تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ظالمن اسان کان“بابلا” کسي ڇڏيو…!

ڪراچي جي آغا خان اسپتال ٻاهران پنهنجي دوست احمد مغل سان گڏ بيٺو ئي هوس ته اوچتو هڪ فون آئي ۽ اهو نياپو مليو ته ڪامي موٽي آ، بابلا هن دنيا ۾ ناهي رهيو. اها رات2 سيپٽمبر جي هئي ۽ ٽائيم 8 لڳي 42 منٽ ٿيو هو، جڏهن اهڙي اڀاڳي خبر ملي ته منهنجا هوش خطا ٿي ويا، منهنجي اکين اڳيان انڌاري اچي وئي ۽ اسپتال ٻاهران ڀِت سان ٽيڪ ڏئي اهو سوچيندو رهيس ته نه رڳو معصوم ٻچڙن ناياب ۽ تقويٰ جو سهارو، پر معصوم فلڪ راڻي، مزمل، مدثر، فاطمه سوڌو مون کان اسان جو بابلا کسجي ويو، پنهنجن ڀائرن جو ساٿي ۽ دوستن جو به ڀرجهلو موڪلائي ويو، هنن کان اهو شخص کسجي ويو،جنهن هميشه کين سڏ ۾ سڏ ڏنو هو، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ هن جي فطرت ۾ شامل هو، پاڻ کان ننڍڙن کي هميشه نصيحت ڪرڻ ۽ نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ پاڻ لوچيندڙ ۽ هميشه فڪرمند رهندڙ کانئن کسجي ويو، انهن ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو،اسان کان اسان جو ضياءَ هميشه لاءِ کسي ڇڏيو، هاڻي اسان هڪ ڀرجهلي،شفيق ۽ مدبر انسان کان محروم ٿي وياسين، جنهن جو خال ڀرجڻ ناممڪن ئي آهي.
اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ٻاهران ماما ضياءَ جا نه صرف ڀائر اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، پر گڏوگڏ ان جا دوست به روئندي هڪ ٻئي کي آٿت ڏئي رهيا هئا ته ڪجهه ناهي ٿيو، ضياءَ اڪيلو نٿو ڪري سگهي، منهنجي اکين مان به ڳوڙها زارو قطار ڇوليون هڻي وهي رهيا هئا، زندگي جو گذاريل ڳچ عرصو اکين اڳيان گهمي رهيو هو، بس اهو ئي سوچي رهيو هوس ته هاڻي اهڙي حجت ڪنهن سان ڪندس، اهي انگل ڪنهن سان ڪبا، جنهن جي موٽ ۾ صرف پيار ئي مليو، توڙي جو عمر ۾ مونکان 5 سال وڏو هو، پر زندگي ۾ سدائين هڪ دوست ٿي ڪري رهياسين،اهڙا دوست ٿي رهياسين، جيڪي ورلي گهٽ ملندا آهن، هن سان يادگيرين جا وڏا داستان آهن، هو منهنجي زندگي جي ڏکن ۽ سکن جو ساٿي رهيو،منهنجي مستقبل جي باري ۾ هميشه فڪرمند رهيو، مونکي صلاحون ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي به همت پيدا ڪئي. منهنجو ماما!ٰ پنهنجي زندگي ۾ انتهائي سوشل ورڪر ۽ ٻين جي ڪم ايندڙ ماڻهو رهيو هو، هو 16 سالن کان ڪراچي جي شهر ۾ رهائش پذير هو، جهنگل شاهه ڪياماڙي ڪاليج ۾ سندس ڊيوٽي هئي ۽ ريگيولر پنهنجي نوڪري سرانجام ڏني، ڪميٽيڊ انسان رهيو، هن محمود آباد ۾ ٽن سالن تائين رهائش اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ ديرو ڄمايو، ڪراچي ۾ وڏي عرصي تائين رهڻ ڪري هميشه مٽن مائٽن ۽ سنگتين جو ڀرجهلو رهيو، سندس ڪشادا اڱڻ هميشه کليل رهيا، دسترخوان به دوستن لاءِ سجايل رهيا، ڪير به سندس در تان خالي نه موٽيو، هن جي عمر ڦوهه جواني واري هئي، پر ياري باشي ۾ هو ٻين ڀائرن، ڀائٽين، ڀاڻجن کان اڳڀرو رهيو، هن جا ڪراچي ۾ ايترا ته سنگتي ڏٺا، جيڪي مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺا، آغا خان اسپتال ۾ جڏهن ماڻهن جي اچ وڃ ڏٺي ته مون محسوس ڪيو ته جنهن شخص جا ايترا دوست آهن، ڇا هو ڀلا سڀني کي اڪيلو ڇڏي وڃي سگهي ٿو.؟
اڙي!ظالمو. هن جون ته اڃان 2 معصوم نياڻيون هيون، جيڪي بي سمجهه هيون، انهن معصوم ٻارن کان توهان سهارو کسي ڇڏيو، ناياب ۽ تقويٰ کي پنهنجو بابا تمام گهڻو پيار ڪندو هو، ناياب مس ئي ته پهرين جماعت جا پيپر پاس ڪيا هئا، تقويٰ ته اڃان اسڪول وڃڻ جي تياري ۾ هئي، هن ته اڃان سوچيو ئي هو ته هن سال تقويٰ کي به اسڪول ۾ داخل ڪرائڻو آهي، ناياب جو اسڪول تبديل ڪرڻو آهي، رهائش واري جاءِ تبديل ڪري ڪنهن ويجهي ماڳ تي وٺڻي آهي، جتي اسڪول به ويجهو هجي ته نوڪري ڪرڻ وارو ماڳ ، پر هن کي ڪهڙي خبر هئي ته ڪورونا وائرس جي ڪري هو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ڳوٺ ۾ وڃي رهندو ۽ پوءِ محرم الحرام مهيني جي 11 هين تاريخ تي ظالم مٿس حملو ڪندا ۽ 13 سيپٽمبر يعني ڪربلا جي شهيدن جي ٽيجهي واري رات هو رضا الاهي سان هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويندو،هو بيگناهه ماريو ويو، سندس نياڻيون ڏسون ٿا ته اهو ياد ٿو اچي ته:
منهنجي معصوم ٻچڙن جي
سار لهجو مونکان پوءِ….!
بلڪل اهڙي شخص جي وڃڻ کانپوءِ سندن ٻارن لاءِ فڪرمند آهيون، هنن کي ڪير ٻڌائي ته اوهان جو بابا هن دنيا ۾ ناهي رهيو، هو ته بي سمجهه آهن، بي سمجهه جي آهه ۽ دانهن ضرور رنگ لائيندي، بيڏوهي ماريو ويندڙ شهيد ضياءَ سهتي جا قاتل به پنهنجا آهن، اهي عزيز جن جي مسئلن ۾ به سدائين هو اڳيان رهيو، هڪ اهڙي جوابدار جنهن لاءِ هن ڪراچي ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، هن کي سهارو ڏنو، ڏکئي مهل ۾ هن کي اهڙو سهارو ڏنو، نه صرف هڪڙو، پر سندس قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن تي هن شهيد جا اڻ ڳڻيا ٿورا هئا، پر خبر ناهي ته شهيد ماما کان الائي ڪهڙي غلطي ٿي جو کيس بيگناهه ماريو ويو، پوليس جو سدائين ڪردار هميشه مقتول ڌر نه پر جوابدار ڌر ڏانهن اڳڀرو رهيو آهي، هتي به ڪجهه ايئن پيو ٿئي، پوليس ٻه هفتا گذرڻ جي باوجود مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،سندن گرفتاري لاءِ ڪنڊيارو کان ڪراچي تائين احتجاج به ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي سان به وارثن جي ملاقات ٿي آهي، پر پوليس ڪا به اڳڀرائي ناهي ڏيکاري،جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پوليس هن ڪيس کي خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪري رهي آهي،پوليس چاهي ڀلي ڪيترو به هن ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر مونکي يقين آهي ته هن ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي سزا ملندي ۽ شهيد جي ٻارن توڙي دوستن کي انصاف ملندو، ڇاڪاڻ ته هنن صرف اڪيلو ضياءَ نه پر سماج کان سندس بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ بهترين سڌارڪ به کسيو آهي، اهو به يقين اٿم ته قاتل سک سان نه هوندا، هنن تي خوف طاري ٿي ويو هوندو،اسان پرامن طريقي سان ظالمن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، پنهنجو فيصلو قدرت تي ڇڏي ڏنو آهي، قدرت کين بهتر سزا ڏئي سگهي ٿي، ضرور معصوم ٻچڙن ناياب ۽ تقويٰ کان سهارو کسيندڙن کي سزا ملندي، اهڙي سزا، جنهن بعد هو ڪڏهن به ڪنهن معصوم ٻچڙن کان سهارو کسڻ جي ڪوشش نه ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *