Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_h6uqptgq5m3qgrtqe8jdf2rq5q, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
صوبائي عهدن تي وفاقي ڪامورن جون مقرريون ۽ خدشا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar صوبائي عهدن تي وفاقي ڪامورن جون مقرريون ۽ خدشا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

صوبائي عهدن تي وفاقي ڪامورن جون مقرريون ۽ خدشا

سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ بدلين ۽ مقررين واري اختيارن جي حوالي سان بيچيني ته اڳ ئي گھڻي پکڙيل هئي پر تازو وفاقي وزير علي زيدي پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ سنڌ جي حوالي سان جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ته جيڪڏهن ن ليگ اڳواڻ صفدر اعواڻ مٿان ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته سنڌ جي ڄاڻايل ٻنهي هاءِ ڪمان آفيسرن کي (آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي) او ايس ڊي بڻايو ويندو! وفاقي وزير جي بيان مان اهو واضح لڳي رهيو هو ته سنڌ جي ٻنهي صوبائي عهدن تي جيڪي وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جا ڪامورا مقرر ٿيل آهن انهن تي اختيار ئي وفاقي سرڪار جا هلن ٿا، جيتوڻيڪ صوبي جي ايگزيڪيٽو اٿارٽي يعني وڏي وزير وٽ به وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ڪاموري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو به اختيار ناهي، وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ڪامورن کان ڀلي صوبي ۾ ڪهڙي به ڪوتاهي ٿئي ته ان ۾ سنڌ حڪومت جون اعليٰ اختياريون کيس شوڪاز ڏيڻ بجاءِ صوبي بدر ڪري سگھن ٿيون، پر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي سڌي ريت سنڌ حڪومت هٽائي ۽ مقرر ئي نه ٿي ڪري سگھي. کين هٽائڻ يا سندس خدمتون واپس وٺڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار به وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي آهي. ان ڪري ٻنهي صوبائي عهدن تي ويٺل وفاقي ڪامورا وقت پوڻ تي صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽي کان وڌيڪ وفاق جي حڪمن کي ئي مڃيندا آهن، اهڙا ڪيئي مثال ويجھي ماضي ۾ سامهون به اچي چڪا آهن جيئن اڳوڻن ٻن انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي ) اي ڊي خواجا ۽ ڊاڪٽر ڪليم امام سنڌ حڪومت سان ٽڪراءُ ۾آيا هئا. سنڌ حڪومت کين هٽائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پر کين عهدن تان هٽائي نه سگھي. ٻنهي آءِ جيز واري معاملي کان پوءِ خاص طور تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ بيچيني پکڙيل هئي ته سنڌ صوبي جي انتظامي پوسٽن تي به صوبي جي اعليٰ اختيارين جو اختيار نه ٿو هلي!؟
هلندي هلندي اهڙي بيچيني گھڻو اڳتي وڌي وئي ۽ سنڌ حڪومت پاران تازو قائم ڪيل پراونشل مئنيجمينٽ سروس (پي ايم ايس ) جي آفيسرن پاران سپريم ڪورٽ تائين اهڙي پٽيشن به داخل ڪرائي وئي هئي ته سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين جي مقررين جا اختيار سڌي ريت صوبن حوالي ئي هجڻ گھرجن، پر ان پٽيشن تي فيصلو ڏنو ويو ته اهو معاملو لاڳاپيل فورم ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ ) ۾ اٿاري سگھجي ٿو.
هاڻي تازو وري وفاق حڪومت پاران ايس آر او 1046 نالي نئون رولز آندو ويو آهي، اهو رولز لاڳاپيل فورم يعني اسيمبلي مان ناهي آندو ويو پر هڪ عام نوٽيفڪيشن جيان جاري ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل رولز تي سنڌ جي پي ايس ايس ۽ پي ايم ايس ڪيڊر جي ڪامورن پاران گڏيل طور تي اعتراض ڪندي وڏي وزير ڏانهن خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل ايس آر او 1046 غير آئيني آهي، اعتراض اهو به ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل رولز لاڳاپيل فورم مان آڻڻ بجاءِ هڪ عام نوٽيفڪيشن جيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ صوبائي سروس جي ڪامورن کي سڌي ريت نظرانداز ڪيو ويو آهي. صوبائي سروس جي ڪامورن پاران وڏي وزير ڏانهن لکيل خط ۾ اهي به خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن ته وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ڪامورن جي صوبائي عهدن تي مقررين سان صوبائي سروس جي ڪامورن جي حقن تي ڌاڙا لڳن ٿا، خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڄاڻايل ايس آر او 1046 غير آئيني آهي ان کي سنڌ اسيمبلي مان رد ڪرايو وڃي.
سنڌ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ واريون 2 اهم پوسٽون آهن، جيڪي فورس ۽ صوبائي انتظام سنڀاليندڙ اهم ترين عهدا آهن پر ٻنهي عهدن تي مختص ڪوٽا موجب رڳو وفاق جي اسٽبلشمينٽ ڊويزن مان ئي ڪامورا ٻنهي عهدن تائين رسائي ماڻي سگھندا آهن، ٻنهي عهدن تي ويٺل ڪامورن کي وفاق جا اهي حڪم به مڃڻا پوندا آهن جن جون صوبائي ايگزيڪيوٽو اختياريون به مخالف هجن، جيڪڏهن ايئن ناهي ٿيندو ته کين او ايس ڊي بڻائڻ جهڙا تلخ جملا به ٻڌڻا پوندا آهن، ان سان نه صرف اهم عهدن تي ويٺل ڪامورن جي دل آزاري ٿئي ٿي پر صوبائي حڪومتن کي به صوبائي خودمختياري بابت سوال اٿارڻا پوندا آهن،
هن وقت مجموعي طور رڳو سنڌ ۾ 300 کان وڌيڪ ننڍين وڏين پوسٽن تي وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جا ڪامورا ويٺل آهن، جنهن تي پڻ صوبائي سروس جي ڪامورن کي اعتراض آهن، ڇاڪاڻ ته صوبائي سروس جي ڪامورن جو چوڻ آهي ته سندن سموريون پوسٽون وفاقي سروس جي ڪامورن سان ئي ڀرجي وڃن ٿيون ۽ سندن لاءِ پوسٽون گھٽجي وڃن ٿيون. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي گڏيل ڪوششن سان ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي جيئن صوبائي سروس جي ڪامورن مان به بيچيني ختم ٿي سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *