Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_q0pe4d3sl1snr67e7qi2rjf6ci, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
صفدر جي گرفتاري حڪومت کي ڳچي ۾ پئجي وئي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar صفدر جي گرفتاري حڪومت کي ڳچي ۾ پئجي وئي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

صفدر جي گرفتاري حڪومت کي ڳچي ۾ پئجي وئي

ڪراچي ۾ ريٽائر ڪيپٽن صفدر اعواڻ جي گرفتاري وارو واقعو واقعن ۾ تبديل ٿي ويو. آءِ جي سنڌ پوليس جو “اغوا” ٿيو. کانئس ايف آءِ آر ڪٽائڻ جون زوري هدايتون ورتيون ويون. ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي جي اڳواڻ مريم نواز جي ڪمري جو در ڀڃي پوليس اسر ويل داخل ٿي سندس مڙس کي گرفتار ڪيو. آءِ جي پوليس جي “اغوا” ۽ ايف آءِ آر لاءِ زوري هدايتون وٺڻ خلاف سنڌ صوبي جي ايس ايس پيز کان وٺي آءِ جي تائين سئو آفيسرن اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ کان معذوري ڏيکاري ۽ موڪل جون درخواستون لکي ڏنيون. حالتون ايترو چوٽ چڙهي ويون جو بلاول ڀٽو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف جا نالا کڻي چيو ته اهي معاملي جي جاچ ڪن ته وردي واري ايجنسي جي اهلڪار سنڌ پوليس جي سربراهه کي ڪيئن کنڀيو ۽ کانئس ڪيئن زوري هدايتون ورتيون. نيٺ آرمي چيف کي وچ ۾ اچڻو پيو جنهن بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو.
ظاهر آهي ته وردي واري وفاقي ايجنسي پنهنجي ليکي اهڙو قدم نٿي کڻي سگهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ان جي فورس (پوليس) هڪڙي پاسي ۽ اها ايجنسي ٻئي پاسي هجي. اهو ڪيئن ٿيو ته وفاقي ايجنسي ۽ سنڌ پوليس کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهاريو ويو؟ ظاهر آهي ته ڪو وڏو هٿ هوندو. اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چوي ٿو ته رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ سڌي طرح وزيراعظم جو حڪم مڃينديون آهن سندس ڳالهه ان ڪري به صحيح مڃي ويندي ڇاڪاڻ جو هو وزيراعظم رهي چڪو آهي. وزيراعظم آخر اهڙو حڪم ڇو ڏنو جنهن ۾ آئين ۽ قانون جا سمورا پاسا اورانگهي صوبي جي انتظامي معاملن ۾ غير معمولي حد تائين مداخلت ڪئي وئي؟ هاڻي ڳالهه اتي وڃي بيٺي ته وزيراعظم جي ڏنل هدايتن خلاف آرمي چيف جاچ ڪرائيندو. مريم نوازڪجهه ڏينهن اڳ الائي ڇو چيو هو ته صفحو پلٽجي به سگهي ٿو.
غلطي ٿي وئي، جنهن ڳالهه جو گمان هو سا ٿي وئي. اپوزيشن جي گوجرانوالا ۽ ڪراچي جي ٻن جلسن معاملي کي ايترو تپائي وڌو هو جو وفاقي حڪومت هوش بدران جوش وچان عمل ڪرڻ لڳي. اهو فيصلو به ڪجهه اهڙو ئي لڳي ٿو. هونئن ٿيڻ ايئن گهرجي ته ايڏو وڏو قدم جنهن ۾ هڪ صوبي جي سڄي پوليس بطور احتجاج ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ته معاملي جو ملڪ جون اعليٰ عدالتون نوٽيس وٺن ڇاڪاڻ جو اهو هڪ طرح سان رياست جي ناڪامي جو اهڃاڻ ڏئي ٿو.
وزيراعظم توڙي سندس ڪچن ڪابينا جي ڪاوڙ سمجهه ۾ اچي ٿي جنهن جو اظهار اهڙي قسم جي هدايتن توڙي بيانن ذريعي ڪري رهيا آهن. پي ڊي ايم جي جلسن جي ڪاميابي وڏي پيماني تي ماڻهن جي شرڪت ۽ اتي ٿيل تقريرون ۽ بيانيو ئي ناهي. بلڪه جلسن جي جوش خروش ملڪ اندر سياسي موقف ۽ بحث جو موضوع ئي مٽائي ڇڏيو آهي. خيال هو ته قائداعظم جي مزار جي بي ادبي معاملي کي کڻي حڪومت اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏيندي. پر اهو ڦوڪڻو ايڏي ڌماڪي سان ڦاٽو جو ماڳهين ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. هاڻي رڳو اپوزيشن جا جلسا ئي نه پر جهڙي طريقي سان صفدر اعواڻ جي گرفتاري ٿي ۽ جهڙي طريقي سان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي تنهن مان جند ڇڏائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هن واقعي بعد اپوزيشن جماعتون هيڪاري هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجهو اچي ويون آهن. بلاول ڀٽو لاءِ واقعو سنڌ جي روايتي مهمان نوازي جي ابتڙ ٿي بيٺو هو، کيس پنهنجي مهمان مريم نواز کان سرعام معافي وٺڻي پئي ۽ چيو ته شرم وچان اسين ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه آهيون. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ جذباتي تعلق پيدا ٿي پيو جيڪو جمهوري تحريڪ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. ها اهو به ضرور ٿيو ته واقعي بعد صفدر اعواڻ به ليڊر ٿي ويو. خير اهو ته اضافي فائدو آهي. فائدو اهو به ٿيو ته مريم نواز رڳو ڪراچيءَ ۾ ئي نه پر باقي سنڌ ۾ به متعارف ٿي وئي.
هاڻي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ يا اختر مينگل ئي نه پر نواز شريف ان کانپوءِ بلاول ڀٽو توڙي مولانا فضل الرحمان به نالا کڻي ڳالهائي رهيا آهن. پي ڊي ايم پنهنجي سخت موقف تي قائم آهي ۽ ملندڙ موٽ کيس وڌيڪ سگهارو ڪري رهي آهي. سندس قدم ۽ حڪمت عملي ٻڌائين ٿا ته اها وفاقي حڪومت سان جهيڙي ۾ آهي.
حڪمران جماعت به ساڳي بلڪه ان کان وڌيڪ موٽ ڏئي رهي آهي. صفدر اعواڻ جي گرفتاري وارو سمان به پنهنجي جاءِ تي پر سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز اپوزيشن ليڊرن کي ڦورو سڏيو. اپوزيشن طرفان نالا کڻڻ جي موٽ ۾ هن وري مريم نواز تي ٽوڪ ڪئي ته اها ميڪ اپ ۽ ڊريسنگ ذريعي پاڻ کي بينظير جيان ڏيکارڻ گهري ٿي. مريم نواز کي هڪ ذميوار حڪومتي ليڊر “ناني” هجڻ جي به ٽوڪ ڪئي.
بلاول ڀٽو صحيح چيو هو ته هڪ ڌڪ ۾ وفاقي حڪومت ڪيئي ليڪا لتاڙي وئي آهي. لڳي به ايئن ٿو، صوبائي حڪومت کي معذور ڪرڻ، ان ۾ سڌي طرح مداخلت ڪرڻ، هڪ ئي وقت ڊبل چين آف ڪمانڊ تي معاملا بيهارڻ، صوبي ۽ وفاقي فورسز کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهارڻ. وفاقي حڪومت طرفان هڪ ايجنسي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ وغيره وغيره. اهي سڀ حساس ۽ گهڻو ڳنڀير معاملا آهن. هاڻي ڇا ٿيندو؟ ڪراچي جي واقعن حڪومت کي پوئتي هٽايو آهي. اها بئڪ فوٽ تي آهي، پر اپوزيشن کي جيترو فائدو مليو آهي، سو حڪومت کان برداشت نه ٿيندو ۽ نه ئي وري اپوزيشن ان تي اڪتفا ڪندي. مطلب جهيڙو اڃان وڌندو. اپوزيشن وڌيڪ جلسا ڪندي، روڊن تي نڪري ايندي، حڪومت وٽ ڪيس داخل ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ يا ڏنڊو گهمائڻ جو آپشن هوندو پر اپوزيشن ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
اصل ڳالهه سياسي حل ڳولڻ جي آهي. اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ سياسي طاقتون آهن اهي سڀ طاقتون ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ اسٽيڪ هولڊر آهن. انهن کي فيصلا سازي توڙي انتطامن ۾، ايتري قدر جو مجموعي طور نظام ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو. ضد، هوڏ ۽ گهمنڊ سياست توڙي رياست هلائي نٿا سگهن. ڳالهيون ۽ شرڪت آئين جمهوريت ۽ ملڪ هلائي سگهن ٿيون. ان ڪري ڪنهن کي ته شروعات ڪرڻي پوندي. پوئتي هٽڻو پوندو. اهو پوئتي هٽڻ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندو ۽ ايئن تاريخ ۾ سندس نالو لکجي ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *