Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1mfirrkb7enb8avna82dc09t2i, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
صحافين تي تشدد ۽ لاقانونيت جو لقاءُ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar صحافين تي تشدد ۽ لاقانونيت جو لقاءُ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

صحافين تي تشدد ۽ لاقانونيت جو لقاءُ

سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو لفظ “قانون” جي نالي تي لاقانونيت جو لقاءُ نظر نه ايندو هجي، حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهن هٿان ئي ٿئي ٿو جن کي پاڻ وٽ سولي سنڌيءَ ۾ “قانون جو محافظ” سڏجي ٿو. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ پوليس جو تعارف ڀلي “مدد ڪندڙ” مهذب ۽ خوش اخلاق جهڙن خوبصورت لفظن سان شروع ٿيندو هجي پر سنڌ ۾ پوليس سالن کان وحشت ۽ هيبتناڪيءَ جو اهڙو اهڃاڻ بڻيل آهي جنهن کان هر امن پسند معاشري جو ماڻهو ڇرڪي ۽ پناهه گهري ٿو . عام طور تي پوليس ٿاڻن تي وڃبو ته مک گيٽ تي لڳل ڳاڙهي نيري بورڊ يا عمارت تي وڏن اکرن ۾ چار گڏيل لفظ چٽيل هوندا آهن “يقين، محڪم، تنظيم، اتحاد” جيڪي لفظ بظاهر ڪنهن اداري جي سٺي ساک جي نشاندهي ڪن ٿا پر اڪثر ٿاڻن اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال ان سلوگن جي ابتڙ نظر ايندي آهي. صوبيدار صاحب يا جمعدار ڪنهن جوابدار کي ڄڻ ته گارين جي ڪيل ڪورس مان ست سريون پيو ٻڌائيندو يا سچ پترن جو ڦهڪو ٻڌڻ ۾ ايندو. جڏهن ته ملڪي قانون ۾ ٿاڻن جو ڪم وڌ ۾ وڌ امن امان کي برقرار رکڻ، ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ يا وري ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ آهي پر سنڌ جي خاص طور اتر وارن ضلعن ۾ نه صرف ٿاڻن جو تصور ڏينهون ڏينهن ڀيانڪ ٿيندو ٿو وڃي پر ٿاڻن تي مقرر اڪثر ايس ايڇ اوز جو رويو ڪنهن ڀارتي فلم جي ولن جهڙو ٿي ويو آهي. ڪالهه شڪارپور ضلعي جي همايون شريف ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپوٽر امداد ساگر پنهور کي مقامي پوليس پاران ان وقت سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن همايون ٿاڻي جو صوبيدار مهدي رضا ٽالپر پاران پڪڙيل ايراني تيل جي گاڏين مالڪن سان ڊيل ڪري ڇڏي رهيو هو ته امداد ساگر پنهور پنهنجي پروفيشنل ذميواريون نڀائيندي بيٺل گاڏين جي قطارن جون تصويرون ڪڍيون جنهن تان همايون ٿاڻي جي ايس ايڇ او مڇرجي نوجوان صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کيس گرفتار ڪرڻ بعد رهيل ڪسر ٿاڻي تي پوري ڪئي جتي صوبيدار مهدي رضا ٽالپر پنهنجي اخبار رپوٽر کي ابتو ٽنگي سندس نڪ ۾ زوريءَ چرس ۽ آفيم وجهي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن صحافي جي ميڊيڪل ڪرائي کيس منشيات واپرائيندڙ ڄاڻائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪجن. ان دوران شهري ۽ ميان صاحب، همايون شريف جا مقامي صحافي ٿاڻي تي پهتا جن ٿاڻي اڳيان ڪيل سخت احتجاج کانپوءِ مجبور ٿي ايس ايڇ او صحافي کي بيهوشي جي حالت ۾ آزاد ڪيو جتان ٻيا صحافي کيس مرهم پٽيءَ بعد گهر کڻي پهتا. پوليس پاران صحافين تي تشدد ڌمڪيون ڏئي ڊيڄارڻ جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي ان کان هڪ ڏينهن پهريان ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز خبرون هلائڻ جو جواز ڄاڻائي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ضلعي رپوٽر عبدالغني کوسي تي ڏمرجي پيو هو. اسان وٽ وڏيرن ۽ پوليس پاران صحافين کي ڏانوڻ وجهڻ ۽ ڏاڍ جبر ذريعي قلم توڙي ڪئميرا کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. ميڊيا ۽ صحافي ئي سماج جو حقيقي آئينو ٿيندو آهي دنيا جي مهذب ملڪن ۾ صحافيءِ کي هڪ نقاد سمجهو ويندو آهي پر اسان وٽ ڳالهه ان جي ابتڙ آهي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جون دعوائون ڪندڙ همايون پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او صحافي تي وحشياڻو تشدد ڪري محافظ هجڻ واري حيثيت کي لڄايو آهي انڪري اهو چئي سگهجي ٿو هاڻي ته ٿاڻن ۽ عقوبت خانن ۾ ڪو فرق ناهي رهيو هتي ٿاڻن جو مقصد اذيت گاهن کانسواءِ ڪو ٻيو ناهي بچيو. سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن ڏوهاري سان به اهڙو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي جهڙو رويو جيڪب آباد جي ايس پي پاران هڪ سينيئر رپوٽر سان اختيار ڪيو ويو جهڙو ورتاءُ ڪالهه شڪارپور ضلعي جي همايون ٿاڻي جي صوبيدار پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر امداد ساگر پنهور سان ڪيو آهي. همايون ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ان عمل خلاف نه صرف شڪارپور، چڪ، لکي غلام شاهه، خانپور، ڳڙهي ياسين، ڊکڻَ ۽ مدئجي جي صحافين ۾ ڪاوڙ جي سخت لهر اڀري آهي پر ان واقعي خلاف سنڌ جا سوين قلم ڌڻين ڀرپور آواز اٿاري سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رپوٽر تي بدترين تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
سنڌ پوليس جي شڪارپور واسي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اڳيان سوال اهو به آهي به هي پوليس کاتي ۾ مهدي ٽالپر جهڙا ايس ايڇ اوز جيڪي بظاهر ته عوام جي جان مال جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل آهن اهي ڇو پنهنجي فرض شناسيءَ جي ابتڙ انا جي انڌ ۾ جنوني ٿي پيا آهن؟ سنڌ جي سڀني نه پر اڪثر ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسرن جو مائينڊ سيٽ اهو ئي آهي حڪومت کي اهڙن معاملن جو سنجيده ٿي نوٽيس وٺڻ گهرجي نه ته جن پوليس اهلڪارن جو فرض نڀائيندڙ صحافين سان اهو رويو آهي اهي عام ماڻهو سان ڪهڙي نموني پيش ايندا هوندا اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *