تازا ترين
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

شهري ٻوڏ، هاڻي ته اک پٽڻ گهرجي

اهو ئي ٿيو جنهن جو خطرو هو جنهن جي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي،سانوڻي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن سبب شهري ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته اڃان به برساتن جو اهو سلسلو جاري رهڻو آهي،تازي برسات هڪ طرف ذميوار ادارن جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري وڌو آهي ته ٻئي طرف ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي ۽ مڪاني ادارن جي تياري وارين دعوائن کي به لوڙهي ڇڏيو آهي.
تازين برساتن ۾ ڪيترائي وڏا شهر ٻوڏ وارو منظر پيش ڪندا رهيا،نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري برساتي پاڻي ته روڊن تي ته بيٺل رهيو پر نالا به ڀرجي اٿلي روڊن تي وهڻ لڳا جن اڃان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ ته ڪجهه هنڌن تي ماڻهن کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ريسڪيو ڪرڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي،خاص ڪري اورنگي جو بنارس وارو علائقو جتي ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاسي پيا. عمر ڪوٽ کان وٺي ڄامشوري،ٺٽي ،بدين ۽ ٻين ضلعن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به اها سانوڻي جي برسات حڪومتي ۽ مڪاني ادارن جي نااهلي ڪري ماڻهن لاءِ زحمت بڻجي وئي آهي .برسات جي ڪري رڳو پاڻي بيهڻ جو مسئلو پيدا نه ٿو ٿئي پر ان سان گڏ جيڪي ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا اهي به عام زندگي کي مفلوج ڪري ٿا ڇڏين،جنهن ڪري ماڻهو ڪيترن ڏينهن تائين انهي تڪليف ۽ عذاب مان جان نه ٿا ڇڏائي سگهن.بجلي جي بندش کان وٺي پيئڻ جي پاڻي تائين جا مسئلا به پيدا ٿين ٿا ته گڏوگڏ روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ گاڏو هلائيندڙن جو روزگار به متاثر ٿئي ٿو جيڪو ڪورونا جي ڪري اڳ ئي گهڻي حد تائين متاثر ٿيل آهي ۽ ماڻهو ويچارا پنهنجي گذر لاءِ پريشان آهن.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها سڄي صورتحال رڳو ڪجهه ڪامورن ۽ حڪومتي عملدارن جي لاپرواهي ۽ پنهنجا فرض پورا نه ڪرڻ سبب پيدا ٿئي ٿي.اسان وٽ مسئلو ئي اهو آهي ته ڪو به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پوءِ انهي جي نتيجي ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي اهو ڀوڳي عوام ٿو ۽ عوام جي ڄڻ ته ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي ،ڪامورن کان وٺي سياستدان ۽ حڪومتي نمائندا پاڻ ته هڪڙي گاڏي مان لهي پنهنجي اي سي بنگلن ۾ آرامي ٿين ٿا ته انهن کي ڪهڙي پرواهه هوندي ته روڊ تي بيٺل گوڏي جيڏي پاڻي ۾ بک تي ويٺل ماڻهو پنهنجي ٻچن جي ٻن ويلن جي ماني جو ڪيئن بندوبست ڪري سگهندو،يا ڪنهن ڪچي گهر جي ٽمندڙ ڇت هيٺان ڪهڙو خاندان انهي برساتن ۾ بجلي نه هئڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري ڪيترا ويلا اڄ تي گذارو ڪري سگندو. هي صورتحال ڪا اوچتو ته نه آئي آهي جنهن کي ايمرجنسي جو نالو ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي سگهجي، جڏهن موسميات کاتي اڳ ئي اطلاع ڏئي ڇڏيو هو ته هن ڀيري سانوڻي جي موسم پنهنجي معمول کان وڌيڪ تيز هوندي ته پوءِ اڳواٽ انهي کان بچڻ لاءِ تياريون ڇو نه ڪيون ويون؟
تازين برساتن ۾ پيدا ٿيل صورتحال ته هڪ ٽيلر هيو جيڪڏهن انهي کان ٿوري به وڌيڪ برسات پئي ته شايد ئي ڪنهن شهر جي نظام يا انتظاميا ۾ ايتري اهليت آهي جو شهر کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي،اسان سمجهون ٿا ته اها هڪ مجرماڻي غفلت آهي جيڪا موسميات کاتي جي اڳواٽ آگاهي باوجود ڪئي وئي آهي انهي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل ماڻهن سميت سنڌ حڪومت ۽ ان جا ڪامورا به شامل آهن،جيڪا تباهي ٿي آهي ان ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ ته پري ٿيو شايد ئي اهو اندازو لڳائي سگهي ته ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ انهي برسات ۾ ڪيترو معاشي نقصان ٿيو آهي جنهن کان اڳواٽ اپاءُ وٺڻ ڪري بچي سگهجي پيو، ڇا حڪومت اڃان به سجاڳ نه ٿيندي،حڪومت کي هاڻي ته اک پٽڻ گهرجي ته جيڪڏهن سانوڻي جي سڄي موسم ايئن رهي ته اڃان وڌيڪ ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *