Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ue994hsm694pggetms1csere41, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
صحت کاتي جي بيمار ڪارڪردگي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar صحت کاتي جي بيمار ڪارڪردگي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

صحت کاتي جي بيمار ڪارڪردگي

صحت کاتي جي ڊي جي 24ضلعن جي ضلعي هيلٿ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي انهن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته 9 ڊي ايڇ اوز خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي .ڊي جي هيلٿ طرفان جاري ڪيل وضاحت ڄاڻايو ليٽر ۾ چيو يو آهي ته ڪورونا جا سيمپل وٺڻ جي حوالي سان سندن ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي، صحت واري وزير ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي. ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي وضاحت پيش ڪن. جڏهن ته ٻن ڊي ايڇ اوز تي ته اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته انهن هڪ به سيمپل نه ورتو. جڏهن ته 9 ڊي ايڇ اوز بابت سيڪريٽري صحت کي ڊي جي هيلٿ جي موڪليل رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته کين ڪورونا ايمرجنسي ۾ شڪي متاثرين جا سيمپل وٺڻ لاءِ چيو ويو پر سندن ڪارڪردگي سٺي نه هئي ڪيترا ڀيرا لکت توڙي ٽيليفون ذريعي هدايتون ڏيڻ باوجود انهن تي عمل نه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ انهن ڊي ايڇ اوز خلاف ڪارروائي جي به سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دادو، مٽياري، بدين، ٽنڊومحمد خان، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور، ۽ شهيد بينظيرآباد جا ڊي ايڇ اوز شامل آهن .
سنڌ جي صحت کاتي خلاف عام ماڻهن جون شڪايتون ڪا نئين ڳالهه ناهن، اسپتالن ۾ ماڻهن کي صحت جون ڪي به سهولتن نه ملڻ کان وٺي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي رويئي جون شڪايتون هر زبان تي هونديون آهن ڇو ته پوليس ۽ صحت کاتو اهڙا کاتاآهن جن سان عوام جو سڌو سنئون واسطو پوي ٿو ۽ عوام جي اڪثريت خانگي اسپتالن جا ڳرا خرڄ برداشت نه ڪري سگهڻ سبب سرڪاري اسپتالن جو ئي رخ ڪري ٿي پر اتي کين ڪابه سهولت نه ٿي ملي. هر سال صحت کاتي جي بجيٽ مان اربين رپيا نڪرڻ باوجود عوام کي پونسٽان جي ٽڪي ته نصيب ناهي ٿيندي،پر ماڻهن ڏانهن انهن ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو رويو به مناسب نه هوندو آهي هڪ ته اڪثر ڪري ڊاڪٽر ڊيوٽين تي هوندا ئي ناهن جيڪڏهن ڪو عملو موجود به هوندو ته اهو رڳو ڄڻ ڪجهه ڪلاڪن جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ اچي وقت پورو ڪري واپس هليو ويندوآهي جنهن جو عوام کي ڪو فائدو ناهي ملندو.
ڊي جي هيلت طرفان جاري ڪيل هي ليٽر ۽ رپورٽ عوام جي صحت کاتي جي عملدارن ۽ عملي تي سڌي سنئين شاهدي آهي ۽ صحت کاتي جي بيمار ڪارڪردگي خلاف گواهي پڻ آهي. ڪورونا جي ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جڏهن سڄي سنڌ حڪومت وڏي وزير سميت متحرڪ هئي تنهن وقت ۾ صحت سان لاڳاپيل ضلعي عملدار ڊي جي صحت جي هن ليٽر مطابق پنهنجا فرض صحيح نموني ادا نه ڪري رهيا هئاته پوءِ عام حالتن ۾ اهي پنهنجي فرضن کي ڪيئن نڀائيندا هوندا اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي .
اسان سمجهون ٿا ته صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ انهن کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ۽ خاص ڪري ڪورونا واري ايمرجنسي جي ڏينهن ۾ اها ذميواري اڃان به وڌي ٿي وڃي. هڪ طرف عوام پنهنجي گذرسفر لاءِ ئي پريشان آهي ته ٻئي طرف هو انهن حالتن ۾ خانگي اسپتالن جا ڳرا خرڄ ڪٿان برداشت ڪري سگهندو.ڊي جي هيلٿ طرفان جاري ڪيل ليٽر کي رڳو ڪورونا واري صورتحال تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر اهو به مانيٽر ڪرڻ ۽ پڇا ڪرڻ گهرجي ته عوام جي صحت لاءِ مقرر ڪيل ضلعي عملدار عام ماڻهن کي عام حالتن ۾ عام بيمارين جي علاج لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺن ٿا، جيئن عوام جي ڪجهه ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *