تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

شيخ اياز جو آخري شھر

“مون کي ته کرڙيءَ واري ميدان تي مرڻو ھو.
مان ڪراچيءَ ڇو آيو آھيان؟”
شيخ اياز جي انھن لفظن جي گھرائي ماپڻ جي لاءِ اسان کي ڪجھه اتھاس ۾ پنڌ ڪرڻو پوندو. کرڙي سکر جي ڀر وارو اھو ميدان آھي، جتي سنڌ جا ماڻھو مدد خان پٺاڻ سان وڙھيا ھئا. خليفي نبي بخش جو ڪيڏارو ان ميدان جي پسمنظر ۾ آھي. جنھن ۾ ھو چوي ٿو:
“کرڙي کائي رت، ڀت نه وجھي وات ۾
جنين نيڻ نست، نينھن نه لائي تن سين”
يا
“کرڙي کائي ماھه، پيئي رت پياليون
اجھو ايندو شاھه، جو ڏيندو سر ڏياچ جان”
خليفي کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جو پورو بار پنھنجي ڪلھن تي کڻندڙ شاعر شيخ اياز کرڙيءَ جي حوالي سان ڪيترائي شعر لکيا آھن. ھن جي لاءِ راجا ڏاھر واري سنڌ کان پوءِ کرڙيءَ جو ميدان عظيم علامت جيان ھو. ان ڪري ھن لکيو ھو ته:
“مون کي ته کرڙيءَ واري ميدان تي مرڻو ھو.
مان ڪراچيءَ ڇو آيو آھيان؟”
ھو ڪراچيءَ ڇو آيو ھو؟ جڏھن ته ھن جي سکر ۾ تمام سٺي وڪالت ھلي رھي ھئي. عمر ۽ صحت جو مسئلو ھر انسان سان لاڳو آھي پر ڇا سمورا سنڌي ان عمر ۾ گھر تڙ ڇڏي ڪراچيءَ اچن ٿا؟ شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ ھڪ خاص مقصد سان آيو ھو. ھو ڪراچيءَ ۾ به پنھنجي وڪالت شروع ڪري ٿي سگھيو. پر ھن جي من ۾ اھو ھو ته ھو ڪراچيءَ ۾ پنھنجي جيون جا پويان ڏينھن ۽ پنھنجي ديوان جا پويان شعر لکي سگھي. ھن پنھنجي زندگيءَ جا پويان سال سنڌ جي گاديءَ واري شھر ۾ گذاريا. ھو ان شھر ۾ ويھي پوري زندگيءَ تي ويچاريندو ھو. جڏھن ھن شھر جو شور رات جو دير سان ڪجھه ڪلاڪن جي لاءِ دفن ٿي ويندو ھو، تڏھن ھو شاعريءَ جي عبادت ڪرڻ لاءِ اٿندو ھو. ھو ان مھل سمھندو ھو، جڏھن ھن جي گئلريءَ تي ننڍڙا پکيئڙا چون چون ڪري ھن کي چوندا ھئا ته “ھاڻي سمھه…..ھاڻي سمھه” ۽ ھو نوٽ بوڪ ڀر ۾ رکي نيڻ ٻوٽي ڇڏيندو ھو.
شيخ اياز جي شعور ۾ ڪراچي سمنڊ وانگر شور ڪندي رھندي ھئي. شيخ جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شيخ اياز کي جوان شڪارپور ڪيو. پر شڪارپور ھن جي ماءُ ھئي. ھو سڄي زندگي سکر ۾ رھيو. ھن وڪالت سکر ۾ ڪئي. ھن کي روزي روٽي ان شھر ڏني. پر سکر ھن جي زال وانگر ھو. ڪراچيءَ ته ھن جو پھريون ۽ پويون پيار ھئي. ڪراچي شيخ اياز جي اھا محبوبا ھئي، جنھن جي لاءِ ھن لکيو ھو ته:
“ڪيئي سال لنگھي ويا توکي
ڪالھه ڏٺو مون رستي تي
تون ته اڳي جان پياري آھين
ديد پوي جيئن گل دستي تي”
پر شيخ اياز کي تمام گھڻو افسوس به ھو. ھن ڪراچيءَ کي ان عمر ۾ ڏٺو ھو، جڏھن ڪراچي به ھن جي عمر جھڙي ھئي. ھي اھو وقت ھو جڏھن ڪراچيءَ جي وجود ۾ قاتل ڏند نه کتا ھئا. جنھن وقت ڪراچي صبح جو منھن کي ڇنڊو ھڻي پوتيءَ سان اگھي صاف سٿري لڳندڙ وينگس جھڙي ھئي. اھا ڪراچي ھئي، جنھن اياز جي حسن جي حيرت جا ڪيترائي تاڪ کولي ڏيکاريا ھئا. اھا ڪراچي ھئي، جنھن جي آغوش ۾ ھن زندگيءَ جو رس قطرو قطرو ڪري پيتو ھو. اھا ڪراچي ھئي، جنھن جو سمنڊ ھن سان گھريون رھاڻيون ڪندو ھو. ڇا اھا ڳالھه عجيب ناھي ته سنڌ جي ڪنھن به شاعر ھن شھر تي ايترا شعر نه لکيا آھن، جيترا شيخ اياز لکيا آھن. ھن شھر کي آدجڳاد کان پنھنجو چوڻ وارا پناھگير ٻڌائين ته ڇا ڪنھن به اردوءَ جي شاعر ڪراچيءَ تي ايترا شعر لکيا آھن. ڪراچيءَ جو ذڪر ابن انشاءَ به ڪيو آھي پر اھو به تمام جزوي، اھڙو جھڙو اھو اردو ٻول آھي ته “چلتي چلتي” ھن به ڪراچيءَ کي شيخ اياز جيان ڄمي بيھي نه ماڻيو. ھن ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ پنھنجي گم ٿيل محبت کي تلاش ڪيو آھي. ھن لکيو آھي:
“ميرا بلديا ڪراچي
يه دي تو دي گواھي
ڪه حسين صورتون سي
يھان ھر گلي ڀري ٿي
پر اڪ تيار ديوانا
ڪڀي ڇوڙ ڪي گيا ھي
تيرا آستان پرانا
تو ڪي روح زندگي ٿي
تو ڪھان چلي گئي ٿي؟
تو ڪھان چلي گئي ٿي؟”
جڏھن ته شيخ اياز ڪراچيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ايترا شعر لکيا آھن جو اھي سھيڙجن ته ھڪ الڳ مجموعو وجود ۾ اچي وڃي. پر اسان وٽ ڪنھن ناشر کي اھو خيال ھن مھل تائين نه آيو آھي. ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ جيڪي به ادبي لکڻيون آھن، اھي الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گھرجن ۽ ھن مھل انھن جي مارڪيٽ به آھي. اھي لکڻيون اچن ته خبر پوي ته ھن شھر کي ڪنھن ڳايو آھي ۽ ڪنھن قبضو ڪري کپايو آھي؟
پروين شاڪر جي شاعريءَ ۾ به ڪراچيءَ جو نالي ماتر ذڪر آھي پر ان ۾ ڪا شعريت ناھي. ان ۾ محبت ناھي. ان ۾ سياست آھي. ھن جو اھو شعر جنھن ۾ ھن لکيو ھو ته:
“ڪراچي ھڪ اھڙي رنڊي آھي
جنھن سان پھاڙن، ميدانن مان
آيل اجنبي، ھڪ رات گذاري
صبح جو ھن جي ڳٽي تي
چماٽ ھڻي ھليو ٿو وڃي”
ابن انشاءَ به ڪراچيءَ سان دل نه لڳڻ واريون ڳالھيون ڳائيندو ھو. ھن جو اھو غزل استاد امانت علي خان تمام گھڻي موھيندڙ ۽ مڌر انداز ۾ ڳايو ھو ته:
“انشاءَ جي اٺو، اب ڪوچ ڪرو
اس شھر ۾ جي ڪا لگانا ڪيا؟”
پر شيخ جي سيني ۾ ته ھي شھر سدائين ڪنھن ساز وانگر وڄندو رھيو. شيخ اياز ھن شھر کي ايم ڪيو ايم جي پسمنظر ۾ به منظوم انداز سان سمايو. ھن پنھنجي شھڪار نظم ۾ لکيو ھو ته:
“اورنگيءَ جي چوراھي تي
دور جلايل بس جو دونھون
جنھن ۾ ڪجھه للڪارا آھن
آسمان ۾ تارا آھن
جن جي ٽم ٽم
لال لھوءَ ۾ ڌرتيءَ تي ڏيکاري ڏي ٿي
ڪنھن جو لال لھو آھي ھي؟
ڪالھه انھيءَ ڍاڪا جا رستا
ڪنھن معنيٰ جي لاءِ رنگيا ھا
معنيٰ جا بي معنيٰ نڪتي
اڄ ان تي تاريخ جا طعنا
بندوقون جي ٻوليءَ ۾
زور زور سان گونجن ٿا
ٻولي جيڪا اردو ناھي”
شيخ اياز ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽڻ وارن کي سمجھائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته “بندوق جي ٻولي اردو نه ٿيندي آھي” شيخ اياز ته ڪراچيءَ جي نون فاشي قوتن کي اھو ٻڌائڻ ٿي گھريو ته اردو خسرو، مير ۽ غالب جي ٻولي آھي. ھن اھا ڳالھه صرف سنڌيءَ ۾ نه پر اردوءَ ۾ به ڪئي. ھن لکيو ھو ته:
“اس طرف ڀٽائي گليون مين
ڪل خون مين لت پت ديکا ٿا
اڪ خنجر اس ڪي سيني مين
پيوست ھوا وه آن گرا
جب مين ني اپني جھولي مين
اس ڪي زخم ڪو سھلايا
تو ڪيا ديکھا
وه خسرو ٿا”
پر جڏھن تعصب اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيندو آھي ته ماڻھوءَ کي ڪجھه به نظر نه ايندو آھي. ڪراچيءَ جي لکيل پڙھيل اردو آباديءَ جي اڪثريت جو اھو الميو آھي ته ھو مھانگن فليٽن ۾ ڦاٿا رھيا پر انھن ڌرتيءَ ۾ جڙ ھڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
ڪراچيءَ مٿان پھرين ڪاهه ڪرڻ وارا ثقافتي ھٿيارن سان مسلح ھئا. انھن کي ان دور ۾ به سمجھڻ کپندو ھو ته نفرت جي ثقافت جو انجام تمام گھڻو برو ٿيندو آھي. انھن اردو ٻوليءَ جو جھنڊو لھرائي سنڌي ٻوليءَ جي توھين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏھن ته ھر ٻولي حسن جو گھر ھوندي آھي. ھر ٻولي ڏاھپ جو ڏس ھوندي آھي. انھن جي ديکا ديکيءَ سبب سنڌ ۾ به اقبال ۽ غالب کي ڪجھه ماڻھو بدشد ڳالھائڻ لڳا پر اھي ڪجھه ماڻھو ھئا. ھاڻي ته اھي به ناھن. ھاڻي ته اھڙا سنڌي نوجوان موجود آھن، جن کي اردوءَ وارن کان وڌيڪ اردو شاعري ياد آھي. سنڌ جا ڪيترائي شاعر اردوءَ ۾ شاعري ڪن ٿا. اھا ھاڻوڪي ڳالھه ناھي. سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز تائين ڪيترن ئي سنڌي شاعرن محبت جا رنگ روپ اردوءَ ۾به پيش ڪيا آھن.
ڪاش! شام جي محفل ۾ ڪوئي اردو سخن شناس سچل جو ھي سادو شعر پنھنجي شعور ۾ لاھي ته ھن جي اونداھي اندر ۾ ڪيئي شمعدان ٻري پون. اھي ٻول ڪيتري نه اڪير سان سچل جا فقير ڳائيندا آھن ته:
“مجھه ڪو تيرا جادو لگا
صبر نه آرام ھي
تيري طرف سي
اي صنم نا خط نا پيغام ھي”
جڏھن ته شيخ اياز جي اردو شاعريءَ ۾ ايترو ترنم ، ايتري رواني ۽ ايتري گھرائي آھي جو جڏھن اسان ھن صديءَ جي عظيم آريٽر ضياءَ محي الدين کان اياز جي اردو شاعري پڙھائي ھئي ته آرٽس ڪائونسل جو ھال سوڙھو ٿي سسي ويو ھو. ان محفل ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مھر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڇن وارن وارو دانشور تاج حيدر اسان سان گڏ ڏاڪڻين تي ويٺا ھئا. جڏھن ھو اياز جا اھي ٻول ٻرائي رھيو ھو ته:
“قصه حاتم نھين
يه ايڪ سچي بات ھي
گوشه بر آواز ھو
سن ڪي مٽي بولتي ھي
جام نندو ڪب تلڪ سوتي رھو گي؟
نيند ۾ روتي رھوگي
ديک درياھه خان ڪا مزار ھل رھا ھي
پھر صدا آني لگي ھي
جام نندو ڪب تلڪ سوتي رھو گي
آ ڪي ھم سنگ لحد ڪو توڙدين؟
آ ڪي پھر جيني سي رشتا جوڙ دين”
(ھلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *