تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

شينهن وري ڊڀ چرندو ڇا؟

“پاڪ فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر اهي ڳالهيون ڳجهه ڳوهه ۾ نه پر عوام۾ ڪيون وينديون، پاڪ فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ان لاءِ شرط آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي.”
اهو هڪ انٽرويو ۾ نواز شريف جي ان نياڻي چيو آهي جنهن کي سندس بيانيي واري امانت حوالي ٿيل آهي، نواز شريف جي جيڪڏهن انهيءِ بيان سان لاتعلقي ۽ ترديد نٿي اچي ته پوءِ اهو نواز شريف جو نئون بيانيو ۽ سياسي ٻوليءِ ۾ يوٽرن سمجهيو ويندو. نواز شريف جي نياڻي جو اهو بيان نواز شريف جي منهن تي نٿو پوي جنهن چيو ته هو ته اسان جي جنگ عمران خان سان ناهي، عمران کي آڻڻ وارن سان آهي، جنگ ڪرڻ وارا اهڙا مطالبا ناهن ڪندا، مطالبن کي شرط بڻائي پيش ناهن ڪندا، جنگ ڪرڻ وارو ماڻهو هڪ طرفي ٺهڻ جي پيشڪش ناهي ڪندو، انقلابي ڪڏهن به پراڻو گانو ريمڪس ۾ جهنڪار سان ناهي ڳائيندو!!
اهو بيان تحريڪ وارو بيانيو ئي ناهي، اهو ته آسمان مان ڪري کجي ۾ اٽڪڻ آهي، اتان سڏڻ آهي، اهو چوڻ آهي ته “ڪڏهن سار لهندي، جڏهن سار لهندين، تڏهن ڪير هوندو!” اهو بيان ان جي بلندي وارو بيانيو ئي ناهي جنهن تي يار نواز شريف اڄڪلهه بيٺل ٿو ڏسائي!هن هڪڙي ئي بيان هن جي ساري بيانيي کي بيڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهو بيان انهن کي به ڦڪو ٿو ڪري جن نواز شريف کي شينهن جوان سمجهيو هو، ڪي ماڻهو وڏي خوش فهمي ۾ هئا ته نواز شريف ۽ سندس نياڻي مياڻيءَ جي ميدان ۾ بيٺا آهن، ضرورت هنن کي تير سپلاءِ ڪرڻ جي آهي !
ثابت ٿيو ته هي اهو شينهن ناهي جيڪو“ مري مري به ڊڀ نه چري” هي شينهن وري ڊڀ چرڻ لاءِ تيار آهي، شرط اهو آهي ته نئون آندل ٻڪرو ٻني مان ٻاهر ڪڍيو وڃي! شينهن جي شيدائين کان پڇون ٿا ته اهو شير هاڻي ڪٿي آهي جيڪو ڪالهه تائين پنجوڙ پيو ڇنائي! هاڻي ته هو جي ايڇ ڪيو ڏي پيو ڪنائي!! اسان جي متاثر قسم جي مخلوق هروڀرو ڪنهن کي پڇ ٻڌي مهري بڻائيندي آهي جيڪو نوڪري وڃڻ تي ناراض ٿو ٿئي. ان کي به انقلابي ٿا سمجهن. لوڪ جي اها ئي سادگي آهي جيڪا سياستدانن کي مرشد بڻائي ٿي، ڏن به ڀرائي ٿي، قدم به چمائي ٿي ۽ نسل در نسل تابعداري ڪرائي ٿي جڏهن ته هنن هميشه سمجهوتا ڪيا آهن هنن ايڏا جهيڙا نه ڪيا آهن جيڏا ٺاهه ڪيا آهن، هنن جي ڪاوڙ تيستائين هوندي آهي جيستائين ڪو مٿي تي هٿ نٿو گهمائي، ٺلهن آسرن تي هو جنرلن کي ٻيهر ٽينيوئر ڏئي ڇڏيندا آهن.
مائي مريم نواز شريف ڳالهه ته ايئن ٿي ڪري ڄڻ فوج جو ايچلي ڳالهين لاءِ هن جي در تي بيٺو هجي ۽ هن شرط رکي ڇڏيو، ان تي چوندا آهن“اڳلو سودو نه سلي، هي اٽل لاءِ ماندو”! فوج کي ڪهڙي پئي آ جو هنن سان ڳالهيون ڪندي، فوج سان ملڻ لاءِ مريم نواز جو نمائيندو ويو هو، يا آرمي چيف وٽس لڙي آيو هو ؟ محمد زبير وڃي ملاقات ڪئي هئي. يا فوج جو جرنيل هن ڏي پير ڀري آيو هو؟ هو جن ڳالهين جي ڳالهه ٿي ڪري اهي فوج جي مزاج وٽان ئي ناهن، الزام پنهنجي جاءِ تي پر آرمي اهڙي ڪنهن به خفي ۾ ناهي پوندي ۽ ڌر ٿي ڪڏهن به ناهي ڳالهايو . سياستدانن کي هڪٻئي کان سوڙهه چڙهندي آهي ته هو پاڻ وڃي ساڻن ملاقاتون ڪندا آهن ، ڪي مطالبا ڪندا آهن. ڪي ٽيڪران ڏيندا اٿن، اسان سدائين سياستدانن کي جي ايڇ ڪيو جي گيٽ تي ڏٺو آهي، ڪڏهن آرمي چيف ڪنهن سياستدان جي گهر ناهي آيو ۽ انهي غرض سان ناهي آيو جهڙي هي رکندا آهن. “عوام جي آڏو ڳالهيون”ڪرڻ واري ڳالهه هوائي ٺڪاءُ آهي، جنهن جي اگر ايندي ته آءِ ايس پي آر جي پاران ترديد ئي ايندي ۽ اهڙي ڳالهه سامهون ايندي ته ادارن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي!
شرط جي فارم ۾ اها تجويز آهي ۽ تجويز جي آڙ ۾ منٿ آهي، اهو سندي سياست جو نڪ ٻوڙڻ آهي اهو جمهوريت جو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ آهي، اهڙو ڪجهه به ناهي جنهن کي سياست جي لاءِ عزت جي ڳالهه چئي سگهجي، سياستدان پنهنجو وقار پاڻ وڃائيندا آهن ته پوءِ ئي ڪنهن جنرل کي جرئت ٿيندي آهي ته هنن کي هيڏي هوڏي ڪري. هي جي پنهنجي پير تي پورا هجن ته ڇو پنهنجون حڪومتون وڃائين، هي جي مختلف دورن ۾ هنن جا بوٽ کڻندڙ نه بڻجن ته جمهوريت ڇو هٻي تٻي ٿئي! هي آهن جيڪي پنهنجي دور ۾۽ واري وٽي سان پنهنجي ۽ جهموريت جي بيعزتي ڪرائيندا آهن، هنن جو ماضي چڱو هجي ها ته اڄ هنن جي واتان جمهوريت جو نالو کڻڻ چڱو لڳي ها. هاڻي جڏهن جمهوريت ۽ ووٽ جي عزت جي ڳالهه ڪن ٿا ته جمهوريت سندن مذمت ٿي ڪري ۽ ووٽ مٿن ڦٽڪار ٿو ڪري.
مريم نواز جي انهيءِ بيان ان بيانيي جي بيک ڪڍي ڇڏي آهي جنهن کي نواز شريف جو نظريو چيو وڃي ٿو. هي بيان هنن جي اصليت ظاهر ڪري ٿو، ن ليگ جي سياست سمجهائي ٿو ۽ شريف فيملي جي عادت بيان ڪري ٿو. پنهنجي اڳواڻن کي اهڙين وضاحتن ۾ وجهي ڇڏيو اٿائين ته مريم جو مطلب هي نه هو، هي هو. ! هو اصل ۾ هي چوڻ ٿي چاهي وغيره وغيره!! ڪيڏيون به وضاحتون ڪن پر مريم جي زبان تي اصل ڳالهه اچي وئي آهي. دٻاءُ واري هڪ دور کانپوءِ هوءَ پنهنجي اها ئي نوڪري بحال ڪرائڻ چاهين ٿا جيڪا خانداني طور تي پر پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪندا رهيا آهن، نواز شريف جي ڌيءَ سنڌن لفظن ۾ چيو آهي ته عمران خان کي ڪڍو اسان کي وري نوڪري ۾ رکو، جڏهن نوڪري ڪندا هئا تڏهن اها ئي ٽوڪري کڻندا ها، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه رکيل آهي، جنهن تي تنقيد ڪن ٿا. اها نوڪري ۽ ٽوڪري تڏهن خراب بڻي آهي جڏهن انهن جي مٿي تان لهي ٻين جي مٿي تي پئي آهي. هنن جي مٿي تي اچي ويندي ته اها نوڪري ۽ ٽوڪري ڀلي بڻجي ويندي،!
بلڪل غير ذميوارانه بيان آهي فوج کي سياست ۾ نه اچڻ جو مطالبو ڪرڻ وارا فوج کي سياست ۾ پوڻ جو مطالبو ڇو ٿا ڪن. ؟ حڪومت کي گهر موڪلي ته معنيٰ فوج اقتدار هٿ ۾ وٺي پوءِ هنن لاءِ راهه هموار ڪري، اهو ته سڌو سنئون سياسي ڪردار آهي. اها ڊائريڪٽ فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت آهي، هي ته ووٽ کي عزت ڇا ووٽ کي ئي دفن ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. ن ليگ پنهنجي سياست جو جنازو ٿي کڻائي ٻيو ڇاٿي ڪري!
هنن کي حڪومت وٺي ڏي ته فوج سٺي ٿي ويندي، هونئن خراب آهي! نظريو ڪاڏي ويو، ووٽ جي عزت ڪاڏي وئي؟ جڏهن هي رابطا ڪندي پڪڙجڻ کانپوءِ فوج سان نه ملڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن، ته پوءِ ڳالهين جو دروازو ڇو ٿا کولين؟ هڪ طرفا شرط ڇو ٿا رکن، ڀائي توهان ته انقلابي آهيو! انقلابي واٽ تي هلو، هيڏي خوار ڇوٿا ٿيو؟ پنهنجي پير تان ڇو ٿا هٽو لائين تان ڇو ٿا لهو!!
حقيقت اها آهي ته هن ملڪ ۾ سياست ڪرڻ وارن جو نه اصول آهي نه نظريو فقط ضرورت آهي، ۽ ان جي هر صورت ۾ پورائي ڪرڻي آهي، ان لاءِ ڪيڏو به هيٺ لهڻو پوي لهي وڃن ٿا، ڏاڍو ڪري پون ٿا، مفاد ذهن تي سوار آهي هنن عوام جو رت پونءِ پئي ڏٺو آهي، عوام جو ماس سندن هوڙ کي لڳي ويو آهي، عوام هنن کي صحيح طرح نه ٿو سڃاڻي ان ڪري بار بار دوکو کائي ٿو ، جيستائين عوام ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين اهي ڊراما ٿيندا پيا، عوام هر هر پنجن سالن لاءِ پاڻ کي وڪڻندو پيو ، هڪڙا حڪومتن ۾ ڏٽن تي لڳندا پيا، ٻيا اپوزيشن تي ميوزڪ تي نچندا پيا، اهو ٿيندو پيو ۽ هي ملڪ اڃان هلندو پيو، اصولن جون ڳالهيون ٿينديون پيون، ۽ اصولن جون ڀڃڪڙيون به ٿينديون پيون، جمهوريت جو راڳ ڳائبو پيو، آئين جي بالادستي جي به ڳالهه ٿيندي پئي، پر بالادست سياستدانن جا مفاد رهندا ۽ ٻيو انهن جا مفاد بالا رهندا جيڪي سياستدانن کي نوڪرين ۾ رکندا آهن. مريم نواز جو بيان وڃايل نوڪري ٻيهر وٺڻ جي ايپليڪيشن آهي ٻيو ڪجهه به ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *