تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

شهر ۾ رهڻ لاءِ ٻيڙي ٿي گهرجي….

سنڌ ۾ مون سون جي برسات جو چوٿون سلسلو گذريل ٻن ڏينهن کان جاري آهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گجگوڙ سان بادل وسن پيا، وقفي وقفي سان وسندڙ اها برسات اڄ رات تائين جاري رهندي، جيتوڻيڪ جديد ٽيڪنالوجي ۽ سوشل ويب سائيٽس جي ڪري موسم جو احوال اڳواٽ معلوم ٿي سگهي ٿو ۽ موسميات کاتي پاران هن ڀيري اڳواٽ جيڪا به اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، انهي پٽاندر ئي برسات پئي آهي، ان باوجود ڪراچي انتظاميا اڳواٽ انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڪراچي واسي هميشه جيان برساتي پاڻي سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا،
ڪراچي جيڪو سنڌ جو راڄڌاني وارو شهر آهي ته ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي وارو ڪردار ادا ڪري ٿو، انهي شهر جي مالڪي جا دعويدار ئي هن شهر سان ٻه اکيائي ڪن ٿا، سياسي لحاظ کان ايم ڪيو ايم سدائين پاڻ کي ڪراچي جي نمائنده جماعت سڏايو پر ايم ڪيو ايم جي موجوده ميئر کان وٺي اڳوڻن مڪاني توڙي صوبائي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود نمائندن جي ناقص انتظامن سبب ڪراچي ۾ هن وقت به برساتي پاڻي نيڪال نٿو ٿئي. نه رڳو اهو پر گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پ پ به هن شهر لاءِ ڪو اهڙو منصوبو ناهي جوڙي سگهي جو هتان جي رهواسين کي برساتي پاڻي جي بيهڻ سبب پيش ايندڙ تڪليف مان نجات ملي سگهي. انتظامي لحاظ کان ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل جي ڪارساز روڊ، ڊي ايڇ اي، گلستان جوهر، سعيد ٽائون، شاهه فيصل ڪالوني صدر، ڪياماڙي، مائي ڪولاچي، پي آءِ ڊي سي، ڪالا پل، جناح اسپتال، ايف ٽي سي، اي بي سينيا لائينز، لائنز ايريا ۽ ڊفينس جا سمورا فيز ڪينٽونمنيٽ بورڊ جي ذميواري آهن،
ان کان علاوه ڪي پي ٽي، ريلوي، پي آءِ اي، پوليس، ايف سي، ميري ٽائيم سميت ٻين ادارن جون آفيسون ۽ رهائشي ڪالونيون انهن جي ذميواري آهن، اهڙي ريت ٻيا به ڪيترائي اهم علائقا آهن جتي رهندڙ اميرن ۽ وڏن ماڻهن جا هٿ وڏا آهن، جيڪي ڪروڙين روپين جي ذاتي گاڏي خريد ڪن ٿا پر پنهنجي گهر جي اڳيان ٽٽل روڊ توڙي نالي جو ڪم نٿا ڪرائين، انهن جي ڪالونين جو ڪم ڪار ته اڪثر پاڻ مراد ٿي ويندو آهي پر باقي جيڪي علائقا عام غريب ماڻهن جا آهن، جنهن ۾ ڪورنگي جون ڳتيل آباديون، نيو ڪراچي جا اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، قصبا ڪالوني، عليڳڙهه، ڪٽي پهاڙي، ناظم آباد ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، اتي جي رهواسين جي ڪير به سار نٿو لهي، ڪراچي ۾ عيد کان اڳ جيڪا برسات آئي هئي انهي برسات کانپوءِ سنڌ حڪومت تي تمام گهڻي تنقيد ٿي هئي، حالانڪه اها تنقيد ڪراچي جي ميئر تي به ٿيڻ گهرجي ها، جنهن جي بنيادي ذميواري آهي ته هو هتان جي مقامي ماڻهن جي ووٽن تي ميئر ٿيو، کيس وسيلا ۽ اختيار ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت لاءِ مليل آهن پر هن پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي اتحاد ۾ موجود ايم ڪيو ايم جا ميمبر توڙي وفاقي سرڪار جا نمائنده به پ پ سرڪار تي تنقيد ڪري رهيا آهن، انهي ڳالهه ۾ ڪوشڪ ناهي ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ پ پ گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ ڪابينا جا 99 سيڪڙو ميمبر ڪراچي ۾ پنهنجا ذاتي گهر رکن ٿا، يعني اهي به هن شهر جا مستقل رهواسي آهن پر اهي ڪراچي جي ماڻهن جي مالڪي ۾ دلچسپي نٿا وٺن، پر ڪراچي جا اهي عام مزدور ۽ پورهيت ماڻهو جن جي گهرن ۾ پاڻي بيهي ٿو، برساتي پاڻي سان گٽر نالن جو پاڻي ملي ٿو ۽ اهو پاڻي وري پيئڻ جي پاڻي جي لائينن سان ملي ٿو، نتيجي ۾ عام ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا پر اهي سمورا ماڻهو جيڪي ذميوار آهن اهي ان طرف ڌيان نٿا ڏين، ڪراچي ۾ گذريل هڪ سال جي رپورٽنگ دوران برسات کي مختلف وقتن تي رپورٽ ڪرڻ وقت مون ڏٺو ته ڪراچي ۾ برسات جي ڪري نه رڳو غريب ماڻهو ڀوڳي ٿو پر هر طبقي جو ماڻهو پريشان ٿئي ٿو، اها ٻئي ڳالهه آهي جو وڏن ماڻهن کي پريشاني محسوس نٿي ٿئي ۽ غريب ماڻهن کي انهي پريشاني جو شديد احساس ٿئي ٿو، ڪالهه جڏهن ڪراچي ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن هو ۽ مون مختلف هنڌن تان بيهي ٽائيم نيوز جي لاءِ رپورٽنگ پئي ڪئي ته مونکي ڪيترن ئي علائقن جي مين روڊ تي گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل نطر آيو، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار سخت پريشان هئا، جيڪي پنهنجي منزل تائين پهچڻ لاءِ انهي برساتي پاڻي ۾ بند ٿي ويندڙ پنهنجي موٽرسائيڪل کي ڌڪا ڏئي منزل تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ساڳي ريت پنڌ ويندڙ ماڻهو خاص طور عورتون ۽ ٻار تمام گهڻو پريشان هئا، انهن جي پريشاني کي ڏسي مونکي لڳو ته يا ته هي شهر صفا لاوارث آهي يا ته پوءِ هن شهر کي انا پرستي واري سياست تباهه ڪري رهي آهي،
انهي ڪري ڪراچي ۾ جيڪي مستقل رهن ٿا انهن کي ڄڻ ته مڪاني، صوبائي توڙي وفاقي سرڪار نياپو ڏنو آهي ته اهي مٿن ڀاڙڻ بدران يا ته پنهنجي پاڙي ۽ علائقي جي سطح تي چندو ڪري پنهنجا روڊ رستا ۽ گٽر نالا پاڻ تعمير ڪرائڻ گهرجن ان لاءِ شعوري مهم هلائي وڃي، يا ته پوءِ برساتي پاڻي مان پنهنجي گهرن تائين پهچڻ لاءِ هڪ هڪ ٻيڙي خريد ضرور ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ کين هر برساتي موسم ۾ گهر پهچڻ تائين ڪيترائي ڪشالا ڪاٽڻا پوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *