تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

شھيد نذير عباسي ھڪ عظيم آدرشي ڪارڪن

انسٽيٽيوشنلائيزڊ مرڊرس جي تاريخ ۾ شيھد نذير عباسي جو خون اڄ به سڀ کان مٿي ڪنڌ کنيو بيٺو آھي .ان نوعيت جا قتل رياست جي ادارن پاران ھڪ ٻئي جي مخصوص مقصدن جي حاصلات واسطي ڪرايا ويندا آھن جنھنڪري انھن کي بين القوامي سياست جي ٽرمنلاجي ۾ انسٽيٽيوشنلائيزڊ مرڊرس چيو ويندو آھي. تاريخ اھڙن خونن سان ڀري پئي آھي. شھيد نذير عباسي تمام وڏي ڪمٽمينٽ وارو نظرياتي ڪارڪن ھو، رياست منڍ کان وٺي ھن جي مٿان ڪرڙي اک رکندي آئي رياست سندس پھرين گرفتاري 1969ع ڌاري ان وقت عمل ۾ آندي جڏھن نذير عباسي آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن نالي شاگرد تنظيم جي اڳواڻ جي صورت ۾ ووٽر لسٽن کي سنڌي ٻولي ۾ ڇاپڻ جي جدوجھد ۾ پنھنجي ساٿين سان گڏ سرگرم ھيو ، توڙي جو اھو مطالبو قانون سان ڪنھن به طور تي ٽڪراءُ ۾ نه ھو پر پوءِ به رياست نذير عباسي کي وڏو خطرو سمجھي گرفتار ڪري ثابت ڪيو ته نذير عباسي جي ايڪشن کان رياست ڪيترو ڊنل ٿي رھي.
نذير عباسي تمام ٿوري وقت ۾ رياست جي ڪارندن کي اھو ديده دليري سان محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته ھو ھڪ سچو آدرشي ڪارڪن ھو جنھن کي جھڪائڻ يان پنھنجي آدرشي مقصد تان ھٽائڻ رياست جي وس ۾ نه ھو تنھنڪري رياست نذير عباسي کي گھربل ڪارڪنن واري ھٽ لسٽ تي رکي ڇڏيوپر رياست جي وھم گمان ۾ به نه ھو ته جنھن پتڪڙي نذير عباسي کي ھو جيل ۾ واڙڻ جا سانباھا ڪري رھيا آھن سو جيل مان جڏھن ٻاھر نڪرندو ته سندس حوصلا ھماليه کان به اوچا ھوندا. جڏھن نذير عباسيء گرفتار ٿي جيل پھتو ته ھن لاءِ جيل ھڪ درسگاھه ٿي پئي ڇاڪاڻ اتي ھن جي ملاقات نيشنل اسٽوڊنٽ فڊريشن جي واڙيل ڪارڪنن سان ٿي جن ھن کي سوشلزم جي نظرياتي ڄاڻ ڏني. نذير عباسي جيل ۾ سوشلسٽن کان ايترو متاثر ٿيو جو ھن اڳتي ھلي نه رڳو نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن کي جوائن ڪيو پر ٿورڙي وقت ۾ ان جو مضبوط اڳواڻ ٿي اڀري آيو، سندس سياسي قد جلد مڃجي ويو ۽ رياستي ادارا ھن جي رت جا پياسا بنجي ويا. 1978 ع ڌاري ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضيا جي آمريت جي ڏينھن ۾ رياستي ادارن ھن جي سوچ ۽ جدوجھد کان خوف کائي ھن کي وري گرفتار ڪيو مٿس الزام عائد ڪيو ويو ته ھن ھلچل نالي پمفليٽ ڇاپي رياست ۽ ان جي مقدس ادارن جي ڪرادر جي توھين ڪئي آھي. نذير عباسي کي ان الزام جي نتيجي ۾ گرفتاري کان پوءِ قلي ڪيمپ ڪوئيٽا جي قيد خاني ۾ واڙيو ويو. نذير عباسي ان وقت رياست جو پھريون ننڍي عمر وارو سياسي قيدي ھيو جنھن کي قلي ڪيمپ جي بدنام قيد خاني ۾ واڙيو ويو قلي ڪيمپ جو قيد خانو رياستي ڪارندن پاران کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چٿڻ لاء قائم ڪيو ويو ھو.
نذير عباسي سان گڏ سنڌ مان ٻيا به ڪيترائي ھاري ڪاميٽي ۽ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪري پڻ قلي ڪيمپ ۽ اھڙن ٻين بدنام زمانه قيدخانن ۾ واڙيا ويا. رياست جي ڪارندن کاٻي ڌر جي سياسي شعور کان ڊڄي سموري رياست کي ڪنسنٽريٽس ڪيمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سياسي شعور کي چٿڻ جي مھم ۾ جنبي ويا.
رياست کي نذير عباسي جي نظرين ۽ آدرشي جدوجھد ايترو ته ٽيررائيز ڪري ڇڏيو جو قلي ڪيمپ مان جڏھن سندس رھائي ٿي ته وري ھن کي برگيڊيئر امتياز احمد عرف بلا جي اڳواڻي ۾ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي چٿڻ لاءِ ڪم ڪندڙ يونٽ فيلڊ انٽيليجنس يونٽ 30 جولاءِ 1980ع ڌاري ڪراچي مان وري راتاھو ھڻي پروفيسر جمال نقوي،امر لال،ڪمال وارثي ۽ ڪامريڊ شبير شر سميت گرفتار ڪري ورتو اڳتي ھلي ساڳي يونٽ بدر ابڙي ۽ سھيل سانگي کي به گرفتار ڪيو ۽ پوءِ سڀني کي ھڪ ھنڌ رکيو رياستي ادارن گرفتاري کان پوءِ ٻين سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس ٽرائل لاءِ موڪلي ڇڏيو جيڪو ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو پر رياستي ادارا جيڪي نذير عباسي جي نظرياتي جدوجھد خوفزده ھئا تن نذير عباسي کي آزاد ڪرڻ جي بجاءِ 9 آگسٽ 1980ع جي ھڪ ڪاري رات جو سندس انسٽيٽيوشنلائيزڊ مرڊر ڪري ڇڏيو.برگڊيئر امتياز جي يونٽ سخت تشدد ڪري نذير عباسي کي شهيد ڪري ڇڏيو.نذير عباسي جي مٿان تشدد جا سمورا سفاڪ طريقا آزمايا ويا پر نذير عباسي پنھنجي آدرشن تان دستبرادر ٿيڻ کان نابري واري ڇڏي،پڇاڙي ۾ سندس سمورا ننھن به ڪڍيا ويا ۽ سندس نازڪ جسم جي مختلف حصن کي چير ڏئي انھن ۾ تيزاب ڀريو ويوپر نذير عباسي برگڊيئر امتياز ۽ ان جي ڪارندن جي جسماني تشدد ۾ جان ته ڏئي ڇڏي پر پنھنجي آدرش تي ڪمپرومائز ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نذير عباسي تاريخ ۾ مزاحمت جو عظيم مثال قائم ڪري پنھجي قاتلن کي نياپو ڏنو ته ھي زندگي رڳو ڪنھن حسين مقصد جي ئي امانت آھي
جنھن جي لاءِ سر ڏيڻ ننڍڙو سودو آھي. نذير عباسي کي مارڻ کان پوءِ به سندس لاش رات جي اونداھي ۾ لانگ بوٽن جي سخت پھري ۾ دفن ڪيو ويو ڇو ته قاتلن کي ھن جي سرد وجود کان به ڊپ محسوس ٿي رھيو ھو برگيڊيئر امتياز اڳتي ھلي نذير عباسي کي سندس يونٽ پاران سخت تشدد ڪري مارڻ جو اعتراف پڻ ڪيو جنھڪري سندس وارثن سميت ھر روشن خيال ماڻھو مطالبو ڪندو رھيو ته برگيڊيئر امتياز تي نذير عباسي جي ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ جو ڪيس ھلايو وڃي پر اھو مطالبو ورنائجي نه سگھيو ڇو ته ھڪ ته پاڪستان جي عدالتي سرشتي ۾ ايترو ست ڪو نه ھو ۽ ٻيو ته ھي مڪمل انسٽيٽيوشنلائزڊ مرڊر ھوان ڪري اڄ تائين سندس بيگناھ رت سان انصاف نه ٿي سگھيو آھي.بحرحال نذير عباسي جو خون رائيگان ناھي ويو ڇو ته جيئن جيئن وقت لنگھي رھيو آھي ته سندس ناحق وھايل رت تاريخ جي آڏو قاتلن کي سوڙھو ڪري رھيو آھي !

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *