه ڪري رهيو آهي اسان هنن کي نه ڪيرائينداسين. هونئن ته ملڪ جي تاريخ ۾ ظفر الله جمالي کي هٽائي شوڪت عزيز کي وزيراعظم ڪرڻ واري وچين پيرڊ ۾ جڏهن چند ڏينهن جي لاءِ چوڌري شجاعت وزيراعظم ٿيو تڏهن هر شخص يقين سان چئي رهيو هو ته چوڌري شجاعت ڏيڍ مهينو ڪڍي ويندو نه ته ڪنهن به وزيراعظم جو ٻن سالن کان اڳتي جو سفر ڪنهن معجزي کان گھٽ تصور ناهي ٿيندو. خورشيد شاهه ته اهڙي معاملي کي سامهون رکي پارليامينٽ جو مدو ئي 5 سالن بجاءِ چئن سالن تائين ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر هي به معجزي جھڙي حقيقت آهي ته ملڪ جي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته اسان عمران خان کي نه ڪيرائينداسين ۽ نه ئي کيس ڪيرائڻ لاءِ ڪنهن جي ڪنٽينر تي گڏ نظر اينداسين. اهڙي معجزي واري حقيقت کان پوءِ ڪڏهن وفاقي سرڪار مائينس ون جي ڳالهه پاڻ ئي ڪري ٿي ته ڪڏهن شبلي فراز پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي جھڙا ٽوئيٽ به پاڻ ڪري رهيو آهي. پهريائين کانئس مخالف ڌر جو سوال پڇندا هئاسين ته اين آر او ڪير پيو گھري جو روز روز ساڳئي ڳالهه ڪريو ٿا ته اين آر او نه ڏينداسين هينئر کانئس اهو سوال ٿي رهيو آهي ته مائينس ون چئي ڪير پيو جو روز ان جون ترديدون ٽوئيٽ جي صورت ۾ سامهون اچي رهيون آهن؟ اهڙي سڄي صورتحال جي اندر جتي مخالف ڌر نه عمران هٽائڻ جي چڪر ۾ آهي نه ئي اي پي سي گھرائڻ ۾ تڪڙي دلچسپي ڏيکاري رهي آهي تڏهن فارورڊ بلاڪ کان متحده ملسم ليگ جا بحث نئين موضوع جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. متحده مسلم ليگ جوڙن جون خبرون ته گذريل ڏينهن ئي اخباري صفحن جي زينت بڻيون آهن پر اهڙين خبرن کان ٻه ڏينهن اڳ نيب آفيس ٻاهران نواز ليگ جو مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال جڏهن چوڌري شجاعت حسين کي مخاطب ٿي چئي رهيو هو ته چوڌري شجاعت حسين جيستائين توهان حڪومت سان گڏ آهيو حڪومت ڪاڏي نه ويندي. توهان ياد ڪيو پنهنجو اهو بيان جنهن ۾ چيو هيو ته 6 مهينن کان پوءِ وزيراعظم جو ڪو به نالو کڻڻ وارو نه هوندو، توهان مسلم ليگ جو نالو کڻو ٿا مسلم ليگ جيڪا ملڪ جي ماءُ پارٽي آهي، اهڙي پارٽي هن نااهل حڪومت کي آڪسيجن فراهم ڇو ڪري رهي آهي. ؟ احسن اقبال جي اهڙي ڳالهه ان ڏينهن ئي اهي سوال پيدا ڪري ڇڏيا هئا ته مسلم ليگ ن ۽ ق هڪ ٻئي کي ڪهڙا پيغام ڏئي رهيون آهن. اهو ڏينهن به ياد ڪريو جڏهن خواجا برادران جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ چوڌري پرويز الاهيءَ سان ملڻ لاءِ سندس گھر پهتا هئا. پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي مخالف ڌر جي ميمبرن جي جيل ۾ هجڻ دوران انهن لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندو هيو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي شاهد خاقان عباسي جيل مان اسيمبلي هال پهچڻ تي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو هيو ته اسپيڪر صاحب منهنجو نالو شاهد خاقان عباسي آهي مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهيان. مون کي ذاتي طور تي خواجا سعد رفيق انهيءَ ڪري وڌيڪ متاثر ڪندو آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سندس والد جو قتل ٿيو هو پر هو احمد رضا قصوريءَ جيان ڀٽي صاحب خلاف نه رڳو استعمال نه ٿيو پر اسيمبلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي شديد تنقيد ڪرڻ کان پوءِ چوندو آهي ته جڏهن ڳالهه ايندي جنرل ضياءَ ۽ ڀُٽي جي ته اسان ڀٽي صاحب جي حمايت ڪنداسين. مسلم ليگ ن ۽ ق ليگ وارا هونئن ته هئا اڳ ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا جھڙي صورتحال ۾ ورتل آهن سندسن جنرل سيڪريٽري مشاهد حسين سيد وڃي نواز شريف کي جوائن ڪيو هيو تڏهن ئي اهو سمجھيو پئي ويو ته پارٽي هاڻي جن ٺاهي هئي انهن جي هٿن کان نڪري پنهنجي اصلي نظريي طرف واپس اچي رهي آهي، پرويز مشرف ته اهڙي ڏک جو اظهار به ڪري رهيو آهي ته چوڌري ڀائر ساڻس گڏ نه بيٺا پر هن سڄي صورتحال ۾ سوال صرف مسلم ليگ ن يا ق ليگ جو ناهي هن سڄي بحث ۾ فنڪشنل ليگ به آهي ته بلوچستان تائين جا اتحاد به ذڪر هيٺ آهن.
تنهن ڪري پهريون اهو سوال آهي ته نواز شريف جيڪو “ووٽ کي عزت ڏيو” واري تحريڪ جي ٽي روڊ کان شروع ڪري لاهور پهچي چڪو هو ته هاڻي هو نظرياتي ٿي ويو آهي، مريم نواز جيڪو مسلسل پنهنجو بيانيو رکيو ڇا پارٽي هاڻي اهڙي نظريي کان هٽي ساڳئي انهيءَ نقطي تي اچي بيهندي جڏهن جنرل ضياءَ جي زماني ۾ اهي سڀ ن ليگ ق ليگ وارا گڏ هئا يا هاڻي نظرياتي بيهڪ واقعي به “ووٽ کي عزت ڏيو” واري دور جي هوندي. هن سڄي صورتحال مان لڳي ايئن رهيو آهي ته جيئن سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي چونڊرائڻ وقت عمران خان چيو هيو ته اسان جو مقصد نوازشريف جي اميدوار کي روڪڻو هيو، هن سڄي صورتحال ۾ به عمران خان کي روڪڻ واري سوچ ئي نظر اچي ٿي جيڪڏهن نظرياتي طور پارٽي نواز شريف بجاءِ شهباز شريف فارمولا تي هلي وئي ته پوءِ پنجاب ۾ پارٽي کي وڏو ڌڪ رسندو. ساڳئي وقت اهو به سوال آهي ته نوازشريف چونڊون کٽڻ کان پوءِ سولائيءَ سان ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ جي حڪومت ٺاهي سگھيو پئي پر مولانا فضل الرحمان جي بار بار ملاقات باوجود نواز شريف ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي پرويز خٽڪ ۽ بلوچستان ۾ نيشنل پارٽي جي ڊاڪٽر عبدالمالڪ کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان سڄي صورتحال کانپوءِ هن وقت جڏهن پارٽي جي مرڪزي قيادت جي اندر سمورين مسلم ليگين کي ملائڻ جو مقصد پوري ملڪ ۾ پارٽي جي ڄار کي وڇائڻ کان سواءِ عمران سرڪار کي اڪيلو ڪرڻ سان گڏ اسٽيبلشمينٽ سان به ٺاهه وارو پيغام واريون پارٽيون پاڻ سان گڏ رکڻ مقصد ۾ شمار ٿئي سگھي ٿو. ساڳئي طرح چوڌري ڀائرن کي پنجاب ۾ وڏ وزارت جا چانس به نظر اچي سگھن ٿا پر پارٽي جي مرڪزي قيادت نوازشريف جي نالي کي مائينس ڪندي متحد ڪرڻ تي اتفاق ڪندي نظر نه ايندي، هي اتحاد به بنيادي طور تي ايندڙ چونڊن ۾ چونڊ اتحاد جھڙو ئي ٿي سگھي ٿو، جنهن لاءِ معاملا اڃان شروعاتي مرحلي ۾ آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *