تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

صحت انشورنس جي اهميت ۽ سنڌ بلوچستان

وزيراعظم عمران خان جمعي تي تربت يونيورسٽي جي شاگردن ۽ مڪران ڊويزن جي خاص ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مضبوط فيڊرشن لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي سمورن وفاقي ايڪن جي هڪ جيتري ترقي ٿئي. نومبر جي شروع ۾ مون موٽروي، ميٽرو ۽ مني بس آرٽيڪل ۾ ملڪ جي ڏاکڻين ۽ اترين علائقن ۾ بنيادي ڍانچي جي فرق بابت لکيو هو، جنهن سان معيشيت ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ جو گهرو واسطو آهي. هن دفعي هي مضمون ملڪ ۾ هلندڙ سرڪاري صحت انشورنس اسڪيمن بابت آهي جنهنجو واسطو نه فقط ماڻهن جي صحت، معيشت پر خوشحالي سان پڻ آهي. هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران صحت انشورنس جا ٻه پروگرام هلي رهيا آهن. پهريون فقط غريب خاندانن لاءِ جن جي روزانو آمدني 2 ڊالرن کان گهٽ آهي، جيڪو پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، ۽ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي سميت 91 ضلعن ۾ هلي رهيو آهي.
ملڪ ۾ هن وقت 154ضلعا آهن جن مان 30 سنڌ ۾ آهن. اهو پروگرام وفاقي سرڪار جي مالي امداد سان هلي رهيو آهي، جنهن تحت سرڪاري يا خانگي اسپتال ۾ داخلا جي صورت ۾ سال ۾ في خاندان 3 لکن تائين مفت صحت جي سهوليت حاصل ڪري سگهي ٿو. خاندان ۾ زال مڙس ۽ سندن اڻپرڻيل ٻار پڻ شامل آهن. ٻارن جي تعداد توڙي خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جي عمر جي ڪا به حد مقرر نه آهي. اهو پروگرام اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن سرڪار جي مالي مدد سان هلائي رهي آهي جنهن تحت في خاندان سرڪار اسٽيٽ لائيف کي ساليانو 2,849 رپيا پريميم ادا ڪري رهي آهي. اهو پروگرام 2015ع جي آخر ۾ ڪي پي ڪي صوبي ۾ 1,300 رپين جي پريميم سان شروع ڪيو ويو هو. ان تحت بنا ڪنهن پائي پئسي جي لسٽ ۾ ڏنل 700 اسپتالن ۾ انصاف ڪارڊ ڏسي داخلا ڪئي وڃي ٿي ۽ هن وقت تائين ان ۾ 70 لک خاندانن جا 8 ڪروڙ ڀاتي رجسٽرڊ آهن جن جون هيستائين اسپتالن ۾ 13 لکن کان وڌيڪ داخلائون ٿي چڪيون آهن. هاڻي اسپيشل ماڻهن ۽ کدڙن کي به ان پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن کي رجسٽر ڪري انصاف صحت ڪارڊ ڏنو وڃي ٿو ۽ اسپتال ۾ داخلا جي صورت۾ ڪابه رقم نٿي ورتي وڃي، جنهنجي وڌ ۾ وڌ في خاندان حد ساليانو 3 لک رپيا آهي. انهن ميمبرن پاران %85 داخلا خانگي ۽ % 15 داخلا سرڪاري اسپتالن ۾ پرائيويٽ ورتي پئي وڃي، جتي ڪينسر، پيچيده مٺن پيشابن، هيپاٽائيٽس B ۽ C، دل جي بيمارين، روڊ حادثن، سڙڻ، ڊائليسز، ڪرونڪ انفيڪشيس بيمارين، ڪنهن مک عضوي جهڙوڪ گڙدن، ڦڦڙن، دل، جيري وغيره جي ڪم ڇڏي ڏيڻ جي صورت ۾ به علاج ڪيو وڃي ٿو. مخصوص حالتن ۾ خرچ جي بنيادي حد 300,000 رپين کان چڙهي وڃي ته اوتري ئي اضافي حد وڌائي سگهجي ٿي. انهن مٿين بيمارين کان علاوه ميڊيڪل ۽ سرجيڪل ڪيس جيڪي ان لسٽ ۾ شامل نه آهن جن ۾ ويم توڙي ان کان اڳ چار دفعا ۽ ويم بعد هڪ دفعو معائنو ۽ ايمرجنسي وغيره به شامل آهي جي صورت ۾ الڳ 60,000 رپيا ساليانو في خاندان حد مقرر آهي جيڪا ضرورت پوڻ تي مخصوص حالتن ۾ ٻيڻي يعني 120,000 رپيا في خاندان ساليانو ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح في خاندان ساليانو مخصوص حالتن ۾ 720,000 رپين تائين علاج جو فائدو وٺي سگهي ٿو.
هن وقت سرڪار ساليانو تقريبا 10 ارب رپيا پريميم اسٽيٽ لائيف کي ادا ڪري رهي آهي جنهنجي افاديت آهستي آهستي وڌي رهي آهي ۽ ماڻهن کي جيئن جيئن ان بابت خبر پوي ٿي تيئن تيئن هو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين ٿا. پر هن وقت تائين ان ۾ فقط %7 ماڻهو رجسٽر آهن. ان جي ڊيٽا جي تصديق بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان ڪرائي پئي وڃي جنهن اسڪيم جو مدد لاءِ مقرر معيار پڻ ساڳيو يعني روزانو 2 ڊالر کان گهٽ آمدني آهي.
ڪي پي ڪي سرڪار جي فنڊنگ سان صحت انشورنس جي هڪ ٻي اسڪيم، جيڪا گذريل مهيني کان ٽن مرحلن ۾ شروع ڪئي وئي آهي، سا فقط ڪي پي ڪي صوبي لاءِ آهي جنهن ۾ آمدني کان قطع نظر ان صوبي جا سڀ شهري جن جي شناختي ڪارڊ تي ڪي پي ڪي جو مستقل پتو لکيل آهي شامل ڪيا ويا آهن ۽ ان جي سالياني حد في خاندان وڌائي 10 لک رپيا رکي وئي آهي. پهرئين مرحلي ۾ 18 ارب رپيا خرچ ايندو جيڪو پروگرام پهرئين مرحلي ۾ سوات، بنير، دير، مالاڪنڊ، چترال، شنگلا، باجوڙ ضلعن جي 66 لک ماڻهن لاءِ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو جنوري تائين ٽئين مرحلي ۾ پشاور سميت پوري صوبي جي عوام لاءِ ڦهلايو ويندو. جنهن تحت علاج کان علاوه مريض جي مرڻ جي صورت ۾ خاندان کي ڪفن دفن لاء 10,000 رپيا، ڊسچارج ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرائي لاء 2,000 رپيا ۽ ويم جي صورت ۾ اضافي 1,000 رپيا پڻ ڏنا ويندا. ان اسڪيم مان ڪي پي ڪي جا 60 لک خاندان فائدو وٺي سگهندا. اها اسڪيم سمورن شهرين يعني غريب توڙي اميرن لاءِ آهي. ابتدائي طور ان ۾ مالاڪنڊ ڊويزن جي56 اسپتالن کي رجسٽر ڪيو ويو آهي، جتي ڪي پي ڪي جو ڪوبه شهري پنهنجو شناختي ڪارڊ ڏيکاري مفت ۾ علاج لاءِ داخل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ڪو الڳ ڪارڊ ناهي.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته اها اسڪيم سنڌ جي 30 ضلعن مان فقط هڪ ضلعي ٿرپارڪر ۾ جاري آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ اڃا اها شروع ٿيڻي آهي. جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته ٻئي صوبائي حڪومتون ان ۾ پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جڏهن ته وفاقي سرڪار جي دلچسپي فقط پنهنجي پارٽي جي ٻن صوبائي حڪومتن وارن صوبن ۾ آهي. سنڌ ۾ سرڪار NICVD جي ڄار وسيلي مختلف ضلعن ۾ ڪافي بهتر سهولتون ڏئي رهي آهي. ان جو ذاتي تجربو تازو مونکي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ پنهجي پڦاٽ جي مفت اينجيوپلاسٽي ۽ ٻن اسٽنٽ وجهرائڻ سان ٿيو جنهن کي ٻن ڏينهن ۾ چاڪ چڱو ڀلو ڪري ڊسچارج ڪو ويو، جنهن جو ڪراچي ۾ خرچ لکن ۾ اچي ها. گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ سڄي ملڪ جي ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جن ۾ عضون جي تبديلي پڻ شامل آهي. تازو گوجرانوالا ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ پنجاب جي فنڪار شوڪت حسين جي گمبٽ ۾ مفت علاج جي ذڪر بعد مقتدر حلقن کي ڳالهه نه وڻي ۽ کيس ڊسچارج ڪرائي لاهور جي CMH ۾ داخل ڪرائي ڇڏيائون.
سنڌ سرڪار هڪ ٻيو به سٺو ڪم ڪيو آهي جنهنجو اڃا ماڻهن ڀرپور فائدو ناهي ورتو ڇوته ان بابت کين گهڻي خبر ناهي. سنڌ سرڪار جي فنڊنگ سان هلندڙ سنڌ انشورنس ڪمپني پاران مفت يونيورسل حادثاتي انشورنس اسڪيم 2016ع کان ٻن ارب رپين جي فنڊ سان متعارف ڪرائي وئي هئي، جنهن تحت سنڌ جي 18 کان 65 سالن جي وچ ۾ ڪنهن به مستقل باشندي جنهن جي شناختي ڪارڊ تي مستقل پتو سنڌ جو لکيل آهي تنهن جي سنڌ اندر حادثاتي موت جي صورت ۾ انجي خاندان کي هڪ لک رپيا ادا ڪيا وڃن ٿا. روڊ ٽريفڪ حادثو، ٻوڏ، کنوڻ، برسات، ڇت ڪرڻ، ٻڏڻ، باه ۾ سڙڻ وغيره سبب موت حادثاتي موت ٿين ٿا، پر عوام کي سڌ نه هئڻ سبب هن وقت تائين %2 متاثر ماڻهن جا خاندان ڪليم داخل ڪن ٿا، ڇوته ڪليم جو طريقو تمام ڊگهو آهي ۽ کين مناسب رهنمائي نٿي ملي، حالانڪه ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار هر ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي پر اهي گهربل مدد فراهم ڪرڻ ۽ آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن. وفاقي شماريات کاتي موجب گذريل سال رڳو روڊ حادثن ۾ 700 کان مٿي ماڻهو سنڌ ۾ مري ويا آهن. حادثن جا ٻيا سبب ان کانسواءِ آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت ٻن صوبن سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ صحت انشورنس جي يونيورسل اسڪيم جيڪا ڪي پي ڪي ۾ شروع ڪئي آهي کي فروغ ڏئي ۽ سنڌ بلوچستان کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي به ان ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي ڇوته ڪابه انشورنس اسڪيم معاشي انجڻ جو ڪم ڪندي آهي، جنهن سان نه فقط ماڻهن اندر اعتماد پئدا ٿئي ٿو، سندن صحت بهتر ٿئي ٿي، خانگي اسپتالن کلڻ سان روزگار جا موقعا وڌن ٿا، ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿئي ٿو، سندن قوت خريد وڌي ٿي، جنهن سان آبادي کي فائدو پهچي ٿو ۽ ماڻهن جو زندگي جو معيار بهتر ٿئي ٿو، پر عوام جي وڏي آبادي کي غربت مان به ڪڍي سگهجي ٿو. ڇوته اسان وٽ خاص طور ٻهراڙي ۽ ننڍن شهرن يا وڏن شهرن جي غريب علائقن ۾ بيمار ٿيڻ وقت روڪ رقم نه هئڻ سبب مجبور ماڻهو ڳري وياج تي قرض وٺڻ يا پنهنجا زيور، ڍورڍڳا سستي اگهه تي کپائڻ لاءِ مجبور ٿيندا آهن. ان ڪري بيماري نه فقط کين جسماني طور پر ذهني ۽ معاشي طور به پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿي. عام طور ڪنهن ويجهي مٽ مائٽ جي بيماري جي صورت ۾ اسان کي جذباتي معاملن جو ته احساس ٿئي ٿو پر ان حالت ۾ مريض ۽ سندن مائٽ جيڪي معاشي تڪليفون ڀوڳين ٿا تنهن جو احساس صرف انهن کي ئي ٿئي ٿو. انڪري وفاقي، صوبائي سرڪارن خاص طور سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ فوري پلاننگ ڪري ۽ عملي اپاءُ وٺي. تازو آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ صحت جون سهولتون هڪ اهم موضوع هو جنهن تي بحث ڪيو ويو. سنڌ جا ووٽر به ان کي اليڪشني اشو بنائي سگهن ٿا جتي %10 کان وڌيڪ آبادي مٺن پيشابن ۽ هيپٽائيٽس B ۽ C ۾ ورتل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *