تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

صحت کاتو ساراهه جو سبب يا خواري جو کارو !؟

سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي قيادت جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ پنهنجون ڪي اهم ڪاميابيون ڄاڻائيندي آهي ته اهو صحت جو ئي شعبو آهي،جنهن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙي اهم اداري جو سڄي صوبي ۾ ڄار وڇائڻ ۽ گمس ۾ جيري ۽ بڪين جي مفت ٽرانسپلانٽيشن جا مثال ڏنا ويندا آهن، جيڪا ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي ڇاڪاڻ ته جيري ۽ بڪين جي ڏکي ۽ مهانگي ٽرانسپلانٽيشن عام ماڻهو جي پهچ کان ئي پري آهي جنهن ڪري نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو انهي مرض ۾ وٺجي چڙي چڙي پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا هيا،انهي کانسواءِ دل جي مرض ۾ ورتل غريب ماڻهو نه اينجيو پلاسٽي ڪرائي سگهندا هئا نه ئي باءِ پاس آپريشن،هاڻ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ انهي اين آءِ سي وي ڊي جهڙا ادارا موجود آهن جتي ماڻهو پهچن ٿا ته کين اهو علاج مهيا ڪيو وڃي ٿو جيڪو هو خانگي اسپتالن ۾ افورڊ ڪري نه سگهندا هئا. صحت کاتو جتي سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي لاءِ ساراهه جو سبب بڻيل آهي ته اتي اهو ساڳيو ئي شعبو خواري جو کارو به بڻجي رهيو آهي،جو ڪتي جي چڪ کان بچاءُ جون ويڪسين سڄي سنڌ ۾ ڄڻ ته ناياب بڻيل آهن، خبر ناهي ڇو هڪ طرف ايڏن وڏن مرضن لاءِ اثرائتا قدم کڻندي نظر ايندڙ اهو کاتو انهي معاملي ۾ ڦاسي حڪومت ۽ پارٽي لاءِ ڄڻ مخالفن وٽ طعني جو سبب بڻجي ويو آهي جو جڏهن به مخالف پ پ جي سنڌ حڪومت تي الزام لڳائين ٿا ته انهن جو پهريون ٽارگيٽ به اهو ئي کاتو هوندو آهي ته سنڌ ۾ ماڻهو روز ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب مري رهيا آهن پر انهن کي ويڪسين به ملي نه ٿي سگهي.
ڪالهوڪي اخبارن ۾ به ڪجهه اهڙا ئي انگ اکر ۽ خبرون رپورٽ ٿيون آهن جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ هڪڙي ڏينهن ۾28 ڄڻن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي جڏهن ته هڪ نينگر ڪتن جي ڏاڙهڻ کانپوءِ گهڻو رت وهڻ سبب پنهنجي حياتي به وڃائي ويٺو آهي،اهي واقعا ڪاڇي جي ڪنهن ڪنڊ مان به رپورٽ ٿيا آهن ته سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به ساڳي حالت آهي ،جڏهن ته جناح اسپتال ڪراچي انتظاميا جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب 11 مهينن دوران 7254 ڪيس آيا آهن جنهن جو مطلب ته ڪتي ڏاڙهڻ جا روز 25 ڪيس رڳو جناح اسپتال تائين پهچن ٿا.رولو ڪتن جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي اهو ڪم ميونسپل ادارن ۽ مڪاني کاتي جو آهي ته انهن رولو ڪتن جي آزار کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ڪنهن وقت ۾ جڏهن اهو آزار وڌندو هو ته اهي ادارا حرڪت ۾ اچي ويندا هيا ۽ ڪتا مار مهم شروع ڪئي ويندي هئي، نه ته عام ماڻهن خاص ڪري ٻارڙن جو گلين گهٽين ۽ رستن تي گهمڻ ڦرڻ عذاب بڻجي ويندو هو پر لڳي ٿو مڪاني ادارا ۽ انهن جا ذميوار پنهنجو اهو فرض وساري ويٺا آهن ۽ انهن جو انهي پاسي ڪو ڌيان ئي ناهي. ڪجهه مهينا اڳ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو هو ته ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ کان عام ماڻهن کي بچائڻ لاءِ مهم هلائي ويندي ۽ ڪتن کي خصي ڪيو ويندوپر خبر ناهي اها مهم اشتهارن کان اڳتي ڇو وڌي نه سگهي؟ انهي مهم کي ڪامياب بڻائڻ جو ذميوار مڪاني کاتو هو پر ڪتن جي ڏاڙهڻ جي وڌندڙ واقعن کي ڏسي لڳي نه ٿو ته ڪو سنڌ حڪومت جي اها مهم ڪٿي هلي هجي، جيڪڏهن اها مهم ڪامياب ٿئي ها ته ايترا ڪيس ڇو ٿيندا رهن ها.
اسان سمجهون ٿا ته اهو اول ڪم مڪاني ادارن ۽ کاتي جو آهي ته اهي رولو ڪتن جي آزار کان ماڻهن کي بچائين ۽ انهن جي خاتمي جون ڪوششون ڪن. ڇاڪاڻ ته مڪاني کاتي جي سهي نموني ڪم نه ڪرڻ ۽ انهي معاملي ۾ غير فعال هجڻ ڪري سڄو بار صحت کاتي تي پئجي رهيو آهي پر گڏوگڏ صحت کاتي کي به گهرجي ته جتي هو جيري ۽ بڪين جي ٽرانسپلانٽيشن ۽ دل جي باءِ پاس لاءِ ايڏا وڏا ادارا قائم ڪري سگهي ٿو ته ڇا اهو کاتو ڪتي جي چڪ کان بچاءُ جي ويڪسين هر تعلقي اسپتال کي مهيا ڪري نه ٿو سگهي، جنهن جي کوٽ جي ڪري هڪ طرف سنڌ جو عوام ڀوڳي ٿو ته ٻئي طرف مخالفن کي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ پ پ جي قيادت تي آڱريون کڻڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ انهي تنقيد جي گوڙ ۾ صحت جي معاملي ۾ ڪيل چڱا ڪم به گم ٿي ٿا وڃن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *