Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_le7r1revpnc9rm5dvg8pqku3t1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
صدارتي آرڊيننس ۽ صوبن تي يلغار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar صدارتي آرڊيننس ۽ صوبن تي يلغار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

صدارتي آرڊيننس ۽ صوبن تي يلغار

صوبن جي خودمختياري ، صوبن جي سمنڊ، سامونڊي پٽي ۽ ٻيٽن جي حق ملڪيت جي معاملي ۽ ان سموري قصي ۽ تڪرار کي پيدا ڪندڙ صدارتي آرڊيننس سان صوبن تي وفاق طرفان ڪيل يلغار ۽ حملن واري معاملي تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي. ملڪ جي ٻن اهم وحدتن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ احتجاج ،مظاهرن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جي قبضي ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. وفاق ۽ وفاقي سرڪار کي سنڌ طرفان آئيني ۽ قانوني دستاويز ۽ چونڊيل اسيمبلي جو ٺهراءَ ، هڪ لحاظ کان عوامي طاقت واري عطا ڪيل ”آئيني ڍال ۽ تلوار “ مهيا ڪئي آهي. جنهن سان صوبي جي آئيني حقن جي حفاظت لاء هر ممڪن قدم کڻڻ جا پڻ اختيار ۽ ڀرپور اعتماد حاصل ٿي ويا آهن. يقينن ٻيٽن تي قبضي خلاف هي ٺهراءَ ته حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي آندو ۽ سرواڻي ڪئي پر ان سان گڏ صوبي ۾ مخالف ڌر جي اتحاد جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف جي هڪ وطن پرست ميمبر شهريار مهر طرفان قوم لاءِ ٺهراءَ جو ساٿ ڏيڻ سنڌ جي سياسي جدوجهد واري تاريخ جو وڻندڙ عنوان بنجي ويو آهي.
صدارتي آرڊيننس جي آئيني حيثيت تڪراري بنجڻ سان اهو معاملو سموري ملڪ ۾پکڙجڻ بعد هاڻي اهو ڪيس پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾پڻ اٿي پيو آهي. وفاق طرفان سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن سميت صدارتي آرڊيننس ذريعي آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ وارا معاملا عملي طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرافيائي بيهڪ کي تبديل ڪري ٻنهي صوبن جي سامونڊي ايراضين، ٻيٽن ۽ عالمي سامونڊي حدن ۽ سندن ايراضين کي صوبن کان ڌار ڪري جيڪو نقشو تيار ڪيو پئي ويو ان تي جيڪڏهن غور ڪجي ته اهو ڪم دراصل ٻن صوبن جي سامونڊي پٽي، سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود 500 کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن ٻيٽن کي ڌار ڪري هڪ نئين صوبي ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم هو. جنهن تي ملڪ جي ٻنهي متاثر صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام، سول سوسائٽي، قانوندانن، سياسي ڌرين، ساڃهه وندن ۽ صحافين طرفان هڪ ئي وقت ۾ شديد ردعمل جو پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه هئي.
وفاقي سرڪار پنهنجي تڪراري عمل سان ملڪ جي آئين ، قانون ۽ قائدن جي نه صرف لتاڙ ڪئي پر سموري ملڪ جي اکين ۾ مٽي وجهي، صوبن جي آئيني خودمختياري ۾ مداخلت ڪندي وزير اعظم عمران خان جي سفارش تي صدر مملڪت طرفان رات جي اونداهي ۾ جاري ڪيل صدارتي آرڊينينس، ملڪ جي تاريخ جو اهڙو اندوهناڪ واقعو آهي جنهن تي سموري ملڪ ۾گوڙ مچي ويو آهي. سنڌ ۾ حڪومت جي مخالف ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان بروقت قدم کنيا ويا. آرڊيننس خلاف سنڌ سرڪار جي احتجاج، صوبائي ڪابينا جي مخالفت واري جاري ڪيل فيصلي بعد ان جي بنياد تي سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ ٺهراءَ منظور ڪرڻ سان هاڻي يقيني طور تي سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون نه صرف پوريون ٿي ويون آهن پر صوبائي حڪومت طرفان وفاقي پارلياماني سرشتي جو لحاظ ڪندي سموريون قانوني حجتون پڻ پوريون ڪيون ويون آهن جو ان آئيني ۽ قانوني عمل سان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ صوبو ، وفاق خلاف ڪنهن به قسم جي بغاوت نه ڪري رهيو آهي پر هو حقيقي طور تي ملڪ جي ان آئين جي پاسداري ڪري رهيو آهي جنهن جي پابندي ڪرڻ سمورين ڌرين لاءِ لازمي آهي . يقيني طور تي ملڪ جي آئين جي پابندي ڪرڻ وفاقي سرڪار لاءِ سڀ کان وڌيڪ لازمي ڳالهه آهي جو هن کي صوبن مٿان گهڻن آئيني معاملن ۾ بالادستي حاصل آهي. ملڪ جي پارلياماني جمهوري سرشتي ۾ پارليامنيٽ جي ٻن ايوانن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان ۾ڌرين ۾ پارلياماني طاقت جي ورهاست ۽ ان کان علاوه وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٻه طرفا معاملا، بجيٽ، ماليات، فنڊز جي ورهاست، دفاع، گهرو ۽ پرڏيهي معاملا بنيادي اهميت، حيثيت ۽ تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه وفاق ۽ ان جي وحدتن واري اصل بنياد صوبن تي بيٺل آهي، جنهن کانسواءِ وفاق يا وفاقي حڪومت جو وجود پڻ سواليا نشان بنجي وڃي ٿو.
سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان اهو ڪيس پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ ئي وقت ۾ آندو ويو آهي. جنهن ۾ بلوچستان جي مخالف ڌر جي پارلياماني جماعتن جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان پڻ اهو معاملو اٿاريو ويو آهي. سينيٽ آف پاڪستان جي جاري اجلاس ۾ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر رضا رباني طرفان ايوان ۾ سمورا آئيني ۽ قانون نقطا واضح نموني بيان ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته، ملڪ جا سمنڊ، سامونڊي پٽي ۽ ٻيٽ ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي ملڪيت آهن. جنهن تي وفاق جو ڪوبه حق ۽ اختيار نه آهي. اهڙي ريت، صوبن جي انهن سامونڊي ايراضين کي اتان جي عوام ۽ صوبائي حڪومت جي مرضي کانسواءِ ڪوبه پنهنجي قبضي ۾ نه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي انهن تي اڏاوتون قائم ڪري سگهجن ٿيون ۽ نه ئي انهن کي وڪرو ڪري سگهجي ٿو. سينيٽر رضا رباني طرفان وڌيڪ موقف پيش ڪيو ويو ته وفاق طرفان صوبن جي حقن ۽ آئيني ۽ تاريخي حدن ۾ مداخلت ڪري ملڪ تي عملي طور تي هڪ طريقي جو ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪو هر لحاظ کان غير آئيني عمل آهي. هن گهر ڪئي ته، صدارتي آرڊيننس پارليامينٽ جي اجلاسن جاري رهڻ باوجود جاري ڪيو ويو ۽ ان کي اڃان تائين ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ان کي پارليامينٽ ۾ بحث لاءِ نه آڻڻ وفاقي سرڪار جو غير آئيني ۽ بدنيتي تي ٻڌل عمل آهي.
وفاق پاڪستان جي چئن مان ٻه وڏيون قومي وحدتون ، سنڌ ۽ بلوچستان صوبا، جيڪي وفاقي سرڪار ۽ وفاق جي تازن تڪراري فيصلن جو شڪار ٿيا آهن. جنهن مان سنڌ صوبي جي اسيمبلي ٺهراءَ ذريعي پنهنجي آئيني حق جي حفاظت شانائتي نموني ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. هاڻي بلوچستان صوبي جي عوام، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۽ انهن جي اسيمبلي ميمبرن کي پڻ پنهنجي حقن ۽ وطن جي حفاظت ۽ آئيني ۽ قانوني داد رسي لاءِ پاڻ ملهائڻو آهي. سنڌ اسيمبلي طرفان صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ وارو ٺهراءَ منظور ٿيڻ سان سنڌ صوبي جي حقن جي حفاظت سان گڏوگڏ ان آئيني ٺهراءَ سان بلوچستان صوبي جي حقن کي پڻ سڌي ريت پٺڀرائي حاصل ٿي ويئي آهي. هاڻي اهو فرض بلوچستان صوبي جي عوام ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي لاڳو ٿي ويو آهي ته هو صوبائي حڪومت کي سڌي رستي تي آڻين ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ پڻ صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءَ منظور ڪرائين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *